; سنڌي شخصيتون

25 June, 2019

دولهه دريا خان

عنايت کٽياڻ
سنڌ ڌرتيءَ هميشه جوڌن، جوانن، بهادرن ۽ سرويچن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ ڪيئي اهڙا نالا آهن جيڪي تاريخي ڪردار بڻجي ويا آهن. سنڌ جي جن تاريخي ڪردارن انتهائي جُرئت ۽ بهادريءَ سان سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري آهي اُنهن شهيدن کي سنڌ جي سورمن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. دولهه دريا خان به سنڌ جي انهن سورمن مان هڪ سورمو ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو سنڌ جي “سمان” خاندان جي حُڪمرانيءَ جي دؤر ۾ ڄام نظام الدين(ڄام نندو) جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هئو. دولهه دريا خان جو اصل نالو قبُوليو هئو ۽ سُلطان نظام الدين جي هڪ وزير “لکمير” جو ملازم هئو.

23 June, 2019

گنھور خان جسڪاڻي فقير - مٺل جسڪاڻي


گنھور خان جسڪاڻي فقير
مٺل جسڪاڻي
گنھور خان جسڪاڻي فقير، پنھنجي تر ۾ ”ڏاڏا“، ”ڏاڏا گنھور“ طور ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. پاڻ ڳوٺ ميوو خان جسڪاڻي فقير، ديھه جھڳڙي، تعلقه ۽ ضلع بدين جو پيرسن، ڳوٺ جو چڱو مڙس آھي
گنھور خان ۲۲ اپريل ۱۹۵۲ع تي درمحمد جسڪاڻي جي گھر ۾ جنم ورتو. ھو سندن پاڙيسري ڳوٺ شير خان چانگ ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان صرف ٻه درجا پڙھي سگھيو. سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب، شوق سان نه پر مليا ته پڙھي ويندو آھي. پنھنجي يادگيري لاءِ حساب ڪتاب پاڻ لکندو ڪندو آھي. موبائيل کان اڳ خط ڪتابت به ڪندو رھيو آھي.

10 June, 2019

هادي بخش مھر - سرور سيف


هادي بخش مھر
لونءَ لونءَ اندر دانهن سدا سپرين جي
سرور سيف
Image may contain: 1 person, close-upجينئيس، سياسي، سماجي شخصيت، ارڏو، انقلابي، ترقي پسند اڳواڻ، محترم هادي بخش، پنو عاقل جي ڪچي جي ويرم ڳوٺ ۾، غريب هاري خاوند بخش جي گهر ۱۹۳۹ع ۾ جنم ورتو. مختلف ادارن ۾ پڙھيو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. تاريخ ۽ فلسفي جو گهرو مطالعو هوس. بي انتها سياسي ادراڪ رکندڙ، مارڪسزم جو ڄاڻو، اسلامي تاريخ تي مهارت رکندڙ، ھر موضوع تي ڳالهائڻ ۽ ڳالھ مڃائڻ جو ماهر.
نواب رياست علي، سيد حيدر شاه عبدو واري، مولوي نذير حسين جلالي جتوئي جو شاگرد ۽ ڪڙيل، روشن خيال رجحانن جو حامل هو. کاٻي ڌر جا سڀ ئي نالي وارا ڪامريڊ، ھاري، مزدور رهنما، نه صرف سندس دوست هئا پر کانئس مختلف موقعن تي سياسي صلاح و مشورا به ڪندا هئا.

مورج منگهناڻي - شوڪت حسين شورو


مورج منگهناڻي
سنڌيت پريمي
شوڪت حسين شورو
پنج سال اڳ سنڌ جي اٽڪل ۳۰ ليکڪن ۽ فنڪارن جو هڪ وفد انڊيا جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هو، جنهن وفد ۾ آئون به شامل هئس. انڊيا ۾ چوٽيءَ جي وڪيل، سياستدان ۽ راجيه سڀا (سينيٽ) جي ميمبر رام ڄيٺملاڻي وفد جي مان ۾ هڪ عاليشان دعوت نئين دهلي ۾ پنهنجي بنگلي جي وڏي لان ۾ رکي هئي. دعوت ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون اهم شخصيتون شريڪ هيون، جن ۾ لالو پرساد يادو به شامل هو. هن جي مخصوص انداز جي گفتگو ماڻهن کي مزو ڏيندي آهي، ان ئي دعوت ۾ مورج منگهناڻي سان مکا ميلو ٿيو. انڊيا مان شايع ٿيندڙ نامور سنڌي رسالي ”ڪونج“ ۾ ڪيترن سالن کان چيف پئٽرنس ۾ سڀ کان پهرين نالو مورج منگهناڻي جو هوندو آهي. اتفاق اهڙو ٿيو، جو نند جويري ۽ آئون مورج مل سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ويٺاسين. مورج جڏهن ڳالهايو ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. هن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ لهجو ايترو ٺيٺ سنڌي هو ڄڻ سنڌ جو ڪو ڳوٺاڻو ماڻهو ڳالهائي رهيو هجي، جنهن تي ٻي ڪنهن ٻوليءَ جو اثر ٿيل نه هجي. سچي ڳالهه اها آهي ته مون سنڌ ۾ سنڌيءَ جي عالمن کي به اهڙي نج سنڌي ڳالهائيندي نه ٻڌو آهي. ڳالهائڻ سان گڏ هن جي سادي ۽ سٻاجهي طبيعت ايتري ته موهيندڙ هئي، جو ماڻهو هن وٽان اٿڻ جي نه ڪري. اسين ٽئي ڄڻا جيتري دير ويٺا هئاسين، مورج ڪا به ڪاروباري ڳالهه نه ڪئي، ڏوڪڙن جي ڳالهه نه ڪئي. هو انڊيا ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادارن  جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪندو رهيو.

01 June, 2019

رائچند راٺوڙ


رائچند راٺوڙ
آدرشي استاد ۽ تاريخ نويس
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جو هاڪارو عالم، اديب، تاريخ نويس ۽ آدرشي استاد سائين رائچند راٺوڙ تعليمي رڪارڊ مطابق ۸ نومبر ۱۹۱۲ع تي چيلهار ۾ چتون مل سرتاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ۳۱ مئي ۱۹۶۸ع تي وفات ڪري ويو. سائين رائچند ۱۹۲۷ع ۾ فائنل ڪري ۰۲ مئي ۱۹۲۸ع تي چيلهار ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو هو. نوڪري دوران هن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۳۲ع ۾ سي ٽي ڪورس جو پهريون سال پاس ڪيو. ساڳي ڪورس جو ٻيو سال ۱۹۴۸ع ۾ پاس ڪيو. پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺن ۾ نوڪري ڪيائين. انهن ڳوٺن ۾ عمر انڙ آهوري ديهه نمبر ۲۶۸، ڳوٺ نو رنگ سنگهه ديهه نمبر۳۴۰، ٽنڊو جان محمد، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، رائلو، ديهه ستڙيون ۽ مٺي شامل آهن. آخر ۾ سائين چيلهار بدلي ڪرائي آيو. چيلهار جي پرائمري اسڪول جو وڏي وقت تائين هيڊماستر ٿي رهيو. چيلهار مان ئي رٽائر ٿيو. سائين رائچند، ٿر جي مينگهواڙ قبيلي ۾ ننگرپارڪر جي هرجي مل کان پوءِ ٻيو شخص هو، جيڪو استاد مقرر ٿيو هو. سائين فرض شناس ۽ آدرشي استاد هو. اسڪول ۾ حاضري جو پابند ۽ پڙهائڻ جو نهايت قابل هو. اسڪول جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ به پڙهائيندو هو. اسڪول ۾ سدائين ڌيمي آواز سان ڳالهائيندو هو. شاگردن کي سيکارڻ جو سهڻو طريقو هو. سائين رائچند جا اکر خوبصورت هوندا هئا. سائين پنهنجي شاگردن جي صورتخطي تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندو هو. سائين رائچند جا ڪيترائي شاگرد پڙهي لکي اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪي خدمت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري چڪا آهن. ناميارو اديب سائين وليرام ولڀ به سائين رائچند جو شاگرد آهي. سائين رائچند ٻه شاديون ڪيون. اولاد ۾ چار پٽ جوهرلال، پرتاب راءِ، (پرڀو) نفيس احمد شيخ ‘ناشاد’، ساجن ۽ ٻه ڌيئرون ساوتري ۽ چندرا ٿيون. جوهرلال مختيارڪار، پرتاب راءِ آڊيٽر، ناشاد سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ جو پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر، پوءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. ناشاد سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر آهي. سائين رائچند ‘تاريخ ريگستان’ ۾ ناشاد جي شاعري ‘ٿر جي شعر’ ۾ ڏني آهي.

31 May, 2019

غلام رسول ڪلهوڙو

غلام رسول ڪلهوڙو
ناميارو مزاح نگار
عاجز شهزاد

سنڌ ڌرتيءَ تي علم ادب جو ڏيئو هميشه روشن رهيو آهي، تيز هوائن باوجود اهو اڄ به ٻري رهيو آهي. ايترو سو آهي ته انهي ڏيئي جي روشني ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿيندي رهي ٿي. انهي ڏيئي کي روشن رکڻ لاءِ تيل فراهم ڪندڙن ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جو وڏو حصو شامل آهي. اڄ اسان جنهن اديب جو هتي ذڪر ڪري رهيا آهيون انهي به انهي علم ادب جي ڏيئي کي روشن رکڻ لاءِ پنهنجي سڄي عمر جاکوڙ جاري رکي. سائين غلام رسول ڪلهوڙو نوجواني کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر رهيو ۽ تڏهن کان مسلسل لکڻ ۽ پڙهڻ جو سلسلو به جاري رکيو. ڪڏهن ڪهاڻيون لکيون ڪڏهن ڪالم لکيا ته ڪڏهن شاعري لکي. جيستائين سندس اکين ۽ هٿن هن جو ساٿ ڏنو هن لکڻ نه ڇڏيو.

29 May, 2019

محمد خان احمداڻي


محمد خان احمداڻي
پورهيت اڳواڻ
عوامي آواز رپورٽ: حيدرآباد؛ پورهيت اڳواڻ محمد خان احمداڻي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مارڪسي فڪر جو استاد سڏجندڙ محمد خان احمداڻي، بدين ضلعي جي شهر نئون دمبالو ۾، پنهنجي گهر اندر، دم ڌڻي حوالي ڪيو.
محمد خان احمداڻي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان، گڙدن جي عارضي ۾ مبتلا هو. سومر ڏهاڙي سندس ڊائلاسز پڻ ٿيو هو.

25 May, 2019

امين اڏيرائي


امين اڏيرائي
شاعري توڙي نثر جو ھڪ منفرد نانءُ
مٺل جسڪاڻي
Image may contain: 1 personامين اڏيرائي، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ جو اھڙو شاعر، جنھن سنڌي ٻولي ۾ تمام گھڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آھي. سندس شاعري جي مجموعن سميت مختلف شاعرن جي شاعري کي ترتيب ڏئي به ڳچ سارا ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪيو اٿس.
اڏيرولال اسٽيشن کان آس پاس مان ٿيندو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٿيندو، سڄي ملڪ مان ٿي، سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا وسيلي عالمي سطح تي، سندس حلقي ۾ مڃتا ماڻيندو رھيو آھي.
ڪيترن ئي مشاعرن ۾ پاڻ ته مڃائيندو رھيو آھي، پر سندس شاگرد شاعرن کي به متعارف ڪرائيندو، مڃتا ڏياريندو رھيو آھي.

پنھون فقير - مٺل جسڪاڻي


پنھون فقير
سياڻو ۽ سُريلو فنڪار
مٺل جسڪاڻي
آئون ۽ ڀاءُ علي جسڪاڻي، صبح جو ٽنڊوڄام کان، ٽنڊو الھه يار مان، ٽنڊو آدم روڊ سان، عثمان شاھه ھڙي کان ڦري ڳوٺ سيٺ جمع عاقلاڻي پھتاسين. اتي شاعر دوست غلام مصطفيٰ عاقلاڻي سان سندس ڀائٽئي جي وفات تي تعزيت ڪري ويٺاسين ته احساس ميرل، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، شيرل ۽ عبدالشڪور ڇٽو به اچي ويا.

غُلام حُسين لغاري - مٺل جسڪاڻي


غُلام حُسين لغاري
جنھن جو ھڪ ھٿ به تاڙي وڄائي سگھي ٿو!
مٺل جسڪاڻي
نالي سان ”غُلام حُسين“ ته سڀني کي گھڻا سُجھن، پر جيڪڏھن ”غلام حُسين“ سان گڏ زات ”لغاري“ ملائجي، ته به گھڻن جي ذھن ۾ گھڻا ”غلام حُسين لغاري“ نروار ٿي پوندا.

غلام مصطفيٰ سولنگي - مٺل جسڪاڻي


غلام مصطفيٰ سولنگي
ٿي سنڌڙي تو تي ناز ڪري - جنم ڏهاڙي جي حوالي سان
مٺل جسڪاڻي
۰۸ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، ان ڏينهن جي نسبت سان، عورتن متعلق، ماءُ، امڙ تي لکجي، ڀيڻ تي، محبوبه تي، زال تي، مائيٽياڻين تي، پاڙي، ڳوٺ، شهر، دنيا جي عورتن، انهن جي سڄڻن ۽ دشمنن جي حوالي سان لکجي، ڳالهائجي، پر نه...

سائين قلندر شاھ لڪياري


سائين قلندر شاھ لڪياري
گهڻ رُخو، مڻيادار ۽ انمول ماڻڪ موتي...
مٺل جسڪاڻي


ڪي ڪي ماڻهُو، ماڻهُو هجڻ سان گڏوگڏ ڪردار ٿي پوندا آهن، تاريخ ٿيندا آهن، ڪي ليکڪ، ڪي محقق، ڪي شاعر، ڪي دانشور، ڪي استاد ٿيندا آهن. ناميارا ٿي پوندا آهن، گھاٽي بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙا، مثالي اداري جهڙا، انمول ماڻڪ موتي ٿي پوندا آهن. پنهنجي اولاد سميت، ٻين به ڪيترن جا ئي مائٽ ۽ ڀرجهلا به ٿي پوندا آهن، استاد به ٿي پوندا آهن، اثاثو ٿي پوندا آهن. انهن جي ڇپر ڇانءُ ۾ هجڻ تي فخر ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙا ڪي ڪي ماڻهُو، لوڪ ۾ لڪل هوندا آهن، ته ڪي ڪي عالم آشڪار ٿي پوندا آهن. اهڙن ئي گهڻ رُخن مڻيادار ماڻهُن ۾ هڪ اهڙو ماڻهُو به آهي، جيڪو محترم سائين قلندر شاھ لڪياري طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اڄ سندس ۷۹هين سالگرهه آهي.

مير اعظم علي ٽالپر - مٺل جسڪاڻي


مير اعظم علي ٽالپر
اڌ صدي کان لکندڙ
مٺل جسڪاڻي
پڙهندڙن مير اعظم علي ٽالپر جو نالو گهڻو تڻو صرف هڪ روزاني سنڌي اخبار ۾، ڪڏهن هڪ ٻن ڏينهن جي ته ڪڏهن ڪجهه هفتن جي ساهيءَ سان پئي پڙهيو هوندو،  پر ائين نه آهي. هو مختلف اخبارن ۾ پڻ ڇپبو رهيو آهي. سندس ڪجهه لکڻيون هڪ دفعو هڪ اخبار ۾ ڇپجڻ کان پوءِ ٻين اخبارن، ان اخبار جو ٿورو ڄاڻائڻ کانسواءِ ٻيهر پڻ پئي شايع ڪيون آهن! جيستائين منهنجو اندازو آهي، ته مير اعظم جو هڪ ڪتاب پڻ ڇپيو، جنهن جي حال حيات پڙهندڙن مان وڏي اڪثريت کي خبر نه آهي ۽ ممڪن آهي ته خود مير اعظم ٽالپر کي به ياد نه هجي! مون جڏهن کانئس پڇيو ته “اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟” ته هن وراڻيو “لکڻ لاءِ شروعات ڪڏهن ڪئي، ان جي يادگيري نه آهي، البته اهو سال ۱۹۶۷ع جي آخر يا وري ۱۹۶۸ع جو سال هوندو”. سندس پورو نالو پڇيم، ته هن وراڻيو “سائين پورو نالو سينما اسڪوپ (نالو) مير اعظم علي ٽالپر آهي”. سندس جنم جي تاريخ پهرين جنوري ۱۹۵۶ع آهي، پر مختلف اخبارن ۾ جنم ڏينهن جي حوالي سان ڇپجندڙ سلسلن موجب، شايد هي اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن جي ڄمڻ جي تاريخ هر سال ٻه ٽي دفعا وري ايندي آهي.  ڄمڻ جا اطلاع ڇپبا رهندا آهن!