; سنڌي شخصيتون: دولت رام کتري، خالد ڪنڀار، عباس کوسو، ايوب شر، فيض کوسو، ارباب نيڪ محمد، ڀارومل امراڻي،
Showing posts with label دولت رام کتري، خالد ڪنڀار، عباس کوسو، ايوب شر، فيض کوسو، ارباب نيڪ محمد، ڀارومل امراڻي،. Show all posts
Showing posts with label دولت رام کتري، خالد ڪنڀار، عباس کوسو، ايوب شر، فيض کوسو، ارباب نيڪ محمد، ڀارومل امراڻي،. Show all posts

20 May, 2012

فقير مقيم ڪنڀار

فقير مقيم ڪنڀار

مور جي دل رکندڙ فقير منش ماڻهو

دولت رام کتري



دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جيڪي جنوني حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا. دنيا جا ماڻهو انهيءَ کي حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار يا ”ديش ڀڳت“ سڏين ٿا. هونءَ ته دنيا ۾ ديش ڀڳت ۽ حب الوطني جا ڪيترا ئي ڪردار اسان وٽ موجود آهن، پر حب الوطني جي حوالي سان ٿر-ڄائي مارئيءَ جو مثال، دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اسان دنيا جا خوش نصيب ماڻهو آهيون جو اسان وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ”ٿر“ پڻ آهي ۽ انهيءَ ٿر ۾ حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار مارئي پڻ هئي، جنهن جو ڪردار سڄي دنيا ۾ اڄ به ڳائجي ٿو. مارئيءَ کان پوءِ ٿر سان جيڪي ماڻهو بي انتها محبت ڪندا هئا/ آهن، انهن ۾ هڪڙو نالو مسڪين جهان خان کوسو هوندو هو، ٻيو نالو چاچي علي نواز کوسي جو پڻ آهي ۽ ٽيون نالو نهٽي جي اُنهي فقير منش ماڻهو جو هو، جيڪو ۱7 مئي ۲۰۱۲ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو.