; سنڌي شخصيتون

05 September, 2012

ميان شفيع محمد آخوند - شفقت آخوند

ميان شفيع محمد آخوند
هڪ سٻاجهو انسان، هڪ ايماندار منصف
شفقت آخوند
ميان شفيع محمد رحمت الله آخوند کي گذاري اڄ ٻاويهه سال ٿي ويا آهن پر ان جون يادون ان جي اولاد، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهن، هو ۱۹۲۰ع ۾ حيدرآباد سنڌ واري گاڏي کاتي جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو، ان وقت سندس والد ميان رحمت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چيف آفيسر جي عهدي تي فائز هو.

عبدالغفار قمر جوڌپوري - تاج الاحرار چندريگر


عبدالغفار قمر جوڌپوري
تحريڪ پاڪستان جو جوشيلو ڪارڪن ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو جان نثارورڪر
تاج الاحرار چندريگر
عبدالغفار قمر، جنهن قمر جوڌپوري جي نالي سان شهرت ماڻي. سو ڀارتي صوبي راجسٿان جي رياست جوڌپور ۾ ۱۹۱۰ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي وڌي وڏو ٿيو. هن نوجواني ۾ تحريڪ پاڪستان جي جوشيلي ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪيو ۽ نوجوانن ۾ جوشيلي تقرير ڪري، آزادي جي جذبي جي روح کي پروان چڙهايو. مسلمان نوجوانن کي منظم ڪري، انهن ۾ حربي ۽ عسڪري صلاحيتن کي بيدار ڪيو. جنهن جي ڏوهه ۾ جوڌپور انتظاميه طرفان نه صرف سندس زبان تي تالا لڳايا ويا پر انگريز حڪومت جي چوڻ تي مها راجه جوڌپور کيس شهر بدر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.

جوڌپور بدر ٿيڻ کان پوءِ هن مرد مجاهد اوڌيپور شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي به تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرم رهيو ۽ پنهنجون سرگرميون جاري رکيون. اوڌيپور انتظاميه به تحريڪ پاڪستان جي حق ۾ سرگرميون روڪڻ لاءِ وارننگ بار بار جاري ڪيون پر هن جوشيلي ڪارڪن وڏي بهادري ۽ جرائت منديءَ سان پنهنجون سرگرميون جاري و ساري رکيون، جنهن تي اوڌيپور جي انتظاميه به ڏيهه نيڪالي جا حڪم جاري ڪندي کيس پوليس ذريعي راجسٿان جي سرحد تي آڻي سنڌ ڏانهن ڌڪي روانو ڪري ڇڏيو.
اپريل ۱۹۴۰ع ڌاري حيدرآباد لڏپلاڻ ڪري اچي ويٺو ۽ حيدرآباد جي علائقي مارڪيٽ ٽاور ڀرسان جيل روڊ تي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي به تحريڪ پاڪستان جي حق ۾ پنهنجون سماجي ۽ سياسي سرگرميون جاري رکيون. پاڪستان ٺهڻ جي موقعي تي ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ تي حيدرآباد جي پڪي قلعي واري علائقي تان برطانوي حڪومت جو جهنڊو لاهي پاڪستان جو سائو چنڊ تاري وارو جهنڊو کوڙڻ جو سڀ کان پهريون اعزاز حاصل به هن ئي ڪيو، نه صرف پڪي قلعي تي پاڪستان جو جهنڊو جهولايو پر ان موقعي تي موجود انگريز ڪليڪٽر کي پرجوش ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ چيو ته ’سليوٽ ٽو اور فليگ‘۽ اهڙي طرح ان پرجوش پاڪستاني قيادت ۾ برطانوي ڪليڪٽر به سوين ماڻهن سان گڏجي پاڪستاني جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي، قيام پاڪستان کان پهرين جڏهن سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آيو. ته هتي پهرين کان موجود ڪيترائي ماڻهو گروهن جي شڪل ۾ سماجي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا ۽ تحريڪ پاڪستان هلائي رهيا هئا. انهن مان هڪ گروپ قاضي ڀائرن جو به هو جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد عابد  ۽ قاضي محمد اعظم شامل هئا ۽ اهي ماڻهو نه رڳو حيدرآباد پر سڄي سنڌ ۾ تحريڪ پاڪستان هلائيندڙ ماڻهن جي قيادت ۾ پهريان اڳواڻ هئا، خاص طور تي هن انهن ئي ماڻهن ۽ ٻين ماڻهن سان ملي راقم الحروف تاج الاحرار چندريگر جي والد قمر جوڌپوري به نهايت جوشيلي ۽ بهادري سان دل ۽ جان سان حصو ورتو ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ به پاڪستان ۾ آيل مسلمانن جو استقبال، انهن جي طعام، عارضي پناهه گاهن ۽ رهائش جا انتظام به انهن ئي ماڻهن جي ڀرپور تعاون سان حصو وٺندو رهيو ۽ هندستان کان آيل مسلمانن جي ڀلائي لاءِ ڊگهي عرصي تائين مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو. صدر ايوب خان جي دور ۾ صدارت ۾ ٻه ڀيرا ميمبر بنيادي جمهوريت منتخب ٿيا، پهرين ڀيري جيل روڊ مارڪيٽ ٽاور جي علائقي سان ۽ ٻئي ڀيري سرفراز ڪالوني جي علائقي مان چونڊيو ۽ پنهنجي سماجي خدمتن جو تسلسل قائم رکيو.
انهيءَ دوران پاڪستان جو هڪ سچو مجاهد عوام جو هيرو پاڪستاني عوام جو هردلعزيز، بهادر، بيخوف اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي صورت ۾ پاڪستاني سياست جي اُفق تي پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان گڏ اڀريو جنهن کي ٻين ماڻهن وانگر راقم الحروف جي والد ۽ ٻين شخصيت شناس ۽ هيرا شناس ماڻهن سان گڏ ان وقت ئي ڄاڻي ورتو هو جڏهن هو پاڪستان جي آبپاشي بجلي ۽ قدرتي وسيلن جو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ جيڪو بعد ۾ پنهنجي قابليت ۽ اعليٰ صلاحيتن جي ڪري وزير خارجه جي اهم عهدي تي رهيو. راقم الحروف جيئن ته ان دور جو هڪ سرگرم سياسي سماجي ورڪر ۽ اڳواڻ جو پٽ آهي ۽ ان تعلق جي بنياد تي ننڍپڻ کان ئي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪرڻ جو عادي ۽ شوقين رهيو آهي، بهرحال اهو چوڻ ڪو عار نٿو سمجهان ته ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ذهن دبنگ ۽ بين الاقوامي لحاظ کان دنيا تي پنهنجي سياسي ذهانت جو سڪو ڄمائڻ وارو وزير خارجه ڪڏهن ملي سگهندو. منهنجو والد مرحوم به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو زبردست مداح ۽ ڪارڪن هو ۽ چوندو هو ته ڀٽو صاحب ۾ رهنمائي ڪرڻ جون خداداد صلاحيتون آهن ۽ ٻڌائيندو هو ته ۱۹۶۵ع ڌاري پاڪ ڀارت جنگ ۾ ڀٽو صاحب بين الاقوامي دنيا ۾ پاڪستان جي موقف کي جنهن انداز ۾ پيش ڪيو، ڪو ٻيو وزير خارجه هجي ها ته ان انداز ۾ پيش نه پئي ڪري ٿي سگهيو. ڀٽو صاحب جنگ جي دوران عوام ۽ مسلح فوج جي حوصلن کي وڌايو ۽ جڏهن وزير اعظم ٿيو ته ملڪ سان گڏ دين اسلام ۽ اسلامي دنيا جي جنهن خدمت جي غير جانبدار مورخ ان کي سنهرن لفظن ۾ تاريخ جو هڪ سنهري باب تحرير ڪندو. ڀٽو صاحب دين اسلام جي هڪ طرح زبردست خدمت هن طرح به ڪئي ته وڏن ۽ جيد عالم دين جي تعاون سان قرآن پاڪ جي زير زبرن جي اڻ ڄاڻائي ۾ ٿيندڙ غلطين کان پاڪ ڪرايو. نبي آخر الزمان حضرت محمد ﷺ کي آخري نبي نه مڃڻ وارن کي ديني عالمن کان متفقه راءِ وٺي قومي اسيمبلي ۾ مسلمانن کان الڳ فرقو قرار ڏياريو. عالم اسلام جي خدمت ان طرح سان ڪئي جو اسلامي ملڪن جي حڪمرانن کي جنجهوڙي ان ۾ اسلامي اتحاد جي لاءِ بيداري پيدا ڪئي ۽ انهن کي دنيا ۾ مسلمانن جي اهميت جو احساس ڏياريو ۽ غيرن جي طرفان مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ سازشن کان آگاهه ڪيو ۽ اسلامي ملڪن کي متحد ڪندي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ مسلمانن ۾ ٺوس اتحاد جي بنياد وڌي. ڀٽو صاحب جي دل ۾ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جو جذبو انتهائي ڀريل هو ۽ انهي جذبي تحت اسلامي ملڪن جون ٻيون ۽ ڪامياب ترين سربراهه ڪانفرنس پاڪستان ۾ منعقد ڪرائي. ان کان سواءِ اوڀر پاڪستان جي ورهاڱي موقعي تي به هن اقوامي متحده ۾ وزير خارجه ۽ نائب وزير اعظم جي حيثيت ۾ جيڪا ولوله انگيز تقرير ڪئي ان ۾ پاڪستان جي بهادر فوج کي عالم اسلام جي فوج قرار ڏنو، جنهن سان ڀٽو صاحب جي اسلامي ملڪن سان گڏ خاص محبت جو شاندار اظهار هوندو آهي ۽ جڏهن الله تعاليٰ هن کي هڪ وڏي ۽ اهم مملڪت جو وزير اعظم بڻايو ته پنهنجي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دفاعي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکيو، باوجود ان جي ته ان وقت جي آمريڪي يهودي وزير خارجه سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ايٽمي پروگرام کي روڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڀٽو صاحب فولادي عزم سان گڏ پاڪستان کي هڪ طاقتور ايٽمي ملڪ بڻائڻ واري موقف تي مضبوطي سان بيٺو رهيو ۽ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين هر سطح تي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جو دفاع ڪندو رهيو. ان ڪري غير مسلم طاقتون پاڪستان جون دشمن بڻجي ڳجهن سازشن ۾ مصروف ٿي ويون. پهرين عالم اسلام جي مقبول ترين اڳواڻ شاهه فيصل کي مارايو ويو جيڪو مسلم اتحاد جي سلسلي ۾ ڀٽو صاحب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي جدوجهد ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ هنن سازشن جو تسلسل جاري رکندي پاڪستان جي هردلعزيز بهادر ۽ بيباڪ وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪرايو ۽ جنهن کان پوءِ پنهنجن سازشن کي مڪمل ڪندي ڀٽو صاحب کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو ۽ اهڙي طرح پاڪستان کي هڪ محبِ وطن ۽ ايٽمي پروگرام جي روح روان وزير اعظم کان محروم ڪيو ويو.

نور بانو - سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره


نور بانو
سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره
تلهار جي جنهن موتين مالها جي داڻي تي قلم کڻي رهيو آهيان سا آهي سنڌ جي مشهور فنڪاره مرحومه نور بانو گوپانگ ۱۹۴۲ع ڌاري ڳوٺ مٺو خان گوپانگ ۾ محمد سليمان گوپانگ جي گهر لڳ رپ شريف تعلقي تلهار ضلعي بدين ۾ پيدا ٿي، غربت سبب صرف پرائمري تعليم ئي حاصل ڪري سگهي ۽ هو ننڍي هوندي کان مال چاريندي هئي، مال چاريندي مشهور لوڪ گيت پڻ جهونگاريندي رهندي هئي، کيس پنهنجو آواز ٻين جي ڀيٽ ۾ سٺو ۽ سريلو محسوس ٿيندو هو، هوءَ ڳوٺ جي شادين وغيره ۾ پڻ ڳائڻ لڳي ۽ جلد ئي سٺي ۽ سريلي آواز سبب مشهور ٿي وئي، سندس والد هارپو ڪندو هو، جڏهن وڏيري کانئس هارپو ڦري ورتو ته هي سڀ تلهار لڏي وآيا ۽ اڄ ڏينهن تائين تلهار شهر ۾ آباد آهن، هي ۱۹۶۵ع جي ڳالهه آهي، ان زماني ۾ تلهار ۾ سنڌ جي مشهور راشدي خاندان پير علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي جا ويجها عزيز سندس هميشه سندس اولاد (پير صاحبن جا ڀاڻيجا) ۽ ٻيا مائٽ پڻ رهندا هئا، اها حويلي وڏل شاهه جي حويلي سڏبي هئي، (هاڻي ان حويلي جا مڪين ڪراچي ٿا رهن ۽ حويلي ۾ ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي طرفان اسڪول کوليو ويو آهي) سيد زمان شاهه راشدي انوقت ريڊيو پاڪستان حيدراباد ۾ متعين هو، ان جڏهن نوربانو بابت ٻڌو ته کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح زمان شاهه معرفت مرحوم نور بانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اچي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي، نور بانو جي موسيقي جي تعليم پنهنجي عزيز حيات گوپانگ کان حاصل ڪئي، بعد ۾ استاد مٺو ڪڇي پڻ سندس استاد رهيو، هن ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو تي ڳائڻ شروع ڪيو، ان سلسلي ۾ سندس ڌيءَ حميره گوپانگ ٻڌايو ته نور بانو جو پهريون ڳايل لوڪ هو، جنهن تي هو هر هنڌ مشهور ٿي، ان جا ٻول هئا.

راڻو چندر سنگهه - چنديرام کتري


راڻو چندر سنگهه
هڪ روايت جو نالو هو
چنديرام کتري
وسڪاري جي هيلوڪي سانوري رت جون ڀرجي آيل گهٽائون، پرمات جا پٽ پسائڻ وقت ان راڻي چندر سنگهه کي ڏسي نه سگهنديون، جنهن پنهنجي جيون جون اوڻاسي سانوڻيون عمرڪوٽ لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ راڻا جاگير ۾ نرالي شان ۽ شوڪت سان گذاريون.
۱۹۳۱ع ۾ راجپوتن جي چوويهين راڻي ارجن سنگهه جي گهر جنم وٺندڙ راڻي چندر سنگهه پرائمري تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري وڌيڪ علم پرائڻ لاءِ ڀارت جي شهر ديرادون جو رخ ڪيو.
ديرادون جي تڏهوڪي علمي حيثيت واري هاڪ جو هڪڙو ئي حوالو ڪافي آهي ته پنهنجي زماني جي ذهين ۽ زيرڪ سياسي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان پيلو مودي تائين پنهنجي دور کي متاثر ڪندڙ ڪيترا ئي ماڻهو ديرادون جا شاگرد هئا.

سيد مصري شاهه رضوي


سيد مصري شاهه رضوي
ڪافين جو بادشاهه
سيد مصري شاهه جو پورو نالو ”مصري شاهه رضوي“ آهي، سندس ولادت ۱۲۴۵هجري بمطابق ۱۸۲۸ع ۾ سنڌ جي شهر نصرپور ۾ ٿي.
سندس والد سيد بلند شاهه جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي.
مصري شاهه کي ڪافين جو بادشاهه چيو وڃي ٿو ڇو ته سنڌي موسيقي ۾ ڪلاسيڪل موسيقي جو پنهنجو ئي رنگ آهي. ڪافي هڪ اهم ۽ ڏکي صنف آهي پر جتي به ڪافي جو ذڪر ايندو اتي مصري شاهه ياد ايندو.

رئيس حاجي غلام محمد زنئور - ولي محمد زنئور


رئيس حاجي غلام محمد زنئور
ولي محمد زنئور
سنسار جي سدا بهار سڳنڌ ۾ وادي سنڌ به پنهنجي من موهيندڙ مهڪ ۽ مي ۾ مخمور نيڻن جهڙي دلربا نازنين جيان نقشي ۾ نمودار آهي. جنهن پنهنجي تاڪيل تهه مان بيشمار، بي بها خزانا ۽ مالهه ماڻڪ اپٽيا آهن. جن جي جوت ۽ جلوي سان هي جهان جڳمڳ آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه کان حاجي احمد ملاح تائين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان سائين جي ايم سيد تائين، دودي سومري کان دولهه درياهه خان تائين، مرزا قليچ بيگ کان ڊاڪٽر نبي بخش تائين، ڄام سپڙ کان ڄام ڪانڀو خان تائين، حاجي امير بخش جوڻيجي کان حاجي خدا بخش درس تائين، اهڙن عظيم انسانن، شاعرن، سياستدانن، بهادرن، محققن، سخين ۽ مهمان نواز ماڻهن جي موتين جي لڙهي پويل آهي. جن جو ڪوبه ڇيڙو نظر نٿو اچي. انهن مالائن کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وت، وقت، همت ۽ سوڳت جي ضرورت آهي. ان ڪم لاءِ روزاني عبرت حيدرآباد هنج بڻجي پنهنجي چنج سان اهڙا موتي چئي تاريخ جي تاريڪ ورقن کي تجلي ذريعي روشن ڪري رهي آهي.

01 September, 2012

شمشير الحيدري - ۲

شمشير الحيدري – ۲

سنڌ جي دريافت!

ڊاڪٽر مسرت خواجه




سنڌ جي ليکڪ، شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس شمشير الحيدري سان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سندس ڪراچي واري گهر ۾ ملاقات ٿي ته هو صحت جي حوالي سان پهريائين کان ڪجهه بهتر نظر اچي رهيو هو. جسماني طور تي ته هو ڪمزور ٿي چڪو آهي، پر ذهني طور تي ڪمزور ناهي. اڄ به سنڌ جي موجوده حالتن تي کيس ڳڻتي آهي. سياڻن جي چوڻيءَ مطابق ته؛ ”جيڪڏهن ڪنهن جي اکين جو نور ختم ٿي وڃي ته مڙئي خير آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن جو عقل گم ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه هليو ويندو آهي.“ سو شمشير جي اکين جو نور ته ختم ٿي چڪو آهي، پر عقل اڄ به سالم آهي. شمشير جڏهن به ڪنهن سان، ڪنهن موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو ته انهيءَ ۾ به ڪو مقصد سمايل هوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته سندس گفتا به ادبي هوندا آهن ۽ معنيٰ سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نٿي اچي. پر وري جڏهن ڪنهن سان مذاق ڪري ٿو ته پريون همراهه مسڪرائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. انهيءَ ڏينهن به منظور ميراڻي سان فون تي عليڪ سليڪ ڪرڻ بجاءِ کيس چيائين ته، ”ادا منظور آهي يا نامنظور“. مطلب ته هو پنهنجن دوستن ۽ پيارن سان کل ڀوڳ اهڙي نموني سان ڪندو آهي، جو اهي چاهيندا آهن ته ساڻن اهڙي کل ڀوڳ شمشير هميشه ڪندو رهي. سندس پنهنجا ايجاد ڪيل گهڻا ئي لفظ ۽ جملا اهڙا آهن، جيڪي سندس دوست محفلن ۾ ورجائيندا رهندا آهن ۽ کيس ياد ڪندا رهندا آهن. جيئن ”جو ئي کام کيا سو هي جڏا“ پر هن سنڌ جي حوالي سان جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو، انهيءَ کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايائين، چاهي اهو ڪم سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري دستخطي مهم هجي يا وري ون يونٽ خلاف ڪا تحريڪ هجي. اهڙن انسانن هيئن خراج تحسين پيش ڪري سگهجي ٿو ته: “He works with the fury of Michel Angelo” مطلب ته اهڙا انسان انهيءَ ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪن ٿا، جيئن مائيڪل اينجلو ڪندو هو.

31 August, 2012

الطاف شيخ جو انٽرويو - رشيد ميمڻ


الطاف شيخ جو انٽرويو
ڪاوش اخبار طرفان
انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ

ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ، ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منور ڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفرناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي.

ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته؛ سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي. نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي. ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. پر هتي، اسان وٽ سنڌ ۾، ائين نه آهي.

25 August, 2012

حيدر علي لغاري - غلام حسين رنگريز


حيدر علي لغاري
سڄڻ کٿوري بُوءِ
غلام حسين رنگريز
منهنجو اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن ويندي هڪ ماڻهوءَ کي پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا گهنگهريالا وار ۽ موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر جو ته نٿو لڳي، غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو.

22 August, 2012

عابد ڪاظمي - رياضت ٻرڙو



عابد ڪاظمي
رياضت ٻرڙو

عابد ڪاظمي سينئر براڊڪاسٽر، ڪالم نويس ۽ شاعر آهي. هن اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ ٻنهي ٻولين ۾ لکيا آهن.
سندس پورو نالو سيد عابد عباس ڪاظمي آهي. سندس والد، مرحوم سيد جعفر شاهه خوراڪ کاتي سنڌ ۾ بجيٽ اينڊ اڪائونٽس آفيسر هو. سندس پڙڏاڏو سيد فضل علي شاهه ۽ سندس نانو سيد مظفر علي شاهه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.

19 August, 2012

مھتاب اڪبر راشدي

مھتاب اڪبر راشدي

سنڌ جي بهادر نياڻي لاءِ نيڪ تمنائنون

مدد علي سنڌي



پنهنجي والد وانگر ادي مهتاب به استاد بڻجي زندگيءَ جي عملي ابتدا ڪئي. سينيٽ ميريز گرلز هاءِ اسڪول مان سندس انهيءَ زندگيءَ جي شروعات ٿي. الله سائين وري کيس آواز به موهيندڙ عطا ڪيو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، شهر جي ثقافتي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو. اتان هُن مختلف ڊرامن ۾ پنهنجي لازوال صداڪاري شروع ڪئي. جڏهن ماڻهو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان کيس مختلف ڊرامن ۾ صداڪاري ڪندو سندس آواز ٻڌندا هئا، ته کين ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون.

18 August, 2012

سليمان شاهه - مصطفيٰ ملاح


سليمان شاهه
ڳائڻ جو منفرد انداز رکندڙ راڳي
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون!“
جهڙو شاهڪار گيت ڳائيندڙ، سنڌ جي منفرد انداز واري راڳي، سيد سليمان شاهه کي اسان کان جدا ٿئي ۱۶ سال مڪمل ٿي ويا آهن. ارڙھين آگسٽ تي سورھين سندس ورسي ٿيندي.
پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪيءَ جي انداز ذريعي، شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳيءَ جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص ڪندي، وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندي، مست الست صوفياءِ ڪرام سچل سائين، بابا بلي شاهه جو تسلسل يا عڪس محسوس ٿيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳنڌ بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر ٿي نچڻ لڳندو هو.

17 August, 2012

علامه آءِ آءِ قاضي - رضوان گل


علامه آءِ آءِ قاضي
ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان
رضوان گل
سنڌ ۾ جن شخصيتن پنهنجي عِلمي قابليت ۽ ڏاهپ ذريعي عملي طور يادگار ۽ تاريخ ساز خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ آءِ قـاضـي جـو اصـل نـالـو امـداد عـلـي امـام علي قاضي هو. سندس جنم ۹ اپريل ۱۸۸۹ تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم پڻ ورتائين، جنهن بعد انگريزي تعليم پرائي بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، جتي سندس مطالعي جو ڪينواس تمام گھڻو وسيع ٿي ويو. ڪيترن ئي استادن کان علم جي خزاني مان قيمتي جوهر حاصل ڪيائين. ڪتابن سان سندس گِهري وابستگي رهي. مشرقي ۽ مغربي تاريخ، فلسفي، جاگرافي، ادب ۽ ٻين انيڪ موضوعن وارا ڪتاب سندس مطالعي هيٺ آيا، جنهنڪري پاڻ فقط قانون جي تعليم تائين ئي محدود نه رهيو، پر دنيا جهانَ جي مختلف علمن بابت جامع ڄاڻ پڻ حاصل ڪيائين. لنڊن کان جرمنيءَ به ويو، جتان ڪيترن ئي ڪتب خانن مان ناياب ڪتابن جو مطالعو ڪري، انهن مان ڀرپور فائدو ورتائين ۽ اتان ئي شادي پڻ ڪيائين، جنهن بعد سن ۱۹۱۱ع ۾ وطن واپس آيو.