; سنڌي شخصيتون

03 August, 2012

سچل سرمست رحه - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سچل سرمست رحه
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
نالو:
حضرت سچل سرمست رحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽ راست بازي جي ڪري ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو شعر ۾ اهو ئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته ”فارسي مثنوين“ ۽ ”ديوان آشڪار“ فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس.

02 August, 2012

راشد بروهي - رياضت ٻرڙو


راشد بروهي
رياضت ٻرڙو
راشد بروهي اُسرندڙ شاعر آهي. آهستي آهستي سندس شاعري اڳتي وڌندي رهي ٿي. في الوقت شاعريءَ جي پيچرن تي پنهنجا پير مضبوطي سان ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندي غزل جي زمين تي خيالن جي اڏار ڪرڻ سميت، واين ۽ نظمن تي پڻ ڌيان ڌري رهيو آهي.

عزيز ديرائي - رياضت ٻرڙو


عزيز ديرائي
رياضت ٻرڙو
عزيز ديرائي جي شاعري ڪاڇي جي ٻهراڙين جي سادگيءَ واري سونهن جا انيڪ منظر رکي ٿي. هن جي شاعراڻي ٻولي دل ۾ لهي ويندڙ آهي.

قمرالدين ’قمر‘ - رياضت ٻرڙو


قمرالدين ’قمر‘
رياضت ٻرڙو
قمرالدين ’قمر‘ قنبر جو عوامي ۽ قومي درد رکندڙ شاعر آهي. وطن سان حُب، سندس شاعريءَ جو بنيادي جُز آهي. سندس شاعري غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ۽ تڪليفن جي ترجماني ڪري ٿي. هن روماني شاعري پڻ ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ تاثر به لکيا آهن.

عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو - رياضت ٻرڙو


عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو
رياضت ٻرڙو
استاد عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو عوامي انداز سان، سماجي موضوعن ۽ ناانصافين بابت، شاعريءَ ۾، پنهنجن اُڌمن جو اظهار ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڏيهه سان محبت سمايل آهي.

وفا سولنگي - رياضت ٻرڙو


وفا سولنگي
رياضت ٻرڙو
وفا سولنگيءَ جي شاعريءَ جو محور پيار ۽ محبت آهي. سندس غزلن ۾ اهڙو اظهار خوشبوءِ جيان سمايل آهي. پنهنجي وس آهر، شاعريءَ سان وفا ڪري رهيو آهي.

عبدالرزاق ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو


عبدالرزاق ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
مُنهن تي ماٺيڻي مرڪ رکندڙ عبدالرزاق ڪلهوڙو، پنهنجن آزاد ۽ نثري نظمن جيان، ٿڌي طبيعت وارو ۽ خاموش طبع شاعر آهي. پابند شاعريءَ سان تعلق بلڪل گهٽ، سبب اهو ئي، ته شاعريءَ جي بحرن ۽ وزنن سان طبيعت کي هم آهنگ ڪري نه سگهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ توجهه گهرندڙ خيال ڪثرت ۾ موجود آهن.

ايس سرمد - رياضت ٻرڙو


ايس سرمد
رياضت ٻرڙو
ايس سرمد شاعريءَ جي مختصر وزنن تي، سٺا غزل لکي، پنهنجيءَ شاعريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ نوجوان فرد جي اُڌمن جي عڪاسي ڀرپوريت سان ڪيل آهي. هن ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون آهن.

ثقلين لاشاري - رياضت ٻرڙو


ثقلين لاشاري
رياضت ٻرڙو
ثقلين لاشاريءَ جي شاعريءَ ۾ اُن شاعر جي موجودگي محسوس ٿئي ٿي جنهن کي اڳتي هلي، سندس لکڻ جي مستقل مزاجي برقرار رهڻ جي مشروط بنياد تي، سنڌ جي نمايان شاعرن ۾ شامل ڪري سگهبو. ان سلسلي ۾ سندس رهنمائي اهي تنقيدي ليک به ڪندا، جيڪي هُو مختلف شاعرن جي مطالعي جي حوالي سان لکي رهيو آهي. هو، جيتوڻيڪ، شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکي پيو، پر سندس نظم ۽ آزاد نظم ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.

ڪوڙل قربدار - رياضت ٻرڙو


ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو
ڪوڙل قربدار سماجي ناانصافين، وطن جي حُب ۽ پيار بابت شاعري ڪري پيو. سندس شاعريءَ جو لهجو عام فهم آهي. هُو پيار جو پرچارڪ آهي، جنهنڪري قربدار تخلص رکيو اٿائين ۽ کيس سماجي ناانصافين جي تلخين ڪوڙل بنايو آهي.

شمس چانڊيو - رياضت ٻرڙو


شمس چانڊيو
رياضت ٻرڙو
ٿڌي لهجي سان پيار ۽ انتظار جي شاعري ڪندڙ، نوجوان شاعر، شمس چانڊيو ۳ اپريل ۱۹۷۵ع تي، ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي، تعلقي ميروخان ۾ پيدا ٿيو. سڄو نالو شمس الدين ولد محمد حنيف چانڊيو اٿس. هُن ايم اي (پرائيوٽ) سوشيالاجي ۾، شاهه عـبداللـطيـف يـونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۱۹۹۶ع ۾ پاس ڪئي آهي.

آتش سنڌي - رياضت ٻرڙو


آتش سنڌي
رياضت ٻرڙو
آتش سنڌيءَ جو شمار مزاحمتي ۽ قومي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته ميٺ محبت واري شاعري پڻ سرجي اٿائين. هُو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيي تان نشر ٿيڻ سميت، آڊيو ڪيسٽن ۾ پڻ نامور فنڪارن پاران ڳايا ويا آهن.

01 August, 2012

ليلومل - پير علي محمد راشدي


ليلومل
پير علي محمد راشدي
عام چوڻي هوندي هئي ته ”واڻيو ڳوٺ جي سونهن آهي“. جنهن ڳوٺ ۾ واڻئي جو هٽ نه هوندو، ان ڳوٺ کي نه مڪمل سمجهيو ويندو، نه ان جي رهاڪن کي سکيو ستابو. ”واڻئي“ جي معنيٰ هوندي هئي ٻهراڙيءَ جو هندو ننڍو دڪاندار.
ڳوٺ جي ”واڻئي“ سان ڏاڍائي ڪرڻ يا ان کي نقصان پهچائڻ يا ان جي مذهبي ضرورتن ۽ روايتن جو لحاظ نه رکڻ، نامردي ۽ خسيسپڻو سمجهيو ويندو هو.