; سنڌي شخصيتون: ڪانجي ڀيل - راجا رشيد ڪنڀر

03 May, 2012

ڪانجي ڀيل - راجا رشيد ڪنڀر


ڪانجي ڀيل
دلڙيءَ سان ماڻهن جي دل وندرائيندڙ ڪلاڪار!
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
نبي سر جي ڳوٺ راڄاري ۾ رهندڙ، ۴۵ سالا ڪانجي ولد منو ڀيل گذريل ۲۵ سالن کان ساڍا ٽي فوٽ ڊگهي سريئي تي تقريبن ۱۱ ڪلو پاڻي سان ڀريل گهڙولي (دلي) مٿي تي رکي ماڻهن جي دل وندرائيندو رهي ٿو. هڪ هٿ ۾ چپڙي، ٻئي هٿ ۾ متو ڇڻڪائي جهومر هڻي ميلن، ملاکڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجو منفرد فن پيش ڪري ماڻهن جو پاڻ ڏانهن توجهه ڇڪائي ٿو. هن مصروف ۽ نفسانفسي واري دور ۾، هو ماڻهن کي مرڪن جا تحفا ڏيندو رهيو آهي. ۲۰ سالن جي ڦوهه عمر کان، استاد پانچو ڀيل کان منفرد فن جي سکيا وٺندڙ هيءُ يگانو فنڪار شاهه نوراني، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، شاهه عقيق، ڄام ڏاتار، سمن سرڪار سميت مختلف درگاهن تي ٿيندڙ ساليانن ميلن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو تعجب ۾ وجهندڙ فن پيش ڪندو رهيو آهي. جهالرن سان سينگاريل ”دلڙي“ ۳ کان ۴ ڪلاڪ ڪنڌ آڏو ڪري، ٻچن جي روزي روٽي لاءِ شاهه جي هن سٽ جي ڄڻ ترجماني ڪندو رهيو آهي ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيام.“


ڪجهه سال اڳ هن البيلي فنڪار جي شريڪِ حيات تي گردن جي بيماري جو شديد حملو هو ٿيو، جنهن جي علاج خاطر هن پنهنجو الهه تلهه وڪيو، پوءِ به پنهنجي وني جي حياتي بچائي نه سگهيو. وٽس ذريعه معاش ٻيو نه هجڻ سبب هو ٽن پٽن ۽ نياڻي کي تعليم نه ڏياري سگهيو.
هاڻ ته هن ڪجلئي ڪلاڪار جي وارن ۾ چاندي اچي وئي، ۽ هو پاڻ به بيمار رهڻ لڳو آهي. ڀٽ ڌڻي جي شاعري کي پسند ڪندڙ اچرج جهڙي فن جي هن پيشڪار کي ڪڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجو فن پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا