; سنڌي شخصيتون: ابراهيم لاشاري، فقير محمد سنڌي،
Showing posts with label ابراهيم لاشاري، فقير محمد سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label ابراهيم لاشاري، فقير محمد سنڌي،. Show all posts

14 July, 2024

ابراهيم لاشاري

ابراهيم لاشاري

(بھارن جي گلن جھڙو – کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون)

فقير محمد سنڌي



وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڙهئان ميٺ گھڻو. (شاھ لطيف)

هڪ سچو قلمڪار زماني ۽ زندگيءَ سان ڀرپور نموني سان لاڳاپيل رهي ٿو، جيڪو پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي چڱي دسترس رکي ٿو. اهڙو ئي سنڌي ادب جو نوجوان اديب، ليکڪ ۽ تخليقڪار ابراهيم لاشاري پنهنجي سونهن۽ سوڀيان ۾ نمايان حسن رکي ٿو. ابراهيم لاشاري پنهنجي لکڻين جي ڪري پنهنجي ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان علمي، ادبي حلقن تائين رسائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پنهنجو نالو ادب جي افق تي نروار ڪيو آهي. اهڙي طرح وارھ شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي ڪلراٺي مٽي تي هڪ محنت ڪش ۽ هاري حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾محمد ابراهيم لاشاري نالي ننڍڙي ابهم پهرين جنوري خميس ڏينهن سال ۱۹۷۶ع تي جنم ورتو. ابراهيم لاشاري جا والدين ايترا پڙهيل لکيل نه هيا مگر تنهن هوندي به هنن جي شعور ابراهيم لاشاري جي تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ علمي ۽ نصابي تعليم ڏئڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن پنهنجي ذهين صلاحيت سان پنج درجا پرائمري بهترين استاد عبدالوهاب لاشاري مرحوم جي شفقت سان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ وارھ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي ڪجھ عرصي بعد هن جي والدين سندس هاءِ اسڪول کنڊو ۾ داخلاءِ وٺي ڏني جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان (اي گريڊ) ۾ پاس ڪري ورتو، انٽر جو امتحان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارھ مان پاس ڪيو. هوڏانهن وري سندس والد صاحب جي زندگي وفا نه ڪئي ۽ دل جي تڪليف سبب راھ رباني ورتي، اهڙي طرح ابراهيم لاشاري جي زندگي ۾ مشڪلاتن منهن ڪڍيو، زندگي جا پل ڪنهن ڇپر ڇانوَ کان بغير گذرڻ هن ڪنهن عذاب گھٽ ڪونه هئا.