; سنڌي شخصيتون: حفيظ چانڊيو، ساجد رند،
Showing posts with label حفيظ چانڊيو، ساجد رند،. Show all posts
Showing posts with label حفيظ چانڊيو، ساجد رند،. Show all posts

14 July, 2024

عيسيٰ ميمڻ

عيسيٰ ميمڻ

نوجوانن لاءِ اتساھ بڻيل ڪردار



ڌرتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، جن پنهنجي قومن جي علم، ثقافت ۽ ذهني اوسر لاءِ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي ان قوم جو سرمايو ٿي پون ٿا. اديب به سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعين به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو، اهڙن ئي انتهائي روشن خيال اديبن، شفيق، سٻاجهڙن، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مان عيسي ميمڻ به هڪ آهي. محمد عيسيٰ ميمڻ .۹ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڊڙي ڳوٺ کوهارا ۾ الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ٿورئي عرصي ۾ تعلقي ڏوڪري۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي، عيسي ميمڻ پنهنجو ادبي سفر ۱۹۹۸ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جو ميمر ٿيڻ سان ڪئي ۽ ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ساڳي شاخ جو سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ ساڳي شاخ تي مختلف عهدن تي رهيو ايئن ئي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمر ان کان پوءِ ۲۰۱۳ع ۾ لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري بڻيو مارچ ۲۰۱۷ع ۾ عيسيٰ ميمڻ پنهنجو ڪتاب جيڪو هن “سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو جي ڪارگردگي رپورٽ” (سال ۲۰۰۳ع، ۲۰۰۳ع ۽ ۲۰۱۳ع) جي نالي سان ڇپايو آهي، اها رپورٽ هن پنهنجي سيڪريٽري هجڻ واري دورن جي پڌري ڪئي ھئي جيڪا پڻ ٻين ادبي شاخن لاءِ مثال بڻي ۽ ان وقت ادبي حلقن ۾ چڱو بحث هلي پيو هو، ساڳئي ۲۳ اپريل ۲۰۱۷ع تي هن “ڪتابي رپورٽ” جي مهورتي تقريب نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي وئي. سنڌي ادبي سنگت جتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف اختلافن جو شڪار رهي آهي اتي عيسيٰ ميمڻ س ا س شاخ لاڙڪاڻي کي ايترو ته سرگرم رکيو جو سڄي سنڌ جي سنگت جون سرگرميون هڪ پاسي رکو ۽ شاخ لاڙڪاڻي جون سرگرميون ٻئي پاسي تڏهن به شاخ لاڙڪاڻو وزنائتي ثابت ٿيندي جنهن جو کليل شاخ جا ادبي لاٽ نالي نڪتل ٻه شمارا آهن. يقينن ان سڄي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ عيسي ۽ سندس ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.