پريل پينار
سارنگ علي سولنگي
پريل ولد چڀڙ، ذات ڀيل، تخلص ”پينار“،
اصل ڳوٺ سلاواھ، پوءِ هميشه لاءِ ٻيراڻي، تعلقه شهدادپور، ضلع سانگهر. 1911ع ۾ ڄائو. پاڻ ٻه درجا سنڌي پڙهيو. ڪجهه اردو به ايندي هيس. اول سياح ۽ پوءِ 1932ع کان فقيري
اختيار ڪيائين، ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيو. منٺار فقير جي معرفت، مخدوم غلام محمد
صاحب ”مغموم“، سورهين سجاده نشين، درگاھ غوث الحق مخدوم نوح هالا نوان جي صحبت ۾ شامل
ٿيو.
پينار تي ان صحبت جو بيحد اثر پيو
۽ آخر وڃي مسلماني جي حد کي پهتو. 1949ع_ ۾ وصال ڪيائين.
ڪلام
حسن جي بازار ۾، سودو
صفا سر جو ڪجي،
ڪلهن تان ڪوري ڪپي،
کڻي دست دلبر جي ڏجي.
ناه ناڻي جي خوشامد
هت، رضا جي آهي راند،
ڪرڻ ڀي ٿو ايئن کپي،
اڳلو جيئن روحڙو رجي.
محب جي مجلس هجي،
تنهن ۾ هجي وڃڻو ضرور،
تان سٺي سوغات، سارو
ساه نذرانو نجي.
اڳتئون عجيبن جي،
هميشه حال هيڻي سان هلي،
نياز سان ناتو رکي،
پو پرت سان پڌور ٿجي.
اي پريل “پينار”،
تو کان جي پڇن پاڻهي پرين،
عشق جو احوال، سارو
مر چِٽو چوري چَجي.
No comments:
راءِ ڏيندا