منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي
(۱۸۲۸ع - ۱۸۸۷ع - سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون)
مير حاجن مير
ديوان گروڏنو پٽ
لال سنگ اجواڻي اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. پاڻ انگريزن جي دؤر ۾ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر
ضلع (ڪراچي ۽ شڪارپور) جي دفتر ۾ هيڊ منشي جي عهدي تي فائز هو. منشي گرڏني مل جو
شمار اوڻويهن صديءَ جي انهن نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. جن ابتدائي زماني ۾ سنڌي علم ادب
جي تعميري ترقي ۾ ڀرپور حصو ورتو (ميمڻ،۱۹ - ۳۳۳)