اسحاق سميجو
ڊاڪٽر فياض لطيف
هو ڪل وقتي شاعر ۽ جز وقتي ٻيو
ڪجهه آهي، انهيءَ ڪري علمي ۽ ادبي حلقن ۾، هن جي شخصيت جو حاوي ۽ حسين حوالو به هڪ
شاعر وارو ئي آهي ۽ هو پاڻ به پنهنجي ڪوي طور شناخت کي وڌيڪ وقعت ۽ ترجيح ڏيندو
آهي، توڙي جو هو بهترين نقاد ۽ سڄاڻ محقق به آهي، ۽ تنقيد ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهئي ۽
ڪهنه مشق قلمڪارن جا پگهر ڪڍڻ جا سڀئي تنقيدي گر، گڻ ۽ علمي صلاحيتون به رکي ٿو، ۽
انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪتاب 'شاعري سان دشمني' هڪ سگهارو حوالو ۽ اهم ثبوت آهي.