ٽنڊو محمد خان (ڊ
ر)
ٽنڊو محمد خان جو اڳوڻو
ڊي ايڇ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جي آپريشن جو ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪرونا
وائرس سبب فوت. سندس اوچتي وڇوڙي تي پي ايم اي پاران ۳ ڏينهن سوڳ جو اعلان.
خبر موجب ٽنڊو محمد
خان ۾ اڳوڻو ڊي ايڇ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جي آپريشن جو ماهر ڊاڪٽر نثار احمد
ميمڻ ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ڪرونا وائرس سبب حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
هُو هڪ هفتي کان حيدرآباد ۾ ڪرونا سبب انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ داخل هو ۽ کيس وينٽيليشن
تي رکيو ويو هو، جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
هن سڄي سنڌ ۾
هزارين بي نور ماڻهن جي اکين جا آپريشن مفت ڪيا ۽ مفت ڪئمپون قائم ڪرڻ جو اعزاز پڻ
حاصل ڪيو. سندس مڙھ کي حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان پهچايو ويو. جنهن کانپوءِ رات
دير سان سندس ابائي قبرستان مولو جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويئي. سندس جنازي نماز ۾
علائقي جي سياسي سماجي مذهبي، ادبي، علمي، صحافتي، ڊاڪٽرن، وڪيلن توڙي شهر جي اهم
شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
جڏهن ته ٽنڊو محمد
خان ۾ اڳوڻي ڊي ايڇ او صحت ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي ڪرونا سبب وفات تي پي ايم اي،
پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر نثار
احمد ميمڻ شاگردي دور ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) سان به لاڳاپيل رهيو،
هن ۲۰۱۹ع ۾ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ مفت ڪئمپن جي قيام جي شاندار گولڊن جوبلي تقريب به
ملهائي, جيڪا تقريب ٽنڊو محمد خان جي يادگار تقريبن مان هڪ هئي ۽ ان موقعي پنجاهه ڪئمپن
جي مناسبت سان تاريخي سووينيئر به پڌرو ڪيائين,
ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪرونا وائرس جي بچاءُ لاءِ پڻ سرگرم رهيو، جڏهن ته ٽنڊو
محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ سندس پٽن نويد نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نديم ميمڻ، انجنيئر
نعيم ميمڻ، انسپيڪٽر نسيم ميمڻ، انجنيئر ناظم ميمڻ، انجنيئر نبيل ميمڻ ۽ ٻين سان وڇايل
تڏي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
نور ورهائيندڙ مسيحا جو
موت!!
فيض کوسو
منهنجي، ٽيھ سال کن
اڳ، جڏهن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن به هو سنڌ جي مختلف علائقن
۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳائي ماڻهن ۾ نور پيو ورهائيندو هو. هن مون کي به قائل ڪيو
ته آئون به پنهنجي ڳوٺ ۾ اکين جون ڪئمپون لڳرايان ته جيئن غريب ماڻهن جي اکين جو
مفت علاج ۽ آپريشن ٿي سگهي. سندس چوڻ تي مون پنهنجي ڳوٺ ۾ لاڳيتيون ۸ ڪئمپون لڳرايون
هيون ۽ اسان کي رڳو انهن ڪئمپن ۾ مريضن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو
پوندو هو.
جڏهن ته آپريشن کان
ويندي لينسز ۽ دوائن تائين جو سمورو خرچ ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ پاڻ ۽ سندس دوست
برداشت ڪندا هئا. آپريشن کانپوءِ جڏهن مريضن جي اکين تان پٽيون لهنديون هيون ۽ ماڻهن
جي اکين ۾ نور ٻيهر موٽي ايندو هو تڏهن انهن جي دل مان نڪرندڙ دعائن جي ڪري ئي شايد
اڄ به ڪا مصيبت ويجهو نٿي اچي. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جو تعلق ٽنڊو محمد خان سان
هو. هو حيدرآباد جي اکين جي اسپتال کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي سرڪاري اسپتالن ۾
اکين جي ماهر ڊاڪٽر طور پنهنجون خدمتون انجام ڏئي چڪو هو.
هن ڪئمپن جي شروعات
پنهنجي شهر کان ڪئي ۽ هر سال اتي ڪئمپ لڳرائيندو رهندو هو. سندس صدر واري خانگي ڪلينڪ
به غريب مريضن لاءِ ڪئمپ جهڙي هوندي هئي. دوستن لاءِ ته سندس اها ڪلينڪ اوطاق جهڙي
هئي جو جڏهن به اتي سندس دوست ويندا هئا ته هر طرح جي خدمت چاڪري ڪري پوءِ منجهائن
هٿ ڪڍندو هو. هو ڳچ عرصو ٽنڊي محمد خان جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر به رهيو ۽ ڊي ايڇ او
مقرري دوران به هن ڪئمپن مان هٿ نه ڪڍيو.
سنڌ ۾ شايد ئي اکين
جي علاج جو ڪو اهڙو ڊاڪٽر هجي جنهن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جيان ڪارونجهر کان وٺي
دادو ۽ ٽنڊي محمد خان کان وٺي عمرڪوٽ تائين ڪئمپون لڳايون هجن. سندس دوستيءَ جي ڪري
منهنجي ٻين شعبن جي ڊاڪٽرن سان به گهري دوستي ٿي وئي جن ۾ اسان جو پيارو دوست پروفيسر
ڊاڪٽر مظفر علي شيخ، ٻارڙن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي ۽ طوطن پيءُ
يعني ڊاڪٽر عزيز ٽالپر شامل آهن.
آئون ۽ ڊاڪٽر
چنديرام شاهاڻي سائين نثار ميمڻ کي سڏيندا ئي “گرو” هئاسين. هو سچ پچ هو به گرو.
دوست جڏهن کانئس ڪاوڙبا هئا ته هو دڙڪا داٻا ۽ پيار ڏئي کين مڃائي وٺندو هو. هن جو
حيدرآباد وارو گهر به مهمان خاني جيان هو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي گهرواري جيڪا پڻ
5 ڏينهن اڳ انتقال ڪري وئي آهي سا اڪيلي سر سندس دوستن جي پنهنجي ڀائرن جيان پئي
خدمت چاڪري ڪندي هئي.
ٻئي زال مڙس ايترا
ته نيڪ ۽ نفيس هئا جو کين ڏسندي ئي ماڻهو کي مٿن پيار اچي ويندو هو. ڊاڪٽر نثار
احمد ميمڻ رڳو مريضن ۾ نور ئي نه ورهايو پر هن پنهنجي دوستن ۽ احبابن ۾ محبتون به
ورهايون. اڄ جڏهن سندس انتقال کانپوءِ مون ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي کي فون ڪئي ته هن
آهه ڀريندي چيو ته ادا ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي تعزيت اسان هڪٻئي سان ئي ڪري سگهون
ٿا ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي مٽن مائٽن جيان اسان جو به رڳو دوست نه پر ويجهو مائٽ هو ان
ڪري جتي اها تعزيت سندس پونيئرن سان ڪري سگهجي ٿي اتي اسان پاڻ به هڪٻئي سان تعزيت
ڪري سگهون ٿا.
ڊاڪٽر نثار احمد
ميمڻ هڪ اڻ ورچ انسان هو. هو پابندي سان پنهنجي سرڪاري نوڪري سان گڏ اهڙي ئي
پابندي سان هر سال مختلف هنڌن تي ڪئمپون ڪندو هو ۽ راتين جو راتيون جاڳي ماڻهن جي
اکين جا آپريشن پيو ڪندو هو. صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿي سندس پڇبو هو ته پتو پوندو
هو ته هو رات ئي واپس هليو ويو ۽ صبح جو هشاش بشاش ماڻهن جيان پنهنجي سرڪاري نوڪري
تي موجود هوندو هو. هن کي سياست جو به گهڻو شوق هوندو هو. گهڻو ڪري هو پاڪستان ميڊيڪل
ايسوسيئيشن ۾ سرگرم رهيو.
تازو ئي هو صوبائي
سطح تي پي ايم اي جي نئين باڊي جو عهديدار ٿيو هو. هو روزي نماز جو انتهائي پابند
انسان هو. گردن ۾ تڪليف جي باوجود هن رمضان المبارڪ جا سمورا روزا رکيا. عيد
کانپوءِ سندس طبعيت خراب ٿي وئي ۽ نيٺ هن جمعي جي صبح جو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر
نثار احمد ميمڻ جهڙا مسيحا صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ٽنڊي محمد خان جي مٽيءَ کي سرخ
سلام هجي جنهن اهڙو مسيحا پيدا ڪيو جيڪو ڪڏهن به ورچي نه ويٺو ۽ سدائين کاهوڙين
جيان پنڌ ۾ رهيو. چوندا آهن ته نيڪ ماڻهن جا روح سدائين آسودا ۽ خوشحال رهندا آهن
سو مون کي يقين آهي ته جسماني طور اسان سڀني دوستن کان هميشه لاءِ موڪلائڻ بعد به ڊاڪٽر
نثار احمد ميمڻ جو نيڪ روح سدائين خوشحال ۽ آسودو رهندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مرڻا
نه آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو انسانن لاءِ جيئن ٿا سي موت پڄاڻان به سدائين ماڻهن جي
دلين ۾ زنده رهندا آهن.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)