بلاول پرديسي
سنڌيانا
سنڌ جي برک استاد ۽ شاعر بلاول
پرديسيءَ جو اصل نالو محمد بلاول ولد محمد يعقوب، ذات وگهامل هو. هن ڳوٺ کاڻوٺ،
تعلقي هالا ۾ ۲۹ مارچ ۱۹۳۱ع تي جنم ورتو. پهرين پرائمري استاد ٿيو، پر پوءِ پنهنجي علمي لياقت ايم.
اي تائين وڌائڻ بعد، ليڪچرر، پروفيسر ۽ پرنسپال ٿيو. هي سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج
تلڪ چاڙهي، حيدرآباد ۾ وڏي عرصي تائين پرنسپال رهيو. پنهنجي دور جو هڪ سٺو شاعر ۽
نثرنگار ٿي گذريو آهي. هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي گيت، غزل ۽ ڪلام
سنڌ جي نامور فنڪارن ڳايا آهن، جن ۾ استاد محمد يوسف اهم آهي، بلاول پرديسيءَ جا
فلمي گيت توڙي گيتن ڀريون ڪهاڻيون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿي مقبوليت ماڻي
چڪيون آهن. شاعريءَ توڙي نثر ۾ سندس تصنيفون هن ريت آهن: (۱) ’دلسوز ڪافيون‘ (شاعري ۱۹۵۶ع)، (۲) ’ڪليات پرديسي‘، (۳) ’پڪار‘
(شاعري)، (۴) ’سوني صندوق‘ (ٻاراڻو ادب: ۱۹۵۶ع)، (۵) ’زندگي ۽ حادثا‘ (افسانا: ۱۹۶۹ع)، (۶) ’جادوءَ جو گلاب‘ (ٻاراڻو
ادب)، (۷) ’رهبر دوستي‘ (مضمونن جو
مجموعو)، (۸ ’سچل جي
شاعري‘ (۹) ’جماليات‘ .
بلاول پرديسي ۲۳
ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي
دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.