شهيد محترمه بينظير ڀٽو
سندس يادگيريون
مير نادر علي ابڙو
اڄ هر اک آلي آهي، ماحول ۾ سوڳ
جا بادل جتي ڳوڙها ٿا هارين ته اتي سڏڪا ۽ هوڪارا هر دل کي آب هارڻ تي مجبور ٿا ڪري
ڇڏين. اڄ اهو ۲۷ ڊسمبر
جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن جي ڀيانڪ شام، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ راڻي شهيد
بينظير ڀٽو کي اسان کان الڳ ڪيو ۽ هڪ وقت
لاءِ سموري سنڌ ماتم بڻجي ويئي، سمورا شهر ويران بڻجي ويا، هر طرف افراتفري اهڙي ڏسڻ
۾ آئي جو هتي ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هر طرف روڄ راڙو ڪندي، قاتلن کي پٽون
پاراتا ڏيندي ماڻهو گهرن مان نڪري آيا. پنهنجي محبوب قائد شهيد راڻي محترمه بينظير
ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ايئن ٿي
سمجهيو ته انهن جي دنيا ويران ٿي ويئي آهي، جهڙوڪ انهن جي پنهنجي گهر جو ڀاتي شهيد
ٿي ويو هجي، هر ماڻهو پاڻ کان بي خبر هو، ذهن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا هئا ته
اتي وري انتظاميه بيوس بڻيل نظر آئي. سمورو ملڪ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي
شهادت تي غم ۾ بيحال بڻجي ويو. ان لمحي آئون سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ هيس، جتي هر اک
آلي هئي، هر ماڻهو قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو ٿي رهيو.












