; سنڌي شخصيتون

21 December, 2024

ڊاڪٽر شازيه سفير

ڊاڪٽر شازيه سفير

سندس لطيفي پرک

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ڊاڪٽر شازيه ۲۰ آگسٽ ۱۹۸۱ع تي ديدار حسين پتافيءَ جي گهر ڳوٺ رسول بخش پتافي تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ ۽ انٽر سوڀيديري مان ڪيائين، بي اي ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد پهريون وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ۲۰۰۹ع ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي، موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون جوابداريون نڀائي رهي آهي. هن سنڌي ٻولي ۽ ادب تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، سندس خاص علمي ۽ ادبي سڃاڻپ لطيف شناسيءَ تي تحقيق آهي، هِن ڏِسَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۾ ” سرمارئي ۽ ڪاموڏ ۾ سماجي ۽ حڪومتي نطام ۽ شاهه جو مثالي رياست بابت تصور“، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“، ”ڪتڻ هڪ پيار ڀريو پورهيو“، ”شاهه عبداللطيف جو ڪمال“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ رهبر جو تصور“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پورهيتن جي ٻولي، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج“، ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار“ ۽ ٻيا آهن.

اظهر علي ڪلھوڙو

اظهر علي ڪلھوڙو

ھڪ مثالي شخصيت

رياض ڪلھوڙو



اظھر علي ولد غلام يحيٰ ڪلھوڙو سنڌ جي ان شخصيتن مان آهي، جن پنهنجي زندگي تعليم، تحقيق ۽ خدمت جي نالي ڪئي آهي. ۱۹۷۹ع ۾ ڄمندڙ اظھر ڪلھوڙو پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ، نئين ديري، مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ سکر بورڊ ۽ انٽرميڊيٽ لاڙڪاڻي بورڊ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، اعليٰ تعليم لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو رخ ڪيائين، جتان بي ڪام ۽ ايم اي جا امتحان ڪاميابي سان پاس ڪيائين. اظھر ڪلھوڙو صرف نظرياتي تعليم تائين محدود نه رهيو، بلڪه ٽيڪنالاجي ۾ به مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي هڪ خانگي اداري مان ڪمپيوٽر ۾ ٻن سالن جو ڊپلوما مڪمل ڪري، نئين ديري ۾ هڪ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيائين، جيڪو "ڪلاسڪ اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس" جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس هي ادارو نه صرف نئين ديري، پر آس پاس جي علائقن لاءِ هڪ تعليمي مرڪز بڻجي ويو، جتان سوين شاگردن تعليم حاصل ڪري پنهنجي زندگي ۾ اڳڀرائي ڪئي.

18 December, 2024

عبدالغفار عباسي

عبدالغفار عباسي

علم، ادب ۽ تدريس جيمھان شخصيت

انصاف حيدري



عبد الغفار عباسيءَ جو نالو سنڌي ادب ۽ علم جي دنيا ۾ هڪ نمايان ۽ معزز حيثيت رکي ٿو. هو نہ صرف هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر آهي، پر هڪ سٺو استاد ۽ سماجي ڪارڪن طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سندس علمي، ادبي ۽ تدريسي خدمتون سنڌي سماج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. عبدالغفار عباسي جو تعلق ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ چنيھاڻي سان آهي. عبدالغفار عباسي ادب سان پنهنجي محبت ۽ جُڙاءَ کي هڪ مشن طور اختيار ڪيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، شاخ ڪنڊيارو جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جتي هن ادب جي واڌ ويجهہ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي سيڪريٽري شپ دوران هن ڪيترائي ادبي سيمينار، مشاعرہ ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرايا جن ۾ نوجوان اديبن ۽ شاعرن کي واڌاري جا موقعا فراهم ڪيا.

15 December, 2024

رحمت الله وساڻ

رحمت الله وساڻ

سامي سفر هليا!

دريا خان شنباڻي



هڪ عجب شخص، عجب انسان هيو... جنهن جي پهرين ترجيح اها هئي ته سندس ٻچا پڙھن ۽ منزل مقصود رسن. 

مون کي چٽيء طرح ياد آھي ته، جڏهن اسان پرائمري ۽ پوء مڊل آياسين ۽ اسان مڊل اسڪول محمد عارب سولنگيء ۾ مڊل پڙھڻ وياسين ته، سوين شاگردن جي والدين مان صرف چاچا رحمت الله، پنهنجي پٽ محبوب سان ايندو هيو يا سندس پڙھائي جي سلسلي ۾ استادن سان انٽرايڪٽ رهندو هيو ۽ اهو دور اڄ ٿا ڏسون ته، ٻارن جا والدين پنهنجن ٻچن کي گاڏين تي پاڻ ڇڏڻ ايندا آھن يا استادن سان ملندا جلندا آھن پر هي ڳالھ ٽيھ پنجٽيھ سال اڳ جي آھي جو سواء چاچا رحمت الله جي ٻيو ڪوبه نه ايندو هيو..... ۽ ذاتي طور تي مون کي خبر آھي ته، چاچا رحمت الله صرف محبوب جو هٿ پڪڙي اوچين منصبن تي نه پهچايو پر باقي اولاد کي به ائين روشنين طرف وٺي ويو ۽ اڄ هو سڀ پنهنجي علم، فهم ۽ دانائي تي فخر ڪندا هوندا جن جو استاد سندن والد ۽ ڏاڏو رهيو.... 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

نامور ليکڪ

غفار عباسي



ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ جو جنم ضلعي شڪارپور شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “سهتا شريف” ۾ پهرين آگسٽ ۱۹۷۳ع تي غلام حيدر سولنگيءَ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري، ثانوي ۽ اعلا تعليم جا مرحلا ترتيبوار پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور ۾ طئي ڪرڻ کان پوءِ هو اسلام آباد ويو، جتان هن نمل مان انگريزي ادب ۽ لسانيات ۾ ايڊوانسڊ ڊپلومه ڪئي، ان کان پوءِ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان، بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ وري پاڻ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سوشيالاجي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ۽ بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان “ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” عنوان تي مقالو لکي پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ لکڻ جي شروعات ڏهن سالن جي عمر ۾ ۱۹۸۳ع کان شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي “گلڙا” ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. ٻاراڻي ادب تي هيل تائين، پندرهن ڪتاب لکي چڪو آهي. ۽ ان کان علاوه سندس انگريزي گرامر، لغت نويسي، مضمون ۽ تعليم جهڙن موضوعن تي ٽيهارو کن ڪتاب سنڌ جي مختلف اشاعتي ادارن طرفان شايع ٿي چڪا آهن.

احمد مجتبيٰ راشدي

احمد مجتبيٰ راشدي

سندس ياد ۾ ... گُل ڇِنو گَرنارِ جو

خالد ڪريم بروھي



اڄ جڏھن سنڌ مان سنجيده سوچَ موڪلائيندي پئي وڃي ۽ باقاعدي مطالعي بدران ڇڙو لٻاڙبازيءَ تي زور آھي، تڏھن نج فلسفي، سماجي سائنس ۽ قوم پرست نظريي جي حمايت ۾ دليل ڏيندڙ احمد مجتبيٰ راشديءَ جي سوچ کي جھُڪي سلام نه ڪرڻ ڄڻ ناانصافي جي زمري ۾ اچي ٿو. ھُو لاشڪ وسيع دل ۽ دماغَ وارو انسان ھو، جيڪو ھيگل جيان ھر شئي ۾ موجود تضادَ کي نه صرف مڃيندو ھو پر ان کي پنھنجي لکڻين ۾ وائکي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو رھيو.

شعوري حوالي سان سڄي عمر سُورن ۽ سودائن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ ڪامريڊ احمد مجتبيٰ راشديءَ کي جڏھن به ۽ جتي به موقعو مليو، ھن پنھنجي فڪر کي نه صرف عام ڪيو پر نثر جي روپ ۾ پڌاريو. ھن وٽ ھر مسئلي جو حل سائنسي بنيادن تي موجود ھو (پوءِ ڀل اسان سندس خيالن سان سئو سيڪڙو سھمت نه به ھجون).

14 December, 2024

ابوبڪر شيخ - حبيب ساجد

ابوبڪر شيخ

جادوگر وستين جو سوداگر - هڪ جپسي ڪالم

حبيب ساجد



وقت کي سوچيندڙ ماڻھن کي پنھنجي لاءِ ئي وقت نه ملندو آھي، ايئن ئي وقت وچان گذرندڙ پاڇن کي وري پنھنجو پاڇو نه نظرجندو آھي، وقت کي قابُو يا قيد ڪرڻ ممڪن ئي ناھي پر ڪجھ اھڙا ماڻھو آھن، جن وٽ واقعي به ايتري شَمتا ۽ شَڪتي ھوندي آھي جو اھي وقت کي به قيد ڪري سگھندا آھن ۽ ڪاميابيءَ سان انھيءَ وقت کي ھڪ ڪتاب ۾ بند ڪري محفوظ ڪري ڇڏيندا آھن. اسان جي سنڌ جو ابوبڪر شيخ به اھڙو ئي ليکڪ آھي، جنھن جو جيون ئي وقت جي گھٽين ۾ ڪھاڻيون ڳولھيندي گذري رھيو آھي. مون کي منھنجي سبجيڪٽ آرڪيالاجيءَ يعني قديم آثارن جي علمَ چار ڪمال جون ھستيون عطا ڪيون، جن مان رڳو ٻن سان مان وقت گذاري سگھيس ۽ ٻن سان ملڻ کان محروم رھيس، جن سان نه ملي سگھيس، اھي رضا علي عابدي ۽ ابوبڪر شيخ آھن ۽ جن سان مون بھترين وقت گذاريو، اھي سلمان رشيد صاحب ۽ مرحوم زُبير شفي غوري جن رھيا. ابوبڪر شيخ حالانڪه منھنجي شھر سکر کان لڳ ڀڳ چار سئو ميل پري رھندو آھي پر سدائين ايئن لڳندو آھي، ڄڻ سامي سائينءَ جي سکر واري آستاني تي ھن جي ٽن پيرن واري کٽَ تي گوڏو گوڏي ۾ ملائي ويٺا ڪچھريون ڪري رھيا آھيون ۽ کٽ جي چوٿين پايي ھيٺيان ڏنل سِرون بار بار ھيٺ ڪري رھيون آھن. ڪاليجي دئور کان ئي رضا علي عابديءَ کي ٻڌڻ ۽ پڙھڻ جو جنون ھوندو ھو، ھن جي بي بي سي واري ريڊيو سيريز ريل ڪھاڻي ته ڄڻ ازبر ياد ٿي وئي ھئي.

“رُڪ اسٽيشن.. جھان ڪوئي ٽرين نھين رُڪتي..”

حسن علي ٻپڙ

حسن علي ٻپڙ

جوڳي ايئن جَرڪِئو!!

شاھنواز راڄپر



سنڌ جي سياسي، سماجي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ان منجهه اسان کي انيڪ ڪردار اهڙا ملندا، جن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي آجپي لاءِ آبياري ڪئي آهي. پوءِ اهو جنگ جو ميدان هجي، نظرياتي ويڙهه جا سلسلا هجن، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ جنونيت جون جلهون هجن، اهي اڏول انسان جبل جيان پنهنجي جاءِ تي نظرياتي ساڃاهه سان ميدان ماريندا، قائم رهيا.

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو - آصف رضا موريو

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو

سنڌ جي هڪ بزرگ علمي ۽ ادبي شخصيت

آصف رضا موريو



ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو تمام وڏو ديني عالم، مدرس، مذهبي اسڪالر ۽ محقق آهي جنهن کي اديبن جو اديب ۽ استادن جو استاد چئجي ته بيجا ڪونه ٿيندو. هو سموري عمر پنهنجي قلمي، ادبي ۽ علمي ڏات ذريعي انسانيت، مذهب ۽ تهذيب کي سولو بڻائيندي عام ماڻهن جي ويجهو آڻيندو رهيو.

مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو - انور عزيز چانڊيو

مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو

علم جو ڀنڊار، ديني عالم سڳورو ۽ شاندار شخصيت

انور عزيز چانڊيو



قمبر ۽ ميروخان شهرن جي وچ واري پٽي کي اوائلي دور کان “ڍليار“ يا “ڍيلار“ سڏيو ويندو آهي. هي خطو شروع کان زرعي طور تمام زرخير ليکيو ويندو هيو. انگريز دور ۾ سکر بئراج ٺهڻ بعد سڄي سنڌ ۾ جتي زرعي انقلاب آيو اتي هن علائقي ۾ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ “وارھ ڪئنال“ ۽ “شاھ ھمير واھ“ (ڪُور) هتان جي زمينن کي سون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

19 July, 2024

عبدالقادر مهر المعروف معصوم سانگهڙائي

معصوم سانگهڙائي

غلام عباس لسڪاڻي/جهول



هن کي اسان کان وِڇڙئي يارنهن سال ٿيا آهن، پر هو دِلين مان يارنهن سيڪنڊ به دُور نه ٿيو آهي، حياتيءَ ۾ جيڪو هُنَ سان هڪ دفعو مليو، انهيءَ مٿان اهڙا منڊ منڊي ڇڏيائين، جو هُو رڳو هن جو نالو ورجائيندو رهيو، جنهن کي مائٽ ”مٺو“، آفيسر عبدالقادر، ۽ اديب توڙي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ کيس معصوم سانگهڙائيءَ جي نالي سان سڃاڻندا هئا. سندس ڪجهه همعصر اديب دوستن توڻي جو کيس صَلاح ڏني هئي ته هو حيدرآباد جا وَڻَ وسائي، جتي روز ادبي پروگرام به آهن ۽ گهڻا تڻا اديب به اُتي رهن ٿا پر هن انڪار ڪندي چيو ته، هن جي هتي جي دوستن جو ڇا ٿيندو، هو جهول ۽ سانگهڙ جي دوستن کي ڇڏي نه ويندو، هن جو ڪُل سرمايو دوست هئا، جنهن هن جي دوست جي عزت نه ڪئي، هو به ان جي عزت نه ڪندو هو، سندس حلقي ۾ ويهندڙ سڀني جا ڏُک، درد ۽ خوشيون هن جون هيون، جهول شهر جا رهواسي کيس ساري اڄ به روئي پوندا آهن ۽ چوندا آهن ته، جيڪڏهن هُو نه هجي ها ته، اڄ هو روزگار لاءِ به پريشان هجن ها، ڇو ته هو اڻپڙهيل هئا، معصوم کين صرف پڙهڻ تي ئي نه اُتساهيو پر ان ۾ مدد به ڪئي.

18 July, 2024

سائين جي ايم سيد - ۴

سائين جي ايم سيد - ۴

هڪ صديءَ جي تاريخ!

سچل ڀٽي



۲۰هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ ۽ آخري ڏهاڪي ۾ موڪلائڻي ڪندڙ سنڌ جي ساڃاھ جو محور رهندڙ سائين جي ايم سيد هڪ صديءَ جي تاريخ جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. هن صديءَ جي تاريخ جتي ٻن عظيم عالمي جنگين کي جنم ڏنو، اتي ننڍي کنڊ جو ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ورهاڱو به عمل ۾ آيو. جنهن ورهاڱي ۾ سائينءَ جو ڪردار اهم ۽ اڳئين صف وارو رهيو. سائين بلند ڪردار جو مالڪ هو. هر ان شئي کان پر ڀرو نظر آيو، جيڪا کيس غافل ڪري ۽ مقصد تان هٽائي. جهڙوڪ دولت، شهرت، عياشي يا نشي پتي جي ڇڪ کان پاڻ بچائيندو رهيو. ايتري تائين جو آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سندس سخت ناقد رسول بخش پليجو صاحب به سندس ڪردار جي بلنديءَ جو دل سان قائل هو. ان جو مطلب اهو هرگز نه ورتو وڃي ته سائينءَ کان ڪي غلطيون سرزد نه ٿيون هونديون! سندس پنهنجو به اهو چوڻ هو ته، “جيڪر ڪو پاڻ کي عيبدار نٿو سمجهي، ڄڻ هو پنهنجي عيبن تي پرده پوشي ٿو ڪر”. هن پنهنجي غلطين تي نه رڳو اعترافي نوٽ لڳايو پر انهن تي معافيءَ جو طلبگار به رهيو. اهڙين اجتماعي مفادن کي هاڃو رسائيندڙ غلطين جو ڪارڻ هڪ ته حالتن جو جبر سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ڪارڻ سندس طبيعت جي گڻن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جو سياسي سفر متزلزل نظر اچي ٿو ۽ ان متزلزل فيصلن ڪارڻ هو تاريخدانن جي مڏي ڇريءَ هيٺ ايندو رهي ٿو.

15 July, 2024

غلام نبي مغل

غلام نبي مغل

اسان گل ورھايا – ۱۲ مارچ ۲۰۲۴. سنڌ جي ليجنڊ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار کي جيون جي اسي ورھيي جنم ڏينھن مناسبت سان ڀيٽا۔

جھانگير عباسي



سنڌي ڪھاڻي ۽ ناول جي صنعف ۾ سائين غلام نبي مغل جو ڳاڻيٽو ھڪ منفرد ڊڪشن رکندڙ سينئير ۽ سگھاري تخليقڪار طور تي ٿئي ٿو جنھن روايتي اسلوب ۽ انداز کان ھٽي سنڌي ڪھاڻيء ۽ ناول نگاري ۾ نوان موضوع ۽ ڪردار ڏنا آھن. غلام نبي مغل جو جنم ۱۲۔مارچ ۱۹۴۴ حيدر آباد شھر ۾ ٿيو. بنيادي پرائمري تعليم کان يونيورسٽي تائين حيدرآباد ۽ ڄامشورو مان حاصل ڪئي جڏھن ته عملي زندگي جي شروعات مختلف کاتن کان ڪندي رائيس ملز ۾ آڊيٽر بطور ڀرٿي ٿيو جتان خوراڪ کاتي ``Food Deptt`` ۾ پھريان ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ بڻيو ۽ سنڌجي مختلف ضلعن ۾ رھندي ۽ ترقيون ماڻيندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کان ڊائريڪٽر فوڊ جي اعلي انتظامي عھدي تي پھچي ھن سن ۲۰۰۴ ۾ نوڪري تان رٽائيرمينٽ ڪئي آھي۔