; سنڌي شخصيتون

21 August, 2013

انور ابڙو

انور ابڙو
جيئن کيس ڏٺم
ادل سولنگي


انور پيرزادي ۽ محمد علي پٺاڻ جي سٿ جو ساٿاري، انور ابڙو، جديد سنڌي ادب ۽ صحافت جو معتبر نالو ۽ حوالو آهي، جنهن پهرين جنوريءَ تي پنهنجو جنم ڏهاڙو ملهايو ۽ اسان سندس جنم ڏينهن تي کيس جنم ڏينهن ۽ نئين سال جون واڌايون ڏنيون ۽ سندس ڊگهي ڄمار جون دعائون گهريون.

استاد انورالدين جتوئي - در محمد ڪمال

استاد انورالدين جتوئي
مشھور نعت خوان
در محمد ڪمال
استاد انورالدين جتوئي نعت مصطفىﷺ پڙهندو هو ته انور ۽ انوار بابت منهنجو تصور، انتهائي پختو ٿيو. ساڻس پهرين ملاقات کان اڳ، استاد حافظ محمد بخش ڳالهيون ڪندو هو ته رئيس سيف الدين خان جتوئي راڳ جو ڏاڍو ڄاڻو آهي ۽ اھو چوندو آھي ته راڳ جي اها محفل، جنهن ۾ استاد انور جتوئي ڳائي، اها رنگ ئي پنهنجو ڇڏيندي هئي. حافظ صاحب سان گڏجي رئيس سيف الدين جتوئي جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جڏهن ويس ته حافظ صاحب رئيس سيف الدين جتوئي بابت پڇا ڪئي ته خبر پئي، ته سيف الدين جتوئي ٺٽي پنهنجي زمين تي ويو آهي ۽ استاد انور جتوئي به سُنگ سميت ساڻس گڏ ويو آهي. ائين استاد انورالدين سان ملاقات جو شوق رهيو. ٻارهين ربيع الاول تي درگاهه مشوري شريف ۾ ميلاد جي جلسي دوران نعت خوان نعتون پڙهندا رهيا، اوچتو اعلان ٿيو ته هاڻي استاد انورالدين جتوئي حضور سرور ڪائنات ﷺ جي شان ۾ نعت شريف پڙهندو. ٻيا سڀ نعت خوان ڍڪيل مٿي سان نعت پڙهندا رهيا، پر استاد انور الدين جتوئي مٿي تي هٿ جو نيرو رومال ٻڌي نعت پڙهڻ آيو.

20 August, 2013

عاجز اڄڻ - راجا رشيد ڪنڀر

عاجز اڄڻ
راجا رشيد ڪنڀر/ کپرو
مارچ ۱۹۴۷ع ۾، کپري جي مين اردو اسڪول پاڙي ۾، جمعا خان اڄڻ جي گهر اندر اک کوليندڙ، شير محمد اڄڻ البيلي شاعري سرجي، ’عاجز اڄڻ‘ طور پاڻ مڃرايو. ڳوٺ ۱۸ ميل کان اڌ ڪلو ميٽر اُڀرندي ڏانهن، پنهنجي نالي ويڙهو وسايائين ۽ پاڻ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ سٺو استاد، کلمک انسان ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، سريلو سگهڙ پڻ هو. سندس شاعريءَ ۾ عشق جي اڏار سمايل هئي. ان ڪري شعري مجموعي جو نالو ’عشق آڏيري ول‘ رکيائين.

امداد حسيني

امداد حسيني

رکيل مورائي



هاڻ جڏهن امداد کي ڪراچيءَ ۾ ڏسبو آهي ۽ ساڻس ملبو آهي ته پڪ سان محسوس ٿيندو آهي ته امداد هاڻ رول نه رهيو آهي. سندس رولاڪي سنڌيءَ ٻوليءَ جي جديد شاعرا ۽ سندس ونيءَ مئڊم سحر ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻ هو مئڊم جي ڊرائيونگ جي قيد ۾ آهي. هاڻ هو فقط ذهني رولاڪي ڪري سگهي ٿو. جيڪا ئي سندس وڏي عياشي هوندي، ان کان وڏي عياشي، هن احمد ۽ مون سان پنهنجي گهر ۾ سڄي رات پرھ ڦٽيءَ تائين اسڪاچ جون سرڪيون ڀريندي ڪئي هئي، پر ان رات مئڊم ڪراچيءَ پنهنجن ٻچن وٽ ڪراچي آيل هئي، تنهن هوندي به امداد مون کي رول محسوس نه ٿيو هئو، ۽ ان کان اڳ اهڙيون اڻ ڳڻيون گهڙيون گذريون هونديون ساڻس ويجهڙائي۾، ٻيءَ طرح “امداد آهي رول” سندس اها سڃاڻپ آهي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا شمشير جي “لاٽ” جي معرفت آهي سنڌي شاعريءَ ۾.

19 August, 2013

مسرور پنائي - وزير فرهاد سولنگي

مسرور پنائي
لفظن ۾ ساھ وجھندڙ شاعر
وزير فرهاد سولنگي
شاعري اندر جي اظهار جو هڪ اهڙو لطيف فن آهي جيڪو قدرت جي طرفان ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي. شاعري ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه نه آهي هيءَ اها ڏات آهي جيڪا اندر جي احساسن، ڪيفيتن، سماجي ڏاڍاين، اوڻاين، چڙهاين ۽ حالتن جي اثر هيٺ پلجي ٿي. اسان جي سنڌ اهڙن ڏات ڌڻين سان ڀري پئي آهي جن شاعري کي اندر جي اُڌمن جي اظهار جو وسيلو سمجهيو آهي.
مسرور پنائي ساهتي پرڳڻي جو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نهايت عمدي انداز سان ڪيو آهي. مسرور پنائي جي شاعريءُ ۾ ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ٿيل آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد جڳھه والاري ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ گيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪندڙ شاعرن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جن ۾ بردو سنڌي، استاد بخاري، مير محمد پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. سائين مسرور پنائيءَ کي به ان صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس گيتن ۾ ڳوٺاڻيءَ ٻوليءَ جو حسن، ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال، تشبيهون، استعارا ۽ اصطلاح، سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. هي اُهو شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ لفظن جا گُل ججهي مقدار ۾ ڀريا آهن.

گوپال ٺڪر - رکيل مورائي

گوپال ٺڪر
رکيل مورائي
هنڌ توڻي سنڌ جي سنڌي ادب مان نهايت تيزيءَ سان اهم لکندڙ موڪلائي رهيا آهن. تازو ئي نامياري ليکڪا سندري اتمچنداڻي ديهانت ڪري وئي، جنهن جي ڏک ۾ سنڌي ادبي برادري ورتل ئي هئي ته، ڀاءَ نند ڇڳاڻيءَ اها وڌيڪ ڏک ڏيندڙ خبر ٻڌائي  ته ناميارو ڪهاڻيڪار، نئين سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ صنف ”چئه اکرا“ جو خالق، گوپال ٺڪر سومر ڏينهن 12 آگسٽ ۲۰۱۳ع تي ديهانت ڪري ويو.

اداڪار عبدالحسين ساريو مصطفيٰ ملاح/ڪراچي

اداڪار عبدالحسين ساريو
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سنڌ جي مٽيءَ اسان کي هميشه ٽيلينٽ ڀريا فنڪار ڏنا آهن، جيڪي پنهنجي فن سان سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا آهن. اهڙن ئي فنڪارن مان لالا عبدالحسين ساريو به هو. هن اسٽيج تي بي شمار ڊراما ڪيا. جڏهن ته هن جو استاد شهنشاهه عباس هو. اهڙيءَ طرح اسٽيج ۾ هن خوب نالو ڪمايو. پر جڏهن ڪي ٽي اين آيو ته هن اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ مڃتا ماڻيندو ويو. پر ۲۰۰۷ع ۾ هن کي تيز بخار ٿيو. جنهن آخر تائين هن جي جِند ڪو نه ڇڏي.

علي محمد پيرزادو عرف مامو صوبو- زرار پيرزادو

علي محمد پيرزادو عرف مامو صوبو
ٻلھڙيجيءَ جو ھڪ ڪلاسيڪل ڪردار
زرار پيرزادو
موتئي جي مھڪار ھوا ۾ سار ڀري سرھاڻ
ڪير ڪنهن جو واقعي به نعم البدل نٿو ٿي سگهي، ڳوٺ ٻلهڙيجي کي سياسي طور باشعور پڙهيل لکيل، ترقي پسندن، شاعرن، صحافين، صوفين ۽ ڪامريڊن جي ڳوٺ طور ڄاتو سڃاتو ويندو آهي. پر ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جا ان کان علاوه به ڪي انوکا، هر دلعزيز ۽ دلچسپ ڪردار رهيا آهن، جيڪي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ طور سڃاتا ويندا آهن، اهڙن ڪردارن ۾ علي محمد پيرزادو عرف مامو صوبو به هو جيڪو ڪالهه جمعي ڏينهن پهرين مارچ تي ضعيفيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

ديدار حسين سمون - ناصر قاضي

ديدار حسين سمون
ناصر قاضي
روحن کي تازگي ڏيندڙ ڪلاڪار
آ ويندس اتي، سونھن آھي جتي
موسيقي هڪ اهڙو ميڊيم آهي، جنهن جي اظهار لاءِ هر لب گنگنائيندو آهي ۽ ويتر غزل وري موسيقيءَ جي دل آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ جا جذبا ڌڙڪندڙ آهن. جتي موسيقيءَ کي اهلِ دل ۽ باذوق ماڻهو پسند ڪري ٿو، اتي موسيقيءَ جي زبان ۾ آلاپجندڙ غزل جا مداح به ڳڻپ کان ٻاهر آهن. قديم زماني کان سنڌ موسيقي ۽ تصوف جو گهوارو رهي آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ ڏيهان ڏيهه پنهنجو پاڻ مڃايو آهي.  پر سنڌ جي سهڻي سر زمين غزل جي گائيڪيءَ جي حوالي سان به دنيا ۾ سرس ۽ سوڀاري رهي آهي ۽ ماضي توڙي هن وقت به سنڌ جا سريلا ڪلاڪار غزل جي ميڊيم کي غزل جي لوازمات پٽاندر، پوري انصاف سان ڳائين ٿا، پوءِ خواهه اهو غزل ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪهڙي به لهجي جو ڇو نه هجي.

14 August, 2013

مراد صاحب - فقير محمد ڍول

مراد صاحب
فقير محمد ڍول
اهو اکر ’صاحب‘ ٺهيو ئي ڪو ’مراد صاحب‘ لاءِ هو. سندن نالو ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾ نه زبان کي مزو اچي نه ڪنن ۾ رَسُ گُهلي، بلڪ اڃا کڻي ايئن چئجي ته جيئن نه ڪِن ماڻهن جي هِن جهانِ رنگ و بُوءِ مان موڪلائي وڃڻ کان پوءِ سندن گهرُ، درُ ۽ ترُ به ٻُسو لڳندو آهي، تيئن مراد علي مرزا جهڙي اسان جي نشانبر نثرنگار جو نالو به ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾ ٻُسو پيو لڳندو آهي، تنهن ڪري پاڻ ته، کين سڏيون ئي ’مُراد صاحب... اسان جي مراد صاحب جو نالو سنڌ جي نشانبر ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، ورهاڱي واري وڍ تي ملم پاشيءَ لاءِ قدرت واري اسان سنڌ وارن کي جيڪا ليکڪن جي کيپ سنڌي ادب لاءِ عطا ڪئي، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، گرامي صاحب، اياز قادري، ع.ق.شيخ، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، ماهتاب محبوب، تنوير عباسي، قمر شهباز، امر جليل، امداد حسيني ۽ ٻيا به ڪيئي شامل آهن، پر جيڪڏهن انهي لسٽ ۾ مراد صاحب جهڙي لکڻ واري ماڻهوءَ جو نالو شمار نه ڪبو ته اِها فهرست يقيناً نامڪمل رهندي.

سائين نٿومل مورواڻي

سائين نٿومل مورواڻي

ڀون سنڌي



لاڙ جو بدين ضلعو، جتي صوفي منش مخدوم محمد زمان لنواري واري جي آخري آرامگاهه آهي. هن ئي خطي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد دودو سومرو خاڪ پاڪ ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي نالي کان اڄ به ڌرتيءَ جا دشمن ڪَنبن ٿا ۽ گهري ننڊ مان ڇِرڪ ڀري اُٿن ٿا. ڪيڏاري کي سرجيندڙ خليفو نبي بخش ۽ شاعر محمد صديق مسافر هتي ئي اَبدي آرامي آهن. هن ئي خطي ۾ سنڌ جو سُگهڙ ۽ لطيف جو شيدائي، محمد طالب لوهار ۽ ميرن جي مور، مير غلام محمد خان ٽالپر جو مقبرو آهي، جنهن علم وسيلي جهالت خلاف جنگ جوٽي. اُنهن عظيم ۽ مَهان هستين جي ساڳي مٽيءَ مان هڪ اهڙي انسان به جنم ورتو، جنهن جا ٻولَ اڄ به هتي جي ديس واسين جي رُوح ۾ رَچيل آهن، اُهو ڀلوڙ انسان ٻيو ڪير نه، پر لاڙَ جو لاڏلو، سائين نٿومل مورواڻي هو.

ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ - قادر بخش طالباڻي

ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ
ناميارو تعليمدان
قادر بخش طالباڻي/حيدرآباد
سنڌ جي سونهري سونهن مان ڪيتريون اهڙيون شخصيتون ڦُٽي نڪتيون آهن. جن اُنهن گهرن ۾ جنم ورتو، جتي تعليم جي اَڻاٺ هئي، پر ان باوجود به انهن شخصيتن علم جو فيض وٺي، پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکيو، اهڙن ماڻهن جي ڊگهي فهرست ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو پڻ آهي. ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ ۱۱ نومبر ۱۹۳۲ع تي هڪ غريب انسان حاجي خان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو. حاجي خان جو گُذر سفر مال تي هو. مالوند هئڻ ڪري، سندس آستانو ڪچي جي علائقي ۾ هوندو هو. جتي مال جي چاري ۽ پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ هو ڪجهه زمين هارپي تي به ڪندو هو. مالوند ماڻهوءَ وٽ گهر جي ڀاتين ۾ وڏا خواهه ننڍا سڀ مال جي سار سنڀال جي ڪم ۾ هوندا هئا. خاص ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جو ڪو تصور نه هوندو هو. سندن سڄو جهان پنهنجي مال جي خدمت چاڪريءَ ۾ محفوظ هوندو هو. ان ڪري ٻارڙن کي مال سان پهرائي ڇڏيندا هئا ۽ علم کان اوجهل رهندا هئا.

گنو سامتاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

گنو سامتاڻي
رومانوي ڪهاڻيءَ جو هڪ دور
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
گنو سامتاڻي، رومانوي دور جو ٽيون اهم ڪهاڻي نويس آهي، جيڪو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪهاڻي نويس واري حيثيت مڃائي چڪو آهي. ورمانوي دور جا پهريان ٻه ڪهاڻي نويس آهن ؛موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل ان ٽه-مورتيءَ ادب ۾ ڪافي نالو ڪڍيو. سندن ناموس هند سان گڏ، سرحد جي هن پار سنڌ ۾ به پکڙيل آهي. موهن ۽ لعل جي مشابهت ۾ گني جو جيتوڻيڪ ادبي ذخيرو گهٽ آهي پر سنڌي ادب ۾ هو ڪهاڻي، نويس طور هن ننڍي کنڊ جي هڪ اهم دستخط بڻجي اڀريو.