معصوم سانگهڙائي
غلام عباس لسڪاڻي/جهول
هن کي اسان کان وِڇڙئي يارنهن سال ٿيا آهن، پر هو دِلين مان يارنهن سيڪنڊ به دُور نه ٿيو آهي، حياتيءَ ۾ جيڪو هُنَ سان هڪ دفعو مليو، انهيءَ مٿان اهڙا منڊ منڊي ڇڏيائين، جو هُو رڳو هن جو نالو ورجائيندو رهيو، جنهن کي مائٽ ”مٺو“، آفيسر عبدالقادر، ۽ اديب توڙي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ کيس معصوم سانگهڙائيءَ جي نالي سان سڃاڻندا هئا. سندس ڪجهه همعصر اديب دوستن توڻي جو کيس صَلاح ڏني هئي ته هو حيدرآباد جا وَڻَ وسائي، جتي روز ادبي پروگرام به آهن ۽ گهڻا تڻا اديب به اُتي رهن ٿا پر هن انڪار ڪندي چيو ته، هن جي هتي جي دوستن جو ڇا ٿيندو، هو جهول ۽ سانگهڙ جي دوستن کي ڇڏي نه ويندو، هن جو ڪُل سرمايو دوست هئا، جنهن هن جي دوست جي عزت نه ڪئي، هو به ان جي عزت نه ڪندو هو، سندس حلقي ۾ ويهندڙ سڀني جا ڏُک، درد ۽ خوشيون هن جون هيون، جهول شهر جا رهواسي کيس ساري اڄ به روئي پوندا آهن ۽ چوندا آهن ته، جيڪڏهن هُو نه هجي ها ته، اڄ هو روزگار لاءِ به پريشان هجن ها، ڇو ته هو اڻپڙهيل هئا، معصوم کين صرف پڙهڻ تي ئي نه اُتساهيو پر ان ۾ مدد به ڪئي.