; سنڌي شخصيتون: عنايت پيرزادو، عبدالرزاق سروھي،
Showing posts with label عنايت پيرزادو، عبدالرزاق سروھي،. Show all posts
Showing posts with label عنايت پيرزادو، عبدالرزاق سروھي،. Show all posts

15 July, 2024

ڀائو ذلف پيرزادو

ڀائو ذلف پيرزادو

مزاحمتي صحافت جو اهڃاڻ

عنايت پيرزادو



”ڀائو ذلف پيرزادو“ اهو نالو، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ئي ذهن ۾مسلسل جدوجهد، انقلابي رومانس، شاگرد سياست، بيباڪ، عوامي ۽ مزاحمتي صحافت، وڏا ٽهڪ، خوش مزاجي، راڳ رنگ ۽ مڌ ماتين محفلن سميت زندگي سان ڀرپور زندگي جو خاڪو جڙي پوي ٿو. ٿوري قوت قراريا واري فقيري طبعيت رکندڙ هن شخص کي اسان ڪڏهن به اداس نه ڏٺو، هن زندگيءَ جي ڏکيائين آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو. صحافت جي دنيا ۾ڀائو ذلف پيرزادو جو هڪ الڳ ۽ مانائتو مقام آهي، هن صحافت ۾عوامي، سياسي ۽ انقلابي رومانس ذريعي نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا ۽ هميشه عوامي ڪيس وڙهيو. اهو ئي سبب آهي جو صحافتي حلقن ۾ڀائو ذلف پيرزادو کي هڪ بي داغ ۽ ايماندار صحافي طور پڻ سڃاڻو وڃي ٿو.