پير عبيد راشدي
لعل بخش جسڪاڻي
پير عبيد راشدي اسيءَ
جي ڏھاڪي ۾ منھنجو يونورسٽيءَ ۾ پيارو شاگرد ٿي رھيو. ذھين، تخليقي سگھ جو مالڪ، قومي
سياست ۾ متحرڪ ۽ ادب ۾ اڳڀرو. يونورسٽيءَ جي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان ٽولا ڪري
پيو ھلندو ھو. جڏھن ته پڙھائيءَ ۾ به ھوشيار ھو. سال کن کانـپوءِ اسان جو سينٽر ڇڏي
پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتائين، پر پنھنجي خانداني روايتن کي قائم
رکندي، مون سان استاد ۽ شاگرد جي مضبوط رشتي کي وڌيڪـ سگھارو ڪندي، دوستيءَ جي
رشتي جي دائري ۾ رکيو. سندس سئوٽ پروفيسر عباداللھ شاھ راشدي، منھنجو ويجھو ۽
پيارو دوست ماس ڪميونيڪيشن جو چيئرمين ۽ بعد ۾ پنھنجي والد صاحب جي وفات کانـپوءِ پير
جھنڊي جا گادي نشين ٿيا. پير جھنڊي جي تمام وڏي لائبريري ۽ قديم مدرسو آھي. جتي امام
انقلاب مولانا عبيداللھ سنڌي سالن جا سال درس تدريس ڏني ۽ ننڍي کنڊ جي روشن خيال ۽
قوم پرستيءَ جي سياست کي اڳڀرو ڪري ھمخيال پيدا ڪيا ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنياد رکي
فڪري سوچ ڏني.