; سنڌي شخصيتون: عارف الموليٰ - نور سنڌي

15 May, 2012

عارف الموليٰ - نور سنڌي


عارف الموليٰ
نور سنڌي
سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ نه صرف ڀلوڙ شاعر پر ليکڪ، افسانه نويس، سماج سڌارڪ، سخي مرد، روحاني شخصيت به هو. پاڻ سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ ولي الله حضرت حسن بخش شاهه جو ٻيو نمبر سجاده نشين هو. سندس ڪوششن سان درگاهه حسن بخش شاهه راڳ ويراڳ، ادبي ڪچهرين، سگهڙن جي ڪچهرين، محفلن، مشاعرن جو مرڪز رهيو. نه صرف ايترو پر پاڻ غريب، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، ملهن جو سرپرست به رهيو. انهن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾، ان دور جا انتهائي نالي وارا اديب ۽ شاعر باقاعده شريڪ ٿيندا هئا. ميلي ۾ ڪرايل صوفي ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد به شريڪ ٿيو.


سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ 20 آڪٽوبر 1922ع تي شهدادپور سانگهڙ روڊ تي لانڍي اسٽاپ ۾ جنم ورتو. سندن تعليم، سنڌي فائينل هئي. پنهنجي مرشد حضرت حسن بخش شاهه جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ پهرين عاجز، پوءِ عارف الموليٰ جو تخلص استعمال ڪيائين. سندن حسب نسب، پيران پير دستگير ؒ سان ملي ٿو. سندن وڏا، ملتان کان قاضي احمد، اتان ڊٺڙو شريف لڳ آباد ٿيا.
عارف الموليٰ ان دور جي مشهور فنڪارن کي درگاهه تي گهرائي وڏيون محفلون رچائيندا هئا. ان دور ۾ لطيف سائين، قلندر لال، سچل سرمست جي ميلن کانپوءِ، حضرت حسن بخش شاهه جو عرس مبارڪ، صوفيانه راڳ، ادبي ڪانفرنس ۽ ملاکڙي جي حوالي سان چوٿين نمبر تي هو. ملاکڙن ۾ لائوڊ اسپيڪر تي ڪامينٽري جو سلسلو پاڻ شروع ڪرايائون. پاڻ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. شاهه لطيف جي عرس مبارڪ ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقي کي عروج وٺرائڻ ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ سندس به اڻٿڪ ڪوششون شامل رهيون. پاڻ بهترين اديب به هئا. سندن شاهه لطيف ۽ ٻين اوليائن تي لکيل تحقيقي مقالا يادگار آهن. پاڻ ڪيترا ئي افسانه به لکيائون.
سندس شاعري، حمد، ثناءَ، مرثيه، مزاحيه، صوفيانه، عشقيه هئي. ان دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي ٿيندڙ مشاعرا، مخدوم طالب الموليٰ ۽ سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ کانسواءِ اڌورا سمجهيا ويندا هئا.
سال 1942ع ۾، جڏهن انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ عروج تي هئي ۽ انگريز سرڪار حرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ھو، سيد شاهنواز شاهه عرف الموليٰ نه صرف حرن کي پناهه ڏيندو هو پر کين هٿيار ۽ مالي مدد به ڪندو هو. حرن کي پناهه ڏيڻ، حرن جي مدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري جيل ۾ موڪليو ويو. سندس هدايتن تي سندس پوين حرن جي مدد جاري رکي. صدر ايوب خان جي دور ۾ جڏهن ايوب کهڙو ون يونٽ مڙهيو ته پاڻ ان خلاف مزاحمتي شاعري ڪيائين ۽ سندس مزاحمتي شاعري ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ پڙهي ويندي هئي. سندس هڪ مزاحمتي شعر، هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو ته ان اخبار کي ضبط ڪيو ويو ۽ عارف الموليٰ جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻڻ لڳي. ان ڪري پاڻ ڊگهو عرصو روپوش رهيو. سال 1965ع ڌاري، پاڪستان ۽ هندستان واري جنگ ۾، ريڊيو پاڪستان تي نشر ٿيڻ بعد، انهن گيتن جي وڏي ڌوم متي.
پاڻ سنڌ جا قومي شاعر به هئا. سنڌين کي جاڳائڻ، پاڻ ۾ ٻڌي اتحاد ڪرڻ لاءِ ڪيتري ئي قومي شاعري ڪيائون. پاڻ وڏا سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ به هئا. بنا فرق جي خدمت ڪندا هئا. غريبن جي مدد ڪرڻ، غريبن جا ڪم ڪرڻ ۾ کين سڪون ملندو هو.
سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ هڪ شخص نه پر هڪ اداري جو نالو هو. پاڻ گهڻ-رخي شخصيت هئا. پاڻ غريبن جا مددگار ۽ ڀرجهلا هئا. مظلومن جي کليءَ طرح مدد ڪندا هئا. سخاوت جي اها حالت ته ڪڏهن به ڏوڪڙ جمع نه ڪيائون. جيڪو هوندو هئن، غريبن جي مدد ڪندا هئا. درگاهه تي، اوطاق تي، ڪراچيءَ واري بنگلي تي ايندڙ هر ماڻهوءَ کي پنهنجن هٿن سان ماني کارائيندا هئا. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ گذري واري علائقي ۾، سندس بنگلي تي ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا. جن کي نه صرف ماني کارائيندو هو پر سندن ڪمن لاءِ واسطيدار حڪام ڏانهن وٺي ويندو هو. ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ ڪافي ماڻهن کي، جن وٽ واپسي جو ڪرايو نه هوندو هو، ڪرايو به ڏيندو هو.
پاڻ قرآن شريف جا قاري هئا. پنهنجي ڳوٺ ۾، درگاهه واري مسجد اندر، جمع ۽ عيدن جي نماز جا خطبا به ڏيندو هو. پاڻ عالم به هئا، کين اسلامي وڏي ڄاڻ هئي. پاڻ شاعريءَ ۾ لطيف سائين، سچل سائين، حسن بخش شاهه کان متاثر هو. پاڻ انهن جي شان ۾ به شاعري ڪيائين. جنرل ضياءَ جي دور ۾ پ پ سان، خاص طور مخدوم طالب الموليٰ سان، وفاداري جي ڪري پاڻ انتقامي ڪاررواين جو شڪار ٿيو. پاڻ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائين. سندس واٽر ڪورس بند ڪري، معاشي طور کين تباهه ڪيو ويو. پر پاڻ جهڪڻ بجاءِ ثابت قدم رهيو.
پاڻ شڪار جو به شوقين هئو. غضب جو توبچي هو. پکيءَ کي بندوق جو ڌڪ، ڪڏهن به ضايع نه ويو. جنرل ضياءُ جي دور ۾ به جنرل ضياءُ جي ظلمن خلاف شاعري ڪيائين. سندن وصال جي خبر کين پهرين پئجي وئي هئي. آخري ڏينهن ۾ دوستن، مٽ مائٽن سان ملڻ ۾، ساڻن ڪچهريون ڪرڻ ۾ گذاريائين. وفات کان ٿورو وقت اڳ، پنهنجي وفات جو اشارو پنهنجي شعر ۾ ڏئي ڇڏيائون.
اسين پنهنجا وارا، وڄائي وڃون ٿا،
محبتن جا ميلا، مچائي وڃون ٿا،
ڏکن ۽ سکن جا، سڀ روز ڪاٽي،
ننگ نينهن ناتا، نڀائي وڃون ٿا.
سندن وصال 23 جمادي الاول تي، ڪراچيءَ ويندي سپر هاءِ وي تي، گاڏيءَ جو ٽائيراڊ ٽٽڻ ڪري ٿيل حادثي ۾ ٿيو. سندس وصال جو ٻڌي هزارين ماڻهو، سندس آخري رسمن ۾ پهتا. 

No comments:

راءِ ڏيندا