; سنڌي شخصيتون: قربان جيلاني - سيد يار محمد شاهه

24 May, 2012

قربان جيلاني - سيد يار محمد شاهه


قربان جيلاني
ٽي وي ۽ فلم ۾ هڪ جيترو ڪامياب
سيد يار محمد شاهه
سنڌي ۽ اردو ڊرامن، فلمن ۽ ريڊيو جو سپراسٽار قربان جيلاني اڄ جي ٽهيءَ کي ياد هجي يا نه هجي، پر سندس ٻه فرزند ڪامران جيلاني ۽ عدنان جيلاني اڄ نئين ٽهيءَ جا پسنديده فنڪار ضرور ليکيا وڃن ٿا.
قربان جيلاني، محمد علي، مصطفيٰ قريشي وارن جي دور ۾ ريڊيو سان وابسته رهيو ۽ پهرئين جوڙ جو فنڪار ليکيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پوءِ هو ڪراچي ريڊيو سان بحيثيت انائونسر ۽ صداڪار آخر تائين وابسته رهيو، جڏهن ته سنڌي فلمن ۽ سنڌي اردو ٽيليويزن ڊرامن ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. ان کان علاوه فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ اداره قائم ڪري، انعامي اسڪيمون به هلايون، جنهن تان کيس هڪ دفعو جيل به وڃڻو پيو 
.
قربان جيلاني هر فن مولا فنڪار هو، ۽ غزالا رفيق مرحومه سان سندس جوڙي ڄميل هئي. هنن سوين سنڌي اردو ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ جي دور کان وٺي رنگين دور تائين ڪئين يادگار ڊرامه به ڪيا ۽ ڪيترا شو پڻ ڪيائون.
مون سان سندس وابستگي ان وقت ٿي جڏهن اسان مزاحيه خاڪن جو پروگرام ”چهچٽو“ وڏي ڪاميابيءَ سان ڪري رهيا هئاسين. ان وقت هر وڏي فنڪار کي اسان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اشتياق هوندو هو. هڪ ڏينهن قربان جيلاني، منظور قريشيءَ جي آفيس ۾ آيو ۽ مزاحيه خاڪن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين. منظور قريشيءَ کيس ٽي عدد مزاحيه خاڪا مون سان گڏ ياد ڪرڻ لاءِ چيو. ريهرسل ڪرڻ دوران هو پنهنجي سينيارٽي جي ذريعي مون کي ڪافي مرعوب ڪري چڪو هو، پر جڏهن هڪ خاڪي ۾ هو غريب ٽانگي واري جي حيثيت ۾ مون وٽ اخبار ۾ ڏنل ايڊيٽريءَ جي پوسٽ لاءِ آيو، ۽ ساڻس جڏهن ريڪارڊنگ دوران، اضافي مڪالمن جي ڏي وٺ ٿي ته هن پنهنجي طرفان جيڪي اضافي مڪالما چيا، تن جو جڏهن مون ايڪشن ۽ جوابي مڪالمن سان منهن ڏنو، ته هو پنهنجا جملا وساري ويٺو ۽ پوءِ ڪيترا ري ٽيڪ ٿيا ۽ ان کان پوءِ منظور قريشيءَ کي چيائين ته ”هي فنڪار ڪٿان آندو اٿوَ“. منظور کلي ٻڌايس ته ”هي اسٽيج جو فنڪار آهي“. ان کان پوءِ هن منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ دوستي جي دائري ۾ هميشه لاءِ شامل ڪري ڇڏيو. فنڪارن جي حقن جي جدوجهد لاءِ جيڪا به جاکوڙ ڪيائين ان ۾ مون کي هميشه گڏ رکڻ جي ڪوشش ڪيائين.جڏهن دليپ ڪمار فاطميد وارن جي طرفان پاڪستان ۾ آيو هو، ته مرحوم عبدالڪريم بلوچ صاحب جي چوڻ تي سنڌي فنڪارن جو هڪ وفد قربان جيلاني جي قيادت ۾ دليپ ڪمار سان هوٽل انٽرڪانٽينينٽل جي هڪ ڪمري ۾ مليو. خوب ڪچهري ٿي، تصويرون به ڪڍايوسين، جن جي هدايت خود دليپ صاحب ڏني. ان گڏجاڻيءَ ۾ اسان ٽنهي کان علاوه ٻيا جيڪي فنڪار موجود هئا انهن ۾ محمود صديقي، گلاب چانڊيو، منظور مراد، شهباز دراني، سندس پٽ گل، يوسف علي، نواب مهدي، سڪينه سمون، شهزادي ۽ قرباني جيلاني جي زال به شامل هئي.
قربان جيلانيءَ، دليپ صاحب کي تمام گهڻي منٿ ڪئي ته هو سندس طرفان اعلان ڪيل فنڪارن جي نئين تنظيم جو افتتاح پنهنجي هٿن سان ڪري وڃي، جنهن تي دليپ صاحب انڪار ڪندي چيو ته اهو ڪم توهان پنهنجي ملڪ جي ڪنهن نامور فنڪار کان ڪرايو ته بهتر ٿيندو. بھرحال قربان جيلانيءَ جيڪو رويو اختيار ڪيو ان تي دليپ صاحب سخت لهجي ۾ کيس جواب ڏنو. ان کان پوءِ محمود صديقيءَ به کيس سنڌي فلم ”علي گوهر“ ۾ بطور مهمان جي هڪ جهلڪ ڏيڻ جي گذارش ڪئي، جنهن کي به جواب ڏنائين، پر مون جڏهن کيس ٻڌايو ته توهان ٿرپارڪر ۾ هڪ خيراتي اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ رسول بخش پليجو صاحب سان هڪ چيريٽي شو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪڏهن اسان ان سلسلي ۾ ڪو قدم کڻون ته ڇا توهان اسان سان تعاون ڪندئو. دليپ صاحب خاموش ٿي ويو، موڪلائڻ کان پوءِ سندس ميزبان ناظم جيوا کي ڪن ۾ ڪجهه چيائين جنهن مون کي ٻاهر روڪي اچي چيو ته دليپ صاحب توهان جي لاءِ چيو آهي ته توهان کان پڇان ته ڪهڙا فنڪار گڏ وٺي اچان ۽ اهو پروگرام ترتيب ڏيئي مون سان رابطو ڪندا. ان کان پوءِ ناظم جيوا مون سان ڪجهه نشستون رکيون، ان کان پوءِ آهسته آهسته منهن موڙي ويو.
قربان جيلاني سان جيئن ته ٽيليويزن جي مختلف ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو به مليو، هڪ يادگار ڪردار ڊرامه سيريل ”زنگار“ ۾ ساڻس دوبدو ٽڪر جو هو. ڊرامي جو هدايتڪار پروڊيوسر اقبال انصاري هيو، جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ لاهور جو توقير ناصر به شامل هو. ڊرامو بي انتها مقبول ويو ۽ دوران ريڪارڊنگ ساڻس ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ۽ ان ڏي وٺ مان مزو سڀئي ساٿي وٺندا هئا، خصوصا پروڊيوسر اقبال انصاري کيس منهنجي حوالي سان چيڙائيندو به هو. ان کان پوءِ اسان ۾ اندران فنڪار جيليسي به جاڳي پئي، ۽ پوءِ جڏهن به ڪو ڪم گڏ ڪيوسين، ته ريهرسل دوران پنهنجا پتا لڪائي رکندا هئاسين. بحرحال جواني هئي، ڪراچيءَ ۾ ۽ ڪراچي جي فلمي اسٽوڊيوز ۾ قربان جيلاني جي وڏي هاڪ هوندي هئي، وڏو دائرو هوندو هو، اخبارن ۾ سندس وڏي ڪوريج ڇپبي رهندي هئي، ۽ هن جاکوڙي فنڪار سنڌي ٻولي، سنڌي ڊرامن، ريڊيو جي صداڪاري ۽ سنڌي فلمن ۾ پنهنجي پورهئي سان پنهنجو پاڻ به مڃرايو ۽ سنڌي ثقافت ۽ فنڪار کي سندس حق ڏيارڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي. سندس مشهور سنڌي فلمن ۾ ”چانڊوڪي، جيجل ماءُ، غيرت جو سوال، البيلي، رت جا رشتا، رت جي راند ۽ شهزور“ شامل آهن.سنڌي شوبز جي تاريخ ۾ اڄ به قربان جيلانيءَ جو ڪردار ڪر کنيو بيٺو آهي.پاڻ وڏي عرصي تائين شوبز تي حاوي رهيو ۽ انيڪ يادون ڇڏي اسان کي ٻن پٽن عدنان جيلاني ۽ ڪامران جيلاني جي روپ ۾ پنهنجو تسلسل ڏيئي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. اسان جي هميشه جيان ڪراچي ٽيليويزن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ريڊيو پاڪستان وارن ۽ سنڌ جي ثقافتي کاتي وارن کي اپيل آهي ته هو هن عظيم فنڪار جي پورهئي جي عيوض مڃتا لاءِ ڪي ايوارڊ مقرر ڪن. ڪنهن هال جو نالو ساڻس منسوب ڪن.

No comments:

راءِ ڏيندا