; سنڌي شخصيتون: November 2025

10 November, 2025

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ

(۱۱۶۵ - ۱۱۰۲ ھجري)



والد : شاھ حبيب الله.

ڏاڏو : عبدالقدوس شاھ.

پڙڏاڏو : جمال شاھ.

تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم.

جنم ھنڌ : ھالا حويلي.

وڏن جو تعلق: ھرات سان.

۱- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو؟

جواب: ڪوٽڙي

۲- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو؟

جواب: آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾.

۳- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو؟

جواب: عربي، فارسي، ھندي ۽ سرائيڪي.

09 November, 2025

فتاح ملڪ

فتاح ملڪ

سندس وڇوڙو

ياسر قاضي



”جي ديپ وسامِي ويو، سڪرات هلي ويندي“

سنڌ جو سجِيلو شاعر، ڪهاڻيڪار، دانشور ۽ ترقي پسند ليکڪن جي لڙهَه جو هڪ اهم موتي، فتاح ملڪ سنڌ کان ٺيڪ هڪ هفتو اڳ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي وڇڙي ويو. عبدالفتاح ملڪَ، پني عاقل ۾  ۴ مارچ  ۱۹۳۹ع تي غلام قادر مَلڪ جي گهر ۾ اک کولي. پنهنجي ڄم جي تاريخ بابت فتاح ملڪ صاحب پاڻ لکي ٿو: ”مُنھنجي ڄم جي تاريخ يقين سان نٿي ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اسانکي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونه ڪو ملازم وٺي ويندو هو ۽ داخل ڪرائيندو هو. اسڪولي رجسٽر مطابق منھنجي جنم تاريخ چوٿين اپريل ۱۹۳۹ع آهي.“ فتاح صاحب جن پاڻ ۾ ۶ ڀائر ۽ ۶ ڀينر هئا. جن مان ٻه ڀائر ۽ سڀ ڀينرون کائنس وڏا ۽ ٽي ڀائر ننڍا هئا. فتاح ملڪ جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا. جنهن بابت پاڻ فتاح لکي ٿو: ”چون ٿا ته اسانجو ڪو وڏو اڪيلي سر بلوچستان مان اڄ کان ڇهه يا ست سؤ سال اڳ خبر نه آهي ته ڪھڙي سببان گهوٽڪيءَ جي شھر ۾ اچي مقيم ٿيو. گهوٽڪيءَ کي ان وقت جي بزرگن جي ڪري ’صاحبن جِي لوءِ‘ سڏيو ويندو هو. صاحب ڪريم ان وقت جا بزرگ سيّد پير مونس شاهه جن هئا، جن ڏينھن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انھن جا مھمان ٿيا هئا. اسانجو وڏو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻيءَ: بلوچستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جو مالڪ هو. خبر ناهي ته ڪھڙي ڳالهه کين هتي اچڻ تي مجبور ڪيو، بھرحال هو اتان نڪري صاحب ڪريمن وٽ اچي حاضر ٿيو، ڪجھه وقت ته خادمن ۽ مريدن ۾ هو. سندس زبان شايد بلوچي يا فارسي هئي، انڪري ڪوبه سندن حال احوال ڪونه پيو وٺي. بعد ۾ پير صاحب جن جڏهن کانئن خبرگيري ورتي ته کين معلوم ٿيو ته همراهه وڏ گهراڻو آهي. مدد طور کين ڪجھه رقم ڏنائون. جنھن سان ڪو واپار ڪيائون ۽ ڪافي مال ڪمايائون. جيڪو سمورو اچي پير صاحب جن جي اڳيان رکيائون. پير صاحب جن فقط اوتري رقم کنئي جيتري کين ڏني هيائون. پوءِ کين پنھنجي حويليءَ سان گڏ گهر به ڏنائون، شادي وغيره به ڪرايائون ۽ شھر جي ڪوٽوالي به ڏنائون. ان گهٽيءَ جو اڄ تائين ’ڪوٽوال گهٽي‘ نالو رکيل آهي. اسانجو گھراڻو پير صاحب جن جي خاص خليفن مان سڏبو آهي ۽ تمام ٿورن فردن تي مشتمل آهي. ڪل سؤ سوا ڄڻا آهيون. منھنجو ڏاڏو واحد ڏنو نوڪريءَ جي سبب ڪري پنو عاقل ۾ آيو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. منھنجي والد صاحب به پنو عاقل کي پنھنجي ڳوٺ طور آباد رکيو. سندن شادي چانڊيا خاندان مان امروٽ شريف جي مولوي تاج محمد ڪرائي.“ (ڪتاب: ”جيڪي ياد پيوم“)

پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي

پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي

(سنڌي ناول جو ٿامس ھارڊي)

مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۳۷) - (جنم ڏينھن جي حوالي سان ڀيٽا)

ساجد رند



پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي ولد ميوارام ڀمڀاڻي ۱۵ نومبر ۱۹۱۲ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو. پروفيسر صاحب ساھتي خطي جو رهاڪو ھو، بمبئي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪري ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، ورهاڱي کانپوءِ ھندستان لڏي ويو. پروفيسر نارائڻ داس تي انگريز ناول نگار ٿامس ھارڊي جو اثر غالب نظر اچي ٿو، ان جا ڪيترا ئي ڪتاب (ناول) ترجمو ڪيائين. پروفيسر صاحب جو لکيل ناول ”غريبن جو ورثو“ سنڌي ادب جو ھڪ شاهڪار ناول آھي. پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ ديھانت ڪري ويو.

پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي جون ڪيل علمي ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.مالھڻ (ناول)

۲.وڌوا (ناول)

۳.غريبن جو ورثو (ناول)

۴.پاڪ ۽ پاڪيزگي (ترجمو ناول)

۵.ادبي گلشن (مضمون ـ ٽي ڀاڱا)

۶.شاه جون سورميون (لطيفيات)


 

نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي

سندس لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ميوارام ڀمڀاڻيءَ جي گهر ۾ نارائڻ داس ۱۹۱۲ع ۾ جنم ورتو. هن انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، اڳتي هلي پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيائين، ۱۹۴۷ع کانپوءِ هندستان لڏي ويو، ڀمڀاڻي صاحب کي سنڌي ادب سان ۽ خاص ناول جي صنف ۽ لطيف شناسيءَ جو شغف هو هن جا لکيل ناول ”مالهڻ“ ۱۹۴۳ع، ”وڌوا“ ۱۹۴۳ع، ”غريبن جو ورثو“ ۱۹۴۶ع گهڻا مشهور ٿيا، ان کانسواءِ هن ڪي ناول ترجمو ڪيا جن ۾ ٿامس هارڊي جو ناول” پاپ ۽ پاڪيزگي“ خاص آهي، مضمون نويسيءَ جو پڻ ڪوڏيو هو. ”ادبي گلشن“ جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾ مضمونن جا مجموعا شايع ٿيس. لطيف شناسيءَ ۾ سندس ڪتاب ”شاهه جون سورميون“ انهيءَ وقت پڌرو ٿيو جڏهن هن موضوع تي الڳ سان ڪنهن به قلم نه کنيو هو.

هيءُ ڪتاب لطيفي فن و فڪر جي اوائلي ڪتابن ۾ اهم شمار ٿئي ٿو. پاڻ پروفيسر ڀمڀاڻيءَ ۾ شاهه عبداللطيف رحه جي رسالي ۾ آيل سورمين جي ڪردار جو نقشو شاهه جي بيتن سان ڀيٽيو آهي. شاهه سائينءَ جي سورمين ۾ سندن پنهنجو عڪس ڄاڻائيندي ليکڪ لکي ٿو ته؛ “شاهه جو شعر سندس زندگيءَ مان اڀري ٿو ۽ شاهه جون سورميون سندس جدا جدا روپ آهن. شاهه شاعر هو ۽ عاشق هو، صوفي ۽ فيلسوف هو، ۽ سندس سڀاءُ جون اهي چارئي خاصيتون سندس سورمين ۾ نظر اينديون، پاڻ کي ويهي منجهن اوتيو اٿس. ڪهاڻيءَ ۾ ڪڏهن پاڻ ٿو ڳالهائي ته ڪڏهن سندس سورميون. جهڙيءَ ريت انڊلٺ جي ستن رنگن جو ڪارڻ سفيد روشني ٿئي ٿي تهڙيءَ ريت شاهه صاحب جون نظمي وارتائون سندس ئي شخصيت مان اُڀرن ٿيون، سڀني ۾ پاڻ پيو وسي“.

نارائڻ داس ڀمڀاڻي هڪ حساس ليکڪ هئڻ جي حيثيت سان هن سماج جي طبقاتي فرق يعني اميري ۽ غريبيءَ کي گهڻو محسوس ڪيو آهي. ۽ پاڻ غربت کي انساني ڪردار نگاريءَ جي سهڻين صفتن جو امين سڏيو اٿس. اهو اظهار سندن ناولن ”غريبن جو ورثو“ ۽ ”مالهڻ“ ۾ اُتم ملندو اهڙو ئي خيال هن شاهه جي سورمين جي ڪردارن سان ڄاڻايو آهي. سندن موجب ته: ”شاهه صاحب کي دنيا جي اونهي آزمودي مان اها ڄاڻ پيئي ته غريبي گُڻن جي کاڻ آهي، جيڪي ڌڻيءَ جا تلاشي آهن، تن ۾ گهرجي صداقت، بلند خيال، نئڙت ۽ قرباني. اهي صفتون شاهوڪارن کان وڌيڪ هن کي غريبن ۾ نظر آيون. شاهه صاحب ڏٺو ته دولت ۾ناز آهي غريبيءَ ۾ نياز آهي ۽ مالڪ وٽ نياز کٽندو نه ڪِه ناز. ليليٰ ناز ڪري لائن لڌل چينسر هٿان وڃايو پر نوريءَ پنهنجيءَ نياز ڀريءَ هلت سان ڄام تماچي کي موهي پنهنجي قبضي ڪيو.

ڀمڀاڻي صاحب موجب ليلا ۽ مومل وڏ گهراڻيون هيون ۽ اهي ئي ٿاٻڙجن ٿيون، مارئي هڪ غريب ڳوٺاڻي هئي پر عمر جي لالچن تي ڀنڀلجي نه ويئي.

پٽ نه پهريان سومرا! جان ڪي تان جيان،

تيل نه لائيان تنهنجو، مون ماروءَ جو من.

سهڻي ۽ سسئيءَ جي ڀيٽ ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته؛ ”سهڻي ۽ سسئيءَ جي وچ ۾ ظاهري مشابهت آهي ٻيئي ڄڻيون، سالڪ بڻجي محبوبن جي جستجو ۾ پنهنجيون حياتيون قربان ڪن ٿيون، ٻئي دک انت ڪهاڻين جون سورميون آهن. ٻنهي سورن جي ستايلن موت جي گود ۾ پنهنجن پريتمن جو مشاهدو ماڻيو. مگر انهيءَ ٻاهرينءَ هڪجهڙائيءَ پٺيان ڪافي تفاوت نظر ايندو. سهڻيءَ جي محبت جون حالتون سسئيءَ جي حالتن کان ٻيءَ طرح جون هيون. هوءَ چوٽيءَ تي آهي ۽ ان چوٽيءَ تي شاهه جي ٻي ڪا به سورمي پهچڻ جي سڌ نٿي ڪري سگهي. سسئي پنهونءَ جي آکاڻي شاهه جي وڏي ۾ وڏي ڪوتا آهي ۽ جنهن شوق ۽ باريڪيءَ سان هن سسئيءَ جي دلي جذبن جو نقش چٽيو آهي، اهڙو ٻيءَ ڪنهن به سورميءَ جو نه ڪڍيو اٿس. سسئيءَ جي بيتن پڙهندي ايئن پيو معلوم ٿئي ته سسئي ڪا نه ٿي رڙي، پر شاعر جي دل تي دانهون ڪري، ڪوتا جي رَسَ ڪري شاهه جي ٻين سورمين کان ڪسر آهي. سسئيءَ جي سُرن ۾ جيڪو سوز ۽ شاعراڻي رواني نظر ايندي سا ٻين سُرن ۾ اڻ لڀ آهي. (ص ۳۵-۵۷)

شاهه جي سورميءَ نوريءَ جي لاءِ لکي ٿو ته، “نوري به مومل ۽ ليلا جيان نصيب واري هئي جو محبوب جي ميلاپ جو مزو ماڻيائين ليلا چنيسر جي پٽ راڻي هئي ته نوري ڄام تماچيءَ جي ليڪن نوري ليلا جيان، آنند جي آغوش ۾ رهي ڦونڊ ۾ نه ڀري.

”مهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرب نه گاءُ.“

شاهه صاحب جي ڪردار مارئيءَ کي ليکڪ اڏول ۽ مضبوط ڄاڻائيندي کيس ”سچي سورمي“ سڏيو آهي، جنهن جي سيرت بي عيب آهي. هن نٻل ناريءَ جي دل ٻلواڻ آهي سچائي ۽ پاڪيزگي سندس ٻل آهي. مارن ۽ پنهنجي ڀتار لاءِ پڪو پريم ئي سندس سيرت جي خوبي آهي. ڀمڀاڻي صاحب مارئيءَ جي داستان جي عام مروج تمثيل سان متفق نه آهي. سندس موجب سر مارئيءَ ۾ ڪا به تمثيل نه هئڻ گهرجي بلڪه هي مضمون شاهه صاحب جي شاعراڻي دماغ جي لاءِ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪشش رکندڙ آهي. ”سر مارئي“ ۾ شاهه فطرتي شاعر، محب وطن ۽ پنگتي تاريخ نويس نظر اچي ٿو.“

سر ”سورٺ“ تي رايو ڏيندي ليکڪ لکي ٿو ته: ”سورٺ سان شاهه انصاف نه ڪيو سر سورٺ وڌيڪ وڻندڙ ٿئي ها، جيڪڏهن شاهه ان ۾ سورٺ جي دلي امنگن جو اظهار ڪري ها. سارو داستان عجيب عبارت سان سينگاريل آهي، پر سورٺ جي سيرت تي الائي ڇو پردو ڪيل آهي؟ تمثيلي نقطئه نگاهه کان ڪن پڙهندڙن ته وري سورٺ سان حد بي انصافي ڪئي آهي، جو سورٺ جي معنيٰ ڪئي اٿن ”نفس“ سورٺ ته سچي راجپوت استري ثابت ٿي، جا پتيءَ سان چکيا چڙهي. سورٺ جي قرباني نظر انداز ڪري کيس نفس سان مشابهت ڏيڻ وڏي ادبي غلطي آهي“.

منهنجي خيال ۾ شاهه صاحب کي سرود و سماع جو بيحد شوق هو ۽ هن سڄي تاريخي حقيقت ۾ هڪ راڳ جي عاشق ٻئي راڳ جي عاشق جي تصوير ڪڍي آهي ۽ سماع جي طاقت بيان ڪندي راڳ جي روحاني برڪت کي بيان ڪيو آهي. ”سر سورٺ“ انهيءَ شاعر جو لکيل هو، جنهن جي روحاني غذا راڳ هو. راءِ ڏياچ جي قربانيءَ شاهه کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. سسئيءَ برابر سر ڏنو، سهڻيءَ جي قرباني به لاثاني آهي. پر راءِ ڏياچ جو ذڪر ڪندي شاهه صاحب سورٺ جي سورن جو بيان انهيءَ خيال کان نه ڏنو ته راءِ ڏياچ جي اهميت جهڪي ٿي ويندي پر ساڳئي وقت هن سيل ستيا جي مورت جي قربانيءَ کي ملهائڻ لاءِ پنهنجي نطم جو نالوئي رکيائين ”سر سورٺ“ (ص ۱۰، ۱۰۵، ۱۱۰)

ڀمڀاڻي صاحب شاهه صاحب جي سورمين جي جيڪا سيرت نگاري پيش ڪئي آهي، سا پنهنجي جڳهه تي منفرد آهي، سورمين جون انفرادي خوبيون، همت، صبر، سمجهه، سونهن، وفاداري، ۽ حب الوطني بيتن جي حوالي سان سمجهائيندي گڏوگڏ کين پاڻ ۾ ڀيٽي سندن اجتمائي خوبين کي پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب سان شاهه جي سورمين جي اهميت اُجاگر ٿي ۽ خاص طور هن موضوع تي وڌيڪ لکجڻ جي شروعات ٿي جنهن ۾ چند مقالن ۽ مضمونن کان علاوه ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ٿيسز شمار ٿين ٿيون. جيئن منوهر مٽلاڻيءَ جي مقالي ۾ هن حوالي سان هڪ مڪمل باب آهي ته ڊاڪٽر فهميده حسين جو مقالو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ۽ حسن بانو سومرو جو جو مقالو ”شاهه ۽ عورت“ اچي وڃن ٿا. ملڪاڻي منگهارام سنڌي نثر جي تاريخ ۾ لکيو آهي، “۱۹۴۴ع ۾ شاهه لطيف تي باتصوير تنقيدي ڪتاب پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو ”شاهه جون سورميون“نڪتو جنهن ۾ هن صاحب شاهه جي عورتن جي چترشالا (آرٽ گئلري) ۾گهڙي، سندن سيرتن جي ڇانٽ ۽ ڀيٽ ڪئي هئي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اهي شيڪسپيئر جي سورمين جهڙيون ئي اعليٰ ۽ عليحده سيرتن واريون هيون“.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي

پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي

سنڌ جي تاريخ جو چوٿون ماهر اقتصادات (Economist)

مختيار احمد ملاح



پروفيسر نارائڻ داس رتڻمل ملڪاڻيءَ (۱۸۹۰- ۱۹۷۴ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪيائين. اڳتي هلي هن ڪاليج ۾ معاشيات جو پروفيسر ٿيو، حيدرآباد واري ڪاليج ۾ به ڪم ڪيائين. بدلي ٿيڻ کان پوءِ مظفر پور ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پنهنجي دور جو ماهر اقتصاديات سمجهيو ويندو هو. بعد ۾ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ۾ حصو ورتائين. گانڌيءَ سان تمام ويجهو رهيو. ادبي دنيا ۾ هو مضمون نگار طور مشهور آهي. سندس مضمونن جا ڪتاب ڳوٺاڻي چهر” (۱۹۲۹ع) ۽ ”انار دانه” (۱۹۴.) مشهور ٿيا. ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيل اٿس، جن ۾ سندس “سنڌ جا هنر” (ثقافتي مضمون) (۱۹۸۷)، “جبلي جيوت” (تحقيق ۱۹۳۳)، “ماهتاب سان ڳالهيون” (سياست ۱۹۳۵) “۽ “يوگ ڪين جوڳ” (صوفي مضمون ۱۹۴۴) “ميراڻي سنڌ” (تاريخ، ترجمو) “گرنار ۽ جوناڳڙھ” (سفر نامو)، ”ٻاراڻيون ٻوليون”(ٻاراڻو ادب ۱۹۲۹ع) “نرالي زندگي” (آتم ڪهاڻي ۱۹۶۲) وغيره شامل آهن.

پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ هڪ روسي ناول جو ترجمو ”بک”نالي سان ڪيو، جنهن ۾ ڏڪر جي ڀوت جي ڀيانڪ تصوير چٽيل هئي.

 

(مختيار احمد ملاح جي فيسبڪ پيج سنڌي رائيٽرز تي رکيل پوسٽ ۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

سيٺ نارائڻ داس شڪارپورِي

سيٺ نارائڻ داس لُلو شڪارپورِي

حسيب ناياب منگي



شڪارپور جو ناليوارو وڻجارو، سماج سُڌارڪ ۽ دياوان پُرش ــ سيٺ نارائڻ داس اها شخصيت هو، جنهن شڪارپور جو نالو واپارَ جي حوالي سان هندوستان جي مختلف شهرن ۾ مشهور ڪيو. سيٺ پنهنجي واپارَ سانگي اڪثر شڪارپور کان ٻاهر رهندو هو، پر شڪارپور ۾ جڏهن به ايندو هو ته پنهنجي جنم واري هن شهر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو هو. شڪارپور جي غريبن جي مدد توڙي بيواهه عورتن جِي سارَ سنڀال لهڻ ۾ به اڳيان اڳيان هوندو هو. هن جي هميشه اها ڪوشش رهي ته شڪارپور جا غريب ماڻهو ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻَ بدران هنر جي سکيا وٺن. جيستائين بيواهه عورتون يا بي پهچ مردَ ڪجهه سکي نه وٺندا هئا، سيٺ جي تجوڙي انهن غريبن جي مدد لاءِ استعمال ٿيندي رهندي هئي. انهن ماڻهن کي هنر سيکارڻ جو بار به سيٺ جي مٿان هوندو هو، جيڪو خرچ پاڻ خوشيءَ سان ڀريندو رهندو هو.

محمد خان جتوئي

محمد خان جتوئي

سائين جون ساروڻيون

سرمد سولنگي



جڏهن مان هن وٽان، بابا جو ڪوئي ڪتاب (جيڪو هن کانئس پڙهڻ لاءِ ورتو هو) کڻڻ ويو هوس ... هو ڪڏهن ڪڏهن بنهه مختلف رنگَ ۾ هوندو هو ۽ پوءِ هو کُلندو ويندو هو...کُلندو ويندو هو...

07 November, 2025

ڪَمل سِنگهه سوڍو

ڪَمل سِنگهه سوڍو

آدرشِي اِنسان جي موڪلاڻي!

سردار ڀيو



ڪاڪو ڪَمل سنگهه سوڍو اسان جي خطي جو هڪڙو آدرشي انسان هو، هُن جي وڏڙن جڏهن کان ڇور جي پسگردائي ۾ اچي کُونٽو کوڙيو هو، تڏهن کان اسان جي خطي ۾ حويلي  جي نالي سان ڳوٺ سڏجڻ لڳو هو، اڄ تائين ڇور جي ڀرسان هن آباد حويلي جو تعارف سوڍا ئي آهن. سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعن ۾ ٿر وارن علائقن ۾ خاص طور تي سوڍا گهڻي تعداد ۾ رهائش پذير آهن. سوڍن جي صاحبِي جا قصا ۽ ڪهاڻيون تاريخ جو حصو آهن. ڪاڪي ڪمل سنگهه وارا حويلي ۾ صدين کان وٺي رهن پيا،  عمرڪوٽ  جي خطي ۾ ڪاڪي ڪمل سنگهه جي هَلِي چَلي رهي آهي، هو مردم شناس هو، ماڻهن کي پرکڻ هن جي انيڪ ڳڻن ۾ هڪڙو ڳُڻ هو. ڪمل سنگهه سوڍي جي اُٿاڪ پنهنجي خانداني پسمنظر جي ڪري شاندار هُئي، هن وٽن سوَن جي تعداد ۾ زمين رهي، باوجود تنهنجي هن جي ڪنڌ ۾ سريو ڪونه لڳو، تنهنڪري ڪاڪي ڪمل سنگهه جي شخصيت  ۾ نهٺائي، حليميت، پنهنجائپ، نوڙت، نيازمندي ۽ ڀاڪر ڀري کيڪار ڪرڻ جهڙيون خوبيون نمايان هونديون هيون. پنهنجي خطي ۾ وڏي زمينداري رکندڙ ڪاڪي ڪمل سنگهه وٽ  غريب ۽ امير لنگهي ايندو هو ته بنا فرق جي ٻنهي کي ساڳي مزاج سان کيڪار ڪندو هو. ڪمل سنگهه هتي جو آبادگار هو، هارين نارين سان پنهنجائپ وارو رشتو رهيو، چيٽ ڪَتيءَ ۾ فصلن جو ليکو چوکو ڪري هر هاري کي پنهنجي بچت ڏئي ڇڏيندو هو. هارين جي اوکي مهل مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ کي فريضو سمجهندو هو. ڇور شھر ڀرسان مساڻ جي لاءِ پنهنجي زمين ڏنائون، هن وقت اها زمين ڪروڙن جي ملڪيت آهي.

سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا

سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا

حسيب ناياب منگي



هونئن ته شڪارپور ۾ نيڪيءَ ۽ خير جا ڪم ڪرڻ وارا ڪي گهٽ ڪونهن گذريا، پر سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا جو نالو خلق جي خدمت جي کيتر ۾ نه صرف شڪارپور ۾ پر سکر، ڪراچيءَ ۽ ڪوئيٽه تائين مشهور هو. هي صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ انسانذات جي بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ جيترو ڪم ڪري ويو، سو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هن جي ترجيحن ۾ شهر جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ توڙي مسڪين ماڻهن جي بُکَ جي خاتمي سان گڏ انهن جي تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ به هو. شڪارپور جي ساڌُن ۽ سَنتن جِي صحبت ۾ وقت گذارڻ ڪري هُو ڌرمي خيالن جو مالڪ به هو. مندرن ۾ وڃي نه رڳو پاڻ پُوڄا ڪندو هو، پر اتي موجود ماڻهن جا مسئلا ٻُڌي، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو هو. کيس گهڻو چاهه هو ته سندس هٿن مان جيترا خيرَ جا ڪم ٿي سگهن، هو ڪندو رهي. اهو ئي سبب آهي جو پريشان حال ماڻهو، بي وس ۽ لاچار توڙي معذور شخصَ وٽس اچي پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪري ويندا هئا.

ثمينه ميمڻ

ثمينه ميمڻ



سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار، شاعرہ، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ تاريخي، علمي ادبي تحقيقي جرنل ٽه ماھي “مھراڻ” رسالي جي ايڍيٽر ثمينه ميمڻ جو اصلي نالو ثمينه پروين ۽ ادبي سڃاڻپ ثمينه ميمڻ آھي.

06 November, 2025

دوست محمد خان هڪڙو

دوست محمد خان هڪڙو

قمبر جو رابن هُڊ ميجر

عبدالباري ٽانوري



ميجر دوست محمد خان هڪڙو ۱۹۱۱ع ۾ قمبر شهر جي علي خان پاڙي ۾ علي حسن خان هڪڙو جي گهر ۾ ڄائو. ۱۹۲۰ع ۾ ابتدائي تعليم سنڌ جي تاريخي درسگاهه  سنڌ مدرسه الاسلام مان حاصل ڪيائين. بنيادي تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ هندستان جي شهر ديره دون ويو جتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين. تعليم جي هن سفر کيس اهو يقين ڏياريو ته ترقي جو واحد ذريعو تعليم آهي جتي ان دور ۾ سياست ۾ نعريبازي ۽ عوام جي استحصال جو رواج عام هو  ميجر دوست محمد خان چاهي ها ته هو به ذاتي مفاد لاءِ اهڙو ئي ڪري سگھي پيو پر هن ان جي ابتڙ پنهنجي علائقي جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ هن جي نظر ۾ تعليم ئي اهو ذريعو هو جنهن سان شعور ممڪن هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شهر قمبر علي خان ۾ انهن غريب نوجوانن لاءِ جدوجهد ڪئي جيڪي تعليم ته حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا پر مالي وسيلا نه هجڻ ڪري اڳتي نه وڌي سگهندا هئا هن نه رڳو انهن جا تعليمي خرچ کنيا پر انهن لاءِ پنهنجو ذاتي بنگلو به وقف ڪيو جتي پڙهائي رهائش کاڌ خوراڪ کان وٺي هر ان شيءِ جو انتظام ڪيو جنهن سان اهي غريب نوجوان بنا ڪنهن پريشاني جي تعليم حاصل ڪري سگهن هُن جي ان قدم قمبر شهر کي جهالت مان ڪڍي تعليم جي روشني سان منور ڪيوميجر دوست محمد خان جون خدمتون هتي ختم نه ٿيون هن قمبر هاءِ اسڪول، قمبر گرلز پرائمري اسڪول، اسپورٽس گرائونڊ، قمبر پوليس اسٽيشن سميت قمبر ۾ ڪيترين ئي تعميراتن لاءِ پنهنجي ذاتي زمين ڏني سڀ کان وڏي ڳالھ قمبر ۾ مذهبي رواداري جو مثال قائم ڪندي هن هندو برادري لاءِ مندر به تعمير ڪرايوعوام جي خدمت جو ان جذبي کيس سياست ۾ آندو ۽ هو قمبر ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين منتخب ٿيو. ان وقت ميونسپل ڪاميٽي وٽ وسيلا نه هجڻ برابر هئا ان باوجود هن ڏينهن رات محنت ڪري ان کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو اُن جي ان محنت جي نتيجي ۾ آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن آيو جڏهن قمبر ميو نسپل ڪاميٽي مالي وسيلن سان ايتري مضبوط ٿي وئي جو هن سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ميو نسپل ڪاميٽي کي به قرض ڏنو.

رياض ابڙو

رياض ابڙو

علم، ادب ۽ انسان دوست ليکڪ جو وڇوڙو

قمر آفتاب ابڙو



رياض ابڙي جي ڪمهلي وڇوڙي تي سوچجي ٿو ته ڪيئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ساهه جي آخري هڏڪي تائين اهڙي لياقت ۽ وفا سان جڙيل رهندا آهن، جو سندن وڇوڙو محض هڪ ماڻهوءَ جو وڇوڙو نه هوندو آهي پر ڄڻ وقت جي هڪ مڪمل باب جو بند ٿي وڃڻ هوندو آهي. رياض ابڙو به اهڙو ئي هڪ شخص هو، جنهن جي زندگيءَ جا ورق رڳو سندس ذات تائين محدود نه هئا، پر سڄي سنڌ جي فڪر، ادب ۽ علم سان ڳنڍيل هئا. سندس لاڏاڻي جي خبر جڏهن پهتي، تڏهن دل تي اهڙي طرح ڌڪ لڳو، جيئن ڪنهن اوچتي طوفان دل جا در کڙڪايا هجن ۽ يادگيرين جا ڪٽورا ڇلجي پيا هجن. هن جو وڃڻ منهنجي لاءِ رڳو هڪ دوست، ساٿي ۽ هم ڪلاسي جو وڃڻ نه آهي، پر منهنجي پنهنجي ماضيءَ جي هڪ وڏي حصي جو ٽٽڻ آهي، جيڪو هاڻي ڪڏهن به وري جُڙي نه سگهندو.