; سنڌي شخصيتون

07 October, 2012

غلام عباس چانڊيو - اصغر تنها


غلام عباس چانڊيو
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
اصغر تنها
عوامي خدمت جو جذبو فطري طور تي هر انسان ۾ موجود هوندو آهي، پر ان جذبي جو دارومدار انساني نيت، سچائي، خلوص ۽ قرباني جي اصولن تي ٻڌل رهي ٿو. دنيا ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا انسان پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي محنت، محبت ۽ قرباني ۽ جي جذبي تحت دنيا جي ماڻهن جي دلين تي پنهنجي يادن جا نقش چٽيا آهن. شهيد غلام عباس چانڊيو به انهن مان هڪ هو، جيڪو وڇڙيو ته ضرور آهي پر وسريو هرگز ناهي. سندس ڪيل عوامي خدمتن عيوض ڪجهه لکجي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. سندس سڄي ڄمار اٻوجهه ماڻهن جي خدمت ڪندي گذري. هن گهٽ وقت اقتدار ۾ رهي ايترا ته گهڻا ڪم ڪيا جيترا ڪير ۱۵ سال پارليامينٽ ۾ رهي به نه ٿو ڪري سگهي. پاڻ نظرياتي طور نهايت چٽو هو. ان جا خيال ۽ تصورات سياست، مذهب ۽ سماجي ريتن رسمن ۾ گهڻو ڪري پوريءَ ريت پختا هئا، جنهن جي ڪري هو هميشه کلي راءِ رکندو هو. هي دلير شخص ڪڏهن ڪنهن ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو. ضيائي مارشل لا جي دور ۾ هن اهم ڪردار اد اڪيو. ڏنڊا، ڪوڙا ۽ جيل جو تڪليفون سٺائين پر وڪيو ڪونه. شهيد غلام عباس چانڊيو جي شخصيت ۽ ڪيل خدمتن تي تمام گهڻي ڪم جي ضرورت آهي، اگر جي ائين نه ڪيوسين ته اهڙا انمول هيرا وقت جي دز ۽ ماضي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيندا ويندا.

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ - حاڪم چانڊيو


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
حاڪم چانڊيو
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي پونئرن کي يقينن اڄوڪي ڏينهن تي ئي نه هر وقت ياد هوندو، پر سنڌي ادب جي شاگردن ۽ سنڌي ادبي ادارن توڙي سرڪار کان به ته نه وسرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جنهن سرڪاري نوڪري هوندي به سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو يا لڪل نه آهي نه ئي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج آهي، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمايي سان مالا مال ڪرڻ جو سهرو سندس ئي سر تي آهي. مرزا قليچ بيگ تحرير جي ميدان ۾ هر فن موليٰ هو، سندس شخصيت جي اهم خوبي هي سمجهي وئي آهي ته پاڻ پهريون سنڌي عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور آهي جنهن نثر ۽ نظم ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا، سنڌي سميت عالمي ادب ۾ شايد ئي ڪو اهڙو اديب يا شاعر هجي جنهن ايترا سارا ڪتاب لکيا هجن، جيترا ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب لکيا آهن.

مرزا قليچ بيگ - حسن پنهور


مرزا قليچ بيگ
حسن پنهور
مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل جارجيان جا رهاڪو هئا جنهن علائقي کي گرجستان جي نالي سان به سڏيو ويندو هو جيڪو علائقو ڪوهه قاف کان اتر طرف ڏانهن آهي ۽ ان علائقي ۾ ايران جي بادشاهه جون جنگيون اڪثر ڪري روس سان ٿينديون هيون ۽ جارجيا ملڪ به ان زماني ۾ روس جي قبضي ۾ هو ان ڪري ئي ايراني حملن کان بچي نه سگهندو هو، اهڙين جنگين ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو ۽ پڙ نانون مارجي به ويا هئا ان وقت مرزا جي ڄمار فقط ۷ سال هئي مرزا صاحب کي سنڌ ۾ ان وقت کان جڳهه ملي جڏهن مرزا قليچ بيگ کي۱۸۰۵ع ۾ سندس نانا کي پٽيوالي ملي ۽ ان وقت ميرن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽ سنڌ جو بادشاهه مير ڪرم علي خان ٽالپر هو ۽ ان وقت مرزا قليچ بيگ جي ڄمار ۱۵ سال هئي. مرزا قليچ بيگ جارجيان مان ڪوچ ڪري سنڌ ۾ پنهنجي نانا سان گڏ آيل هو ۽ سندس والد ان کانپوءِ ويهارو کن سالن بعد سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو مرزا قليچ بيگ جو نانو مرزا خسرو بيگ انگريزن جي صاحبي ۾ ۱۸۶۰ع ۽ مرزا صاحب جو والد مرزا فريد ون بيگ ۱۸۷۱ ع ۾ وفات ڪري ويا.

راشد مورائي - خليل عارف سومرو


راشد مورائي
سنڌ جو يگانو شاعر

خليل عارف سومرو
محبت بخشو ماڻهپو، اُنس ڪيو انسان،
هيس اڳي حيوان، عشق بڻايو آدمي.

مان پنهنجي مٺڙي ماتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جهڙي آ سونهاري سُهڻي، تهڙا آهن هن جا ماڻهو مٺا ۽ ملوڪ. اصل مکڻ جا چاڻا ۽ موتين جا داڻا. دل جهڙي اهڙي ديس کي هن وقت امن، ايڪي، الفت ۽ اتحاد جي ضرورت آهي هينئر وقت جي تقاضا آهي ته سجاڳ ٿيجي ۽ وطن لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي مورو تعلقي جي جوڻالي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سائين راشد مورائي جنهن جون جوتون هاڻي ساري جڳ ۾ ڦهلجي ويون آهن ان ارڏي ۽ انقلابي مرد مجاهد سائين راشد کي سلام طور ٻه اکر ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو، شال قبول پون. سچ چوندا آهن مورو ناهي ٿورو اهو ئي مورو ۽ اتي ڳڻن ۾ سڀني کان ڳورو سائين راشد مورائي سنڌ جو سچو عاشق صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سورمو آهي. سنڌ جو هي سيد ڀٽ ڌڻي وانگي سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آبادي لاءِ دم دم دعاڳو آهي، سائين راشد مورائي سنڌ جي عظيم روايتن کي نه رڳو قائم رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي بلڪه روشن ضميري جي روشني جهڙين انهن روايتن کي جنم به ڏئي رهيو آهي. عطا محمد ڀنڀري سنڌ امڙي جي ٿڃ ملهائيندي ايوارڊ ٺڪرايو موٽ ۾ مٽي کيس مان ڏنو. مريم مجيدي ايوارڊ قبول نه ڪيو قوم کيس سلام پيش ڪيو سائين راشد مورائي ۰۶ آڪٽوبر تي پنهنجي رٿيل رهاڻ ملتوي ڪرائي اهڙي عمل سان ديس واسي سرها به ٿيا سُرها به ٿيا. سائين راشد مورائي سان ۰۶ آڪٽوبر تي ساڃاهه وند سوسائٽي مورو طرفان رهاڻ هئي جنهن جو ڪارڊ سڄي سنڌ وانگر مون تائين به پهچي چُڪو هيو پر سائين پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي اهو چيو ته (سنڌ هينئر تمام ڏکئي وقت مان گذري پئي کيس ٻٽي نظام جي صورت ۾ ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي قوم احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري آئي آهي ڌرتي جا ڳڀرو شهيد ٿي رهيا آهن سنڌ جي هن سڏڪندڙ صورتحال ۾ مان پنهنجي رهاڻ نه ٿو ڪرائي سگهان منهنجو ضمير ئي گوارا نه ٿو ڪري ته جيجل جنجل ۾ هجي ۽ مان گلن جا هار پائي اجرڪ اوڍي خوشيون ملهايان.) مون سان اها ڳالهه سائين منظور علي شاهه منظور جڏهن فون تي ڪئي ته منهنجي دل ۾ سائين راشد لاءِ احترام ۽ عزت اڳي کان به اڃان گهڻو وڌي ويو ڇاڪاڻ ته سائين راشد مورائي هن وقت جنهن پير سنيء جي موڙ تي آهي يا سندس بيماري جنهن اسٽيج تي آهي جتي دنيا جو ٻيو ڪوبه ماڻهو هجي ته اهو سوچيندو ته گهڙي پل جو مهمان آهيان جيترو گهڻو کائي سگهان کاوان. ڏسي سگهان ڏسان، گهمي سگهان گهمان مطلب ته وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ مزو ماڻيان پر سائين ان جي ابتڙ پنهنجي رهاڻ ٺڪرائي نه رڳو سنڌ پرستي جو ثبوت ڏنو پر پنهنجي ويڙهيچن سان وفا جو وچن ورجائي ڏيکاريو، سائين راشد توکي سلام آهي.
ساهه برابر سنڌڙي آهي
سنڌڙي راشد جندڙي آهي.
سنڌ کي ساهه کان وڌيڪ مٺو ڀائيندڙ سائين راشد پنهنجي ڌرتي سان Committed آهي
ماتا تو کان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ
سنڌڙي مان ته سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت سان
اڄوڪي هن دور جي اڳ ڪٿي گهڻو اڳ ۾ ئي ڪئي هئائين
هي دور آ بد اخلاقي جو
هي دور ڪميڻو دور آهي
سنڌڙي جي سيني تي سائين پيا ٿا سَپ سُرن
الاڙي هي شل چپ چُرن
اسان سنڌي تصوف ۾ يقين رکون ٿا اسان جون سوچون به صوفياڻيون آهن امن پسند ۽ محبت جا متوالا به آهيون پر جڏهن ڌارين، ظالمن، غاصبن جا ڏاڍ ڳچي ۾ پئجي وڃن ته وڙهڻ لاءِ پنهنجا جيڪي لوڪ هٿيار آهن تن جو اظهار به ڏسو.
نظر سنڌ ڏي جيڪي بدڪن انهن جي
اکين جي ڪڍڻ لاءِ اُماڙي ته آهي
نه بندوق ڀالا نه ڪي بم نه گولا
وڙهڻ لاءِ راشد ڪهاڙي ته آهي
منزل ٿيندي ويجهڙي ، جيئن جيئن پنڌ ڪبو،
ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو،
هڻي هنڌ ڪبو، سج اُڀاري سچ جو.
الا سنڌ جيئي، جيئي نظارو نور،
اڪن جهليون ڦلڙيون، ٻيرن جهليو ٻُور،
چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان.
هيئنر ته ڄڻ سڄي دنيا جون بد نظرون سنڌ ۾ کپي ويون آهن ۽ ڏائڻ ماڻهو پنهنجون وحشي نگاهون سنڌ مان ڪڍن ئي ڪون ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سائين راشد سان ڪچهري ۾ ويٺو هيس ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس محبت ۽ سيڪس جي فلسفي بابت پڇيم ته سيد بادشاهه جلالي ۾ اچي ويو چئي ماڻهو پيا ٿا مرن، سنڌ اچي وئي آ سورن ۾ توکي پئي آ محبت ۽ سيڪس جي چڏيو انهي بحث کي جتي هُجو جتي ويهو مائٽن سان، دوستن سان جيڪا ڪچهري ڪيو اها سنڌ بابت هجي سنڌ جي حالتن تي هجي ۽ سنڌ جي سجاڳي لاءِ هجي محبت کانسواءِ جي ويندوء سنڌ کانسواءِ جي نه سگهندوء سندس دڙڪن ۾ به ناصحانه نُڪتا هيا جيڪي مون هيانءُ سان هنڍائي ڇڏيا سندس شعر دل تي تري آيو ته.
نئين نسل جي راشد سائين
سرت سنواري وينداسين
سائين ته شاعري لاءِ به هيئن چوندو آ ته:
گل ۽ بُلبُل جي قصي تي پاڻ ڇو جهُومي اُٿون
دانهن جي ڌرتي جي هوندي شعر تي وهوا ڪبي
جسم ٿو ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي،
اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي
سائين راشد مورائي جي شاعري سماجي نا انصافين خلاف جنگ جو اعلان آهي،
اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون،
عقل علم عمل کي، هڪٻئي سان واڻيون،
ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان
جوکي ۾ وڌم جيء، ڪيم جنگ اُمن لاءِ
انياءُ سان اٽڪين ته مونکي ياد ڪندو ڪر
سڄي سنڌ کي خبر آهي ته سائين راشد مورائي گهڻي وقت کان مسلسل بيمار رهي ٿو منهنجو جڏهن به موري وڃڻ ٿيندو آهي ته سائين جي مزاج پُرسي لاءِ سندن اوتاري تي پيرين پوڻ ضرور ويندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته هُو لکڻ يا پڙهڻ ۾ مصروف هوندو آهي بيماري جي ان حالت ۾ به سائين وٽ جيتري ڳڻتي مون سنڌ لاءِ ڏٺي آهي اوتري پنهنجي صحت لاءِ به ڪونه اٿس. هو ته ههڙي حال ۾ به لکي ٿو ۽ بجل جي لوڊ شيڊنگ جي پرواهه به نه ٿو ڪري چئي ٿو :
بجلي وارن جي مرضي آ گهٽ لکجي
ڏيئا جلندو رهه ڳچ تائين لکڻو آ
ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان
مس کُٽي وئي آ،
لکيم ريٽي رت سان
باک ڦٽي وئي آ
تازي هن صورتحال ۾ به جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي تڏهن به سائين راشد قلم سان ۽ پنهنجي عمل سان ميدان تي لٿل آهي وڏي واڪي للڪاريندو رهي ٿو.
پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيون ٿئون نه ڪبو
بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو
سنڌ جي ڄڻين سان ڪو ليکو نه اٿئون
پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئو ن نه ڪبو
ڇاڪاڻ ته سندس هي ويچار به آهن ته:
تنهنجو منهنجو ٺاهه، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي
مونکي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساهه،
ٿيندو ڪيئن نڀاهه، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو
سائين راشد مورائي لاءِ محبت ۽ عقيدت جو سمنڊ دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي ۽ روح جو آواز هي لکڻ تي مجبور ڪري ٿو ته:
راشد مورائي،
اهڙا ماڻهو سنڌ ۾
هوندا ٿورائي.

انجنيئر امام علي سومرو - پروفيسر محمد هارون سومرو


انجنيئر امام علي سومرو
ساهتي پرڳڻي جو روشن تارو
پروفيسر محمد هارون سومرو
هر ماڻهو جي پنهنجي عليحده سڃاڻپ ٿئي ٿي. هو پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان سڃاتو وڃي ٿو. ماڻهوءَ جو جهڙو ڪردار ۽ عمل هجي ٿو، سندس شخصيت جو عڪس به ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ اهڙو ئي جڙي ٿو. زندگيءَ جو حقيقي حسن اهو آهي ته ماڻهوءَ جو جسم يا سندس هڏا به خاڪ ٿيو وڃن پوءِ به ماڻهن جي دلين تي اهڙا نقش چٽي وڃي جو سندس نالو کڻڻ سان ئي احترام وارا جذبا ڪر کڻي سندس لاءِ عزت ۽ عظمت جو مينار بڻجن.

03 October, 2012

عبدالمعيد قريشي - ڊاڪٽر بدر اڄڻ


عبدالمعيد قريشي
اسلاميه ڪاليج جي بانيءَ جي حياتيءَ جو احوال
ڊاڪٽر بدر اڄڻ
عبدالمعيد قريشي، جنهن کي اي ايم قريشي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ان جي حياتيءَ جا ڪيترائي داستان آهن.
داستان پهريون:
عبدالمعيد پناهه گير جي حيثيت سان سال ۱۹۲۵ع ۾ ڪاٺياواڙ کان آگبوٽ ذريعي، ڪراچي بندر تي اچي لٿو. بندر تي لهڻ مهل هن وٽ ڪل ٻه رپيا هيا، هڪ جوڙو، هڪ چادر ۽ هڪ پاڻ. پهرين رات بندر تي ئي بينچ تي گذاريائين. ڇاڪاڻ ته ان وقت جي ڪراچي يعنيٰ کارادر جي ننڍڙي آباديءَ ۾ سندس ڪو سڃاڻو ڪونه هيو، اٺ ڏينهن گذرڻ بعد هن جو خرچ اٺ آنا ٿيو ۽ باقي وڃي ڏيڍ رپيو وٽس بچيو، پاڻ کان سوال ڪيائين ته اڙي معيد، هاڻي ته ڪو هٿ پير هڻجي نه ته گذر سفر ڪيئن ٿيندو، بندر جي ڪم ڪار ۾ ڪيترائي مزدور هئا هن به ڳوڻيون ۽ ٻيو سامان کڻڻ ۽ ڍوئڻ جو ڪم شروع ڪيو، صاحبن جا سلام ڪندي ڪجهه سيڌو سامان گهرائڻ لاءِ هن کي آفيسن مان ڪم مليو، نياز ۽ نوڙت ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ جي سلي ۾ کيس ڪجهه رپيا بچڻ لڳا، ايتري ۾ جهاز جي لاءِ سامان آڻڻ جو کيس ٻڌو آرڊر مليو، ان طرح سان هو ننڍڙو ٺيڪيدار بڻجي ويو ۽ کارادر ۾ هڪ ڪوٽڙي ڪرائي تي وٺي رات جو ان ۾ رهڻ لڳو۽ ڏينهن سڄو بندر تي سامان پهچائڻ جو ڪم ڪندو رهيو، ٿوري عرصي ۾ هن هڪ ٽرڪ قسطين تي ورتي ۽ ٺيڪيدار بڻجي ويو.

راشد مورائي -الهه بخش راٺوڙ


شاعر ۽ اديب راشد مورائي جون کريون ڳالهيون
مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي دل تائين پهچي وئي آهي!
انٽرويو: الهه بخش راٺوڙ
سوال: ماضيءَ جي جوش ۽ جذبي واري سياسي ۽ ادبي ماحول جي ڀيٽ ۾ هينئر جيڪا صورتحال آهي، ڇا ان ۾ ساڳيو اتساهه ملي ٿو؟
جواب: ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي، ان دور ۾ جيڪي اتساهيندڙ ڪردار هئا، انهن ۾ محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ استاد بخاري قومي شاعري ڪندا هئا. هينئر اهي اتساهيندڙ ڪردار هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، جنهن ڪري ماضيءَ جهڙي شاعري به نه ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته ڪجهه سرڪاري اديبن قومي شاعريءَ کي نعري بازيءَ جو نالو ڏنو ۽ مخالفت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اهو ادب نه آهي، پر نعريبازي آهي. ان جي نتيجي ۾ جيڪي قومي شاعري ڪندا هئا، انهن مان به ڪيترائي مايوس ٿي اها شاعري ڇڏي ويا. منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيستائين سنڌ جا مسئلا موجود آهن، تيستائين اها شاعري ڪرڻي آهي، ان کي پوءِ سرڪاري اديب ڪهڙو نالو ڏين ٿا، ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. جيڪي قومي شاعر يا اديب ان تان هٿ کڻي وڃن ته ان کي ڀاڙيائپ يا بزدلي چئي سگهجي ٿو ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ ادبي ديانتداري نه آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام - غلام حسين خاصخيلي

پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام
بيمارين سان وڙهڻ لاءِ معاشري کي هڪ مُٺ ٿيڻو پوندو
ڳالهه ٻولهه: غلام حسين خاصخيلي
ٿر جي ڍاٽ واري علائقي ۾ چيلهار ۽ ڪانٽئي جي وچ مان ويندڙ ڪچي رستي تي ۸-۱۰ ڪلوميٽر ڏور واقعي چونئرن، لانڍين ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پڪين جاين واري ان ڳوٺ کي ماڻهو گونگيو چوندا آهن پر آئون ان ڳوٺ کي ڊاڪٽر بيکارام جي حوالي کان سڃاڻان ٿو. انهي ڳوٺ ۾ اڻ گهڙيل ڪاٺ کي گهڙي آرامده هندورن، پيار ڀريل پينگهن، خوبصورت درين دروازن ۽ بهترين فرنيچر جي صورت ۾ تيار ڪندڙ هرچندراءِ سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ بيکارام ٻاروتڻ کان ئي پڙهڻ  جي طرف ته پنهنجي من لڳايو پر ان وقت هن جي ذهن ۾ نه وري سندس والدين جي سوچ ۾ اهو هو ته سندن لاڏلو اڳتي هلي ملڪ جي مشهور معالجن ۾ شمار ٿيندو. وسيلن جي اڻهوند، ٿر جي تتل واري، پري موجود اسڪول سواري جي نه هجڻ جهڙي مسئلن ڪڏهن به بيکارام جي آڏو رڪاوٽ بنجڻ جي همت نه ڪئي. هي باهمت ٻار آڙاهه جي تتل ڪاڙهن ۽ سياري جي سان سڪائيندڙ سردي به هن ٻالڪ جو رستو نه روڪيو، اڳتي تعليم پرائڻ جي ڌُن ۾ هو پنهنجي مامي وٽ ٽنڊو ڄام پهتو، جيڪو ان وقت زرعي يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو. اهو سندس اڳتي جي راهه جو سونهون بڻيو.

امير بخش رونجھو - شمس پالاري


امير بخش رونجھو
اھو چنگ-نواز فنڪار، جنھن جي چنگ جو پڙلاءُ، جهر جهنگ گونجي پيو
شمس پالاري
چارڻ جو چنگ سنڌ جي لوڪ رنگ جو انوکو ساز آهي. آڱرين جي اشاري تي روح کي سڪون ڏيندڙ هيءُ ساز قديم تاريخ رکي ٿو. ٻين سازن؛ بوڙيندو، ڍولڪ، بانسري، بين، الغوزو وانگر چنگ جو ساز اترو ئي قديم آهي. سنڌ جي هن ساز کي، خاص طور تي مالوندن وٽ، انتهائي مقبوليت ۽ اهميت حاصل آهي. آڱر جي معمولي اشاري سان ڪافي ڪلامن جي ڌُن ڏيڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. ماڻهو هٿ ۽ ساهه جو ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ وري مدهوش ڪرڻ ئي ڪلاڪار جو ڪم هجي ٿو. اهڙي ڪلا جو مسافر، چارڻ جي چنگ کي چوريندو هن جهان کي ڇڏي آرامي ٿي ويو آهي.

ڪاظم علي ڪاظمي ڪهيري - ناصر بلوچ


ڪاظم علي ڪاظمي ڪهيري
تلهار جو مشهور اديب
ناصر بلوچ
هي دنيا قدرت جو هڪ خوبصورت ڪارخانو آهي، جنهن ۾ هستيون به آهن ته موج مستيون به. ڪي اهڙا به آهن جيڪي شهرت کان پري پنهنجي حال ۾ مست ۽ ڪي مال مست ۽ ڪي اهڙا پڻ آهن جيڪي شهرت ماڻڻ لاءِ انسانيت جا سڀ ليڪا لنگهندي به ڪين ڪيٻائين. ليڪن علم و ادب جي دنيا ساڃاهه جي دنيا ليکبي آهي ۽ اهلم علم و دانش، ساڃاهه وند جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن. ۽ اهڙيون شخصيتون هر هنڌ موجود آهن. اسان جي شهر ۾ پڻ ڪيئي اهڙا اهل قلم ٿي گذريا ۽ گهڻا حال حيات آهن، جن معاشري جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ قلم جو خاموش پورهيو ڪيو آهي. گهڻا اهڙا معاشري کان وسري چڪا آهن ۽ ڪي خاموش آهن ۽ انهن لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ليڪن انهن جي محنت وسارڻ جهڙي ناهي. اهڙن ئي شخصيتن ۾ تلهار اندر ماضي جي مشهور ۽ حال خاموش شخصيت ڪاظم علي ”ڪاظمي“ آهي. سندس مختصر تعارف آهي؛ ڪاظم علي ولد مولوي لطف علي ڪهيري بلوچ، پيدائش ۱۹۳۸ع ۽ تعليمي قابليت سنڌي فائنل. انگريزي نه پڙهڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائين ته؛ داخلا ورتم پر استاد شفيع ڪپري سان ٻارن کان زياده في وٺڻ جي معاملي تان اختلاف ٿيو ۽ اسڪول ۾ ڪيل اسٽرائيڪ ۽ اڳواڻي ڪرڻ ڪري، استاد جي تشدد سبب اسڪول ڇڏي درزڪو ڪم وڃي سکيم ۽ پڙهائي اڌوري رهجي وئي. پاڪستان ٺهڻ وقت نيشنل گارڊ طور رضاڪارانه ڪم، سندس پهرئين سماجي خدمت ڪئي. ان وقت، هو پنهنجي عمر ۹ سال ٿو ٻڌائي.

اداڪار لهري - مير رستم ٽالپر


اداڪار لهري
ڪانپور کان ڪراچي
مير رستم ٽالپر
هي ۶۰ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته جڏهن فلمن جي شوٽنگ عام نه هوندي هئي يا عام ماڻهن کان پري هئي، تڏهن هڪ اردو فلم ” آگ ڪا دريا “ جي شوٽنگ لاءِ فلم جو يونٽ ٽنڊوڄام آيو هو. فلم جي ڪهاڻي ڌاڙيلن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ فلم اسٽار محمد علي، شميم آرا، ساقي ۽ لهري شامل هئا.

فلم جي عڪس بندي نصرپور جي واريِ جي دَڙَن ۽ ڊِٻُن ۾ ڪرڻ کان سواءِ ڌاڙيل محمد علي جي پناهه گاهه ٽنڊوڄام - ٽنڊو قيصر روڊ تي، بَڙُ جو هڪ وڏو وڻ هو، جتي بَڙ وارا ميمڻ رهن ٿا. ان ۾ ڌاڙيل محمد علي ته فرار ٿي ويو، پر ان جو ساٿي لهري، پوليس گرفتار ڪري ٽنڊوڄام ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو، جتي هو گوڏ ۽ گنجي ۾ قيد رهي ٿو. فلم جي ان منظر ۾ لهري کي مڇر کائين ٿا ۽ هو سنڌي اردو ۾ رڙيون ڪري ٿو، ته ٽنڊوڄام جا مڇر ظالم آهن. اهو منظر فلم آگ ڪا دريا ۾ فلمائين کي خوب کلائي ٿو. فلم جا موسيقار غلام نبي ۽ عبدالطيف هئا ۽ نورجهان جو ڳايل ۽ شميم آرا تي فلمايل گانو ”من جا من جا بالم نه ٺڪرا ميرا پيار“ (نصرپور ۽ ٽنڊوڄام ۾) پڻ زبردست هٽ ٿيو هو. بهرحال آئون ٽنڊوڄام ٿاڻي تي اداڪار لهري سان ننڍپڻ ۾ ملڻ ويو هئس. فلم آگ ڪا دريا ڏاڍو بزنس ڪيو ۽ هڪ عوامي فلم ثابت ٿي.
لهري عرف سفيرالله صديقي هندستان جي صنعتي شهر ڪانپور ۾ ۲ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڄائو ۽ پوءِ ۱۹۵۰ع ۾ هند ڇڏي پاڪستان آيو. جتي شروعات ۾ هن هڪ خانگي اداري ۾ ٽائيپ جو ڪم ڪيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ شيون کپائڻ لڳو. ليڪن لهري کي اداڪاري جو شوق هو سو نيٺ شيخ لطيف جي فلم اَنوکي ۾ کيس هڪ رول مليو، جيڪا ۱۹۵۶ع ۾ ريليز ٿي. ان دوران هو لطيفا ٻڌائيندو هو. سندس يادگار فلمن ۾ هڪ فلم سجده به هئي، جنهن ۾ مٿس فلمايل گانو ”عشق ۾ کائي ايسي مار ڪه منڙڪا ٽوٽ گيا...“ ڏسندڙ ڏسڻ سان کلندا هئا ۽ فلم نئي ليلا نيا مجنون ۾ فلمايل گانو ”بي بي يه حسين اور هي“ پڻ مزاح سان ڀريل هو.
لهري جي اچڻ وقت فلمن ۾ نذر جو بول بالا هو، ان بعد رنگيلا، منورظريف، ننها، نرالا، ظريف به پاڻ ملهائي ويا. لهري تي ۱۹۸۳ع ۾ ٿائلينڊ ۾ فلم جي شوٽنگ دوران فالج ٿيو هو. هن کي ۱۳ ايوارڊ مليا ۽ آخري ۱۹۹۳ع ۾ نگار ايوارڊ مليو.
لهري جي ۲۲۵ مان آخري فلم ”ڌنڪَ“ هئي. هن کي صدر فاروق لغاري صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو، پر لهري کي ۲۵۰۰ ملندڙ وظيفو بند ڪيو ويو هو. هن جا پنج پٽ ٻه نياڻيون آهن. هن جون چند مشهور فلمون صاعقه، دل لڳي، انجمن، رم جهم، اف يه بيويان، نوڪر، ٻيون کوڙ آهن. هي پنهنجي ننڍي فرزند مهراڻ سان گڏ رهندو هو.
بهرحال دنيا کي کلائيندي کلائيندي، لهري دنيا مان موڪلائي ويو. سندس آخري خواهش حج جي پوري نه ٿي سگهي. ائين ڪانپور کان ڪراچي پهتل هند ڄائو، پاڪستان ۾، منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات ٽنڊوڄام ٿاڻي کان مسجدالمڪرم تائين رهي ۽ کيس ياسين آباد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر - اڪبر درس


الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر
اڪبر درس
سنڌ ڌرتي هونئن ته سوين بهادرن کي جنم ڏنو، انهن مان هڪ الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر جو نالو سرفهرست آهي. پاڻ ۱۹۲۰ع حيدرآباد ۾ پيدا ٿيا. مير صاحب جو نالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به زنده جاويد آهي. پاڻ بنيادي طور مزدورن جا رهنما هئا. پر ملڪي سياست ۾ جڏهن بهرو ورتائون ته سڀني سياستدانن کي پوئتي ڇڏي ويا.
ورهاڱي کان پوءِ آيل مسلمان ڀائرن جي آڌر ڀاءُ ۽ کين رهائش جون سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ سندن پيٽ، ڪپڙي، لٽي جون ضرورتون پوري ڪري ڏيڻ، روزانو سوين ديڳون ٽنڊي مير محمود ميرز بنگلوز مان تيار ڪرائي ريلوي اسٽيشن تي پهچرائي پنهنجو حق مسلماني ادا ڪرڻ، جنهن جا هزارين اردو ڳالهائيندڙ جا بزرگ گواهه آهن ته ورهاڱي وقت محموداڻي ميرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان جو ڪو مثال ئي نه آهي.

مير علي نواز خان - پير علي محمد راشدي


مير علي نواز خان
پير علي محمد راشدي
مير امام بخش خان جي انتقال (۸ - فيبروري ۱۹۲۱ع) بعد، سندس وڏو صاحبزادو مير علي نواز خان (۱۳- فيبروري ۱۹۲۱ع) تخت تي ويٺو. والد جي پوئين زماني ۾ رياست کان بدر ٿيل هو، ۽ دهليءَ طرف رهندو هو. ڏاڍا ڏک ڏٺا هئائين. وڏو خرچائو، سخي مرد، ۽ حضور شرم هو. ڏکن ڏاکڙن سندس دل کي بنهه نرم ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن جو به سور سهي ڪو نه سگهندو هو. ڪنهن جي به عرض مدعا کي رد ڪري ڪو نه ٿي سگهيو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن سندس شرافت ۽ سخاوت جو ناجائز فائدو ورتو، ۽ کيس هميشه حاجتمنديءَ جي حالت ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.