; سنڌي شخصيتون: موسيٰ احمد مھر

02 January, 2022

موسيٰ احمد مھر

موسيٰ احمد مھر

عبدالحسين موسوي



موسي احمد ولد احمد خان مھر سال ۱۹۰۵ع ۾ لوڪو شيڊ روهڙي ۾ تولد ٿيو. سندس وڏڙا ڪچي جي ڳوٺ ڳڙھي آدو شاھ واسي هئا. وڏي ٻوڏ، اهو ڳوٺ پائي ڇڏيو. انھيءَ سبب اهي هيڏانھن لڏي آيا۔


موسي احمد پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي، پھرين ريلوي کاتي ۾ ڀرتي ٿيو۔ جتي لوڪوموٽِو ڊرائيور، پوء انسٽرڪٽر ۽ پڇاڙيءَ جو انسپيڪٽر ٿي، ريلوي مان رٽائر ڪري، روهڙي شھر جي منڍي کٻڙ پاڙي (هاڻوڪي رضواني محلي) ۾، سڪونت اختيار ڪيائين۔ انگريزن جي صحبت ۾ شڪار ۽ سير و سياحت جو شوق چوٽ چڙهيس. نتيجي ۾ هند سنڌ جي ٻيلن ۾ شڪار ڪيائين۔ شڪار جي موضوع تي لکيل اڪيچار ڪتابن جو نه رڳو اڀياس ڪيائين، بلڪ انھيءَ موضوع تي ڪتابن جو وڏو ذخيرو پڻ گڏ ڪيائين۔ جم ڪاربيٽ، جان هنٽ ۽ اينڊرسن جي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما به ڪيائين۔

مون کي ننڍي هوندي آکاڻين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سائين موسي احمد، اڪثر سومھاڻيءَ کان پوءِ بابا مرحوم ڊاڪٽر امداد حسين موسوي جي ڪلينڪ تي ايندو هو. پوءِ ڪڏهن پنھنجي شڪار جا دلچسپ قصا ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ڪيل ترجمن جا مسودا کڻي ايندو هو ۽ انھن مان ڪجھ نه ڪجھ پڙهي ٻڌائيندو هو۔

سائين موسي احمد مھر ۲۵ فيبروري ۱۹۸۵ تي وفات ڪئي۔ ڌڻي سائين کيس غريق رحمت فرمائي۔

 

(عبدالحسين موسوي جي فيسبڪ ٽائم وال تان ۲ جنوري ۲۰۲ع تي کنيل)

1 comment:

  1. سائين اوهان جو ٿورائتو، خوش ھجو شال

    ReplyDelete