; سنڌي شخصيتون

26 March, 2013

ماستر ايوب ساند - سليمان ساند


ماستر ايوب ساند
سماج سڌارڪ ۽ ماھر تعليم
سليمان ساند
سنڌ ڌرتي جي ڪک ڪيترا ئي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي زند گي عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو پر اسان جو الميو اهو رهيو آهي ته اسان اهڙن عظيم انسانن جو نه سندن حياتي ۾ قدر ڪندا آهيون ۽ نه ئي سندن ڪا مدد ڪندا آهيون. الٽو ان تي چٿرون ڪندا آهيون. سنڌ ڌرتي جي اهڙن ڪردارن مان هڪ ماستر محمد ايوب ساند پڻ آهي، جنھن سنڌ جي اربيلي شاعر حسن درس جي اباڻي ڳوٺ، مشائخ هوٿي ۾، سال ۱۹۲۶ع ۾، حافظ لونگ ساند جي گهر ۾، اک کولي. 

25 March, 2013

مير مراد علي خان ٽالپر - سميرا مختيار

مير مراد علي خان ٽالپر
ڪاش ۱۹۴۷ع وارو وقت وري اچي
انٽرويو: سميرا مختيار
مير مراد علي خان ٽالپر، جيڪو پنهنجي حياتي جي سينچري مڪمل ڪرڻ وارو آهي، سو ۲۵ مارچ ۱۹۱۳ع ۾ ڄائو. هن وقت به جامڙد لڳو پيو آهي. سو پنهنجي انداز ۾ يادگيرين جي تاريخ سانڍيو اچي. جڏھن سنڌ جي ھن عظيم انسان سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن پنهنجي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي پهرين پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريون.

شيام جئسنگھاڻي - رکيل مورائي


شيام جئسنگھاڻي
معصوم شخص ۽ جديد ليکڪ
رکيل مورائي
ٻاويهه مارچ هڪ اهڙي سنڌي اديب جي وفات جو ڏينهن آهي، جنهن جنم بلوچستان جي پهاڙن جي ڇانوَ ۾ ورتو ۽ وفات چئمبور ممبئيءَ ۾ ڪئي. هو ڄائو به جلاوطنيءَ ۾ جيڪا هن جي پڇڻ کان سواءِ سندس وڏن پنهنجي ڪاروباري سهوليت خاطر پاڻمرادو قبولي هئي، ۽ وفات به ان جلاوطنيءَ ۾ ڪيائين، جيڪا به کانئس پڇڻ کان سواءِ سندس وڏن هن ننڍي کنڊ جي سياست جي اثر هيٺ ڪئي. ائين سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي طبيعت ۾ معصوم ترين ليکڪ ۽ پنهنجي لکڻين ۾ هيءَ جديد ترين ليکڪ سموري عمر اڻ قبوليل جلاوطنيءَ ۾ پنهنجي جئمبور ممبئيءَ واري گهر ۾ اڪيلي زندگيءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، پنهنجي ادب ۾ سدائين لاءِ زنده رهجي ويو.

24 March, 2013

استاد وحيد علي - ناصر قاضي


استاد وحيد علي
سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو ڪلاڪار
ناصر قاضي
ننڍي کنڊ جو گواليار گھراڻو موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي علم ۽ مهارت جي آڌار تي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن گھراڻي جا چشم و چراغ خانصاحب استاد منظور علي خان ۽ خانصاحب استاد اميد علي خان سنڌ ڌرتيءَ سان سلهاڙيل رهيا. سنڌ ڌرتيءَ جو خوشبوءِ ۽ سرهاڻ ويتر هن گھراڻي جي ڏات ڌڻين کي اهڙي روشني ۽ مڻيا عطا ڪئي، جو سندن سڳند پوري عالم ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي ويو. ساڳئي گھراڻي سان واسطو رکندڙ استاد وحيد علي خان به آهي، جنهن سرن ۾ اهڙي ته نغمگي ڀري، جو سنڌي موسيقي ۽ راڳ کي هڪڙو نئون ۽ انوکو رنگ مليو. شاهه لطيف جي ڪلام ۽ سچل سرمست جي ڪافين کان وٺي جديد شاعريءَ جي چونڊ ۽ ادائيگيءَ ۾ هن اهڙا ته لطيف ۽ نفيس آلاپ سمايا جو دنيا دنگ رهجي وئي ۽ هر پاسي کان رڳو واهه واهه جا داد ۽ آواز اچڻ لڳا.

ھيمون ڪالاڻي

ھيمون ڪالاڻي

امر شھيد

ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا



سنڌ ڌرتي ڄايا اُهي شهيد جن پنهنجي امڙ جي ٿڃ ملهائيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، اگر انهن جي پاڻ لسٽ ٺاهينداسين ته اُن لسٽ ۾ جيڪو ننڍڙي عمر وارو شهيد هوندو اهو منهنجي خيال ۾ امر شهيد هيمون ڪالاڻي هوندو جيڪو ۱۹ سالن جي عمر ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسيءَ چاڙهيو ويو هو. هيمون ڪالاڻي جنهن جو اصل نالو هيمن ڪالاڻي هو پر سڀ ماڻهو ان کي هيمون ڪالاڻي جي نالي سان ياد ڪن ٿا. هن جو جنم ۲۳ مارچ ۱۹۲۳ع تي سکر ۾ ٿيو هو. هن جي پيءَ جو نالو پيسو مل ڪالاڻي هو جيڪو هڪ بزنس مين هو. هُن جي ماءُ جو نالو ڄيٺي مائي هو. هُن مئٽرڪ تلڪ هاءِ اسڪول سکر مان ڪئي، مون کي خبر ناهي ته اڄ به اُن اسڪول جو نالو تلڪ هاءِ اسڪول آهي يا اُن کي به مسلمان ڪيو ويو آهي. هن کي ننڍي هوندي ئي انقلابي ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ سان پيار ڪرڻ جو جذبو پنهنجي چاچي ڊاڪٽر منگهارام ڪالاڻي کان مليو جيڪو اُن وقت انڊين ڪانگريس جو ليڊر هو. هي جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ان وقت هن سيواراج سينا اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن ۾ شموليت ڪئي ۽هڪ انقلابي ٿي اسريو. جڏهن مهاتما گانڌي ”Quit india“ هندستان خالي ڪريو، انگريزن جي خلاف تحريڪ هلائي ته هن اُن ۾ ڀرپور حصو ورتو. مهاتما گانڌي پنهنجن ماڻهن کي چيو ته ”Do or Die“ برٽش رول جي خلاف وڙهو يا مري وڃو. هي ننڍڙو نوجوان ان تي عمل ڪندي پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي. اُن ۾ ٻاهران ايندڙ تمام سامان جو بائڪاٽ ڪيو ويو ۽ هندستان ۾ ٺهندڙ شين جو وڪرو عام ٿيو. مهاتما گانڌي جي اها تحريڪ ۱۹۴۲ع ۾ شروع ٿي، اُن زماني ۾ هن کي خبر پئي ته برطانوي فوجي اسلحو کڻي اچي رهيا آهن ۽ اهو ٽرين ذريعي سکر مان گذرندو، هن ننڍڙي عمر ۾ دوستن سان گڏ پٽڙي اُکيڙڻ جو فيصلو ڪيو جيئن اهو اسلحو پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ تباهه ٿي وڃي پر ان پٽڙي اُکيڙڻ دوران هي پڪڙجي پيو ۽ هن جا دوست ڀڄي ويا. پوءِ هن  تي مارشل لا ڪورٽ سکر ۾ ڪيس هلايو ويو ۽ هن کي چيو ويو ته جيڪڏهن تون پنهنجي ساٿين جي باري ۾ ٻڌائيندين ته پوءِ توکي آزاد ڪيو ويندو. اُن وقت مارشل لا ڪورٽ سنڌ ۾ اُن ڪري هئي جو هتي حُر تحريڪ به هلي رهي هئي. سکر جي ڪورٽ هن کي عمر قيد جي سزا ڏني، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دوستن جا نالا ڪو نه ٻڌايا. پوءِ هن جو ڪيس حيدرآباد ڪورٽ ۾ موڪليو ويو جتي ڪرنل رچرڊسن جيڪو انقلابين جي سخت خلاف هو، هُن هيمون ڪالاڻي جي سزا عمر قيد کان بدلائي ڦاسي جي سزا ۾ تبديل ڪري ڇڏي. پر هن دلير تي اُن جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو، ۽ هن آخري وقت تائين خوشيءَ سان ڦاسي چڙهڻ قبول ڪيو پر معافي وٺڻ يا اُنهن کي دوستن جا نالا ٻڌائڻ قبول نه ڪيو. هن کي ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. هن جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ ان وقت جي ناميارن اڳواڻن جمشيد جي مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، عبدالستار پيرزاده، سوامي هرنامداس، ويرو مل بيگراج ۽ ٻين اپيل ڪئي پر اُها رد ڪئي وئي. اڄ اسان سڀني سنڌين کي فخر آهي ۽ اسان جو ڳاٽ اوچو آهي ته هيمون ڪالاڻي پنهنجي ڌرتي لاءِ جان ڏيڻ قبول ڪئي پر پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌائڻ قبول نه ڪيا. اسان کي گهرجي ته جيئن هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي کي ياد رکڻ لاءِ ڪيترن روڊن جا نالا هيمون ڪالاڻي تي رکيا ويا آهن، ته اسان کي به هتي پنهنجن روڊن، رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جا نالا پنهنجن شهيدن جي نالن تي رکڻ کپن، سکر ۾ هڪ پارڪ جنهن جو نالو امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي نالي تي هو پر پوءِ ان کي مسلمان ڪري ان جو نالو قاسم پارڪ رکيو ويو، اچو ته اڄ سڀ گڏجي وري واپس ان جو نالو ”هيمون ڪالاڻي“ پارڪ رکي سنڌ جي شهيد کي خراج تحسين پيش ڪيون.

علي حسن ڀاڳت - جميل چانڊيو


علي حسن ڀاڳت
سنڌين جو ايڌي
جميل چانڊيو

شاهه عنايت شهيد جي ”جو کيڙي سو کائي“ جي نعري تي يقين رکندڙ ڪراچي جي لاسي ڳوٺ جو رهواسي علي حسن ڀاڳت، ماڻهن جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن کي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کان نفرت آهي. هن جو خواب آهي ته؛ هو سنڌ واسين جي خدمت ڪري. ڪراچيءَ جي گهڻين فيڪٽرين ۾ 20 سال ڪمائيندڙ هي سماجي ورڪر، علي حسن ڀاڳت، اڪيلي سر شاهه عنايت شهيد جي نالي سان هڪ سماجي تنظيم هلائي ٿو. جيڪو ڪنهن کان به چندو، ڀتو نٿو ڪري. پنهنجي پورهئي مان جيڪو به ڪمائي ٿو، اهو پيرن اگهاڙن غريب ماڻهن تي خرچ ڪري ٿو. کيس ڪيترا ئي ماڻهو، سنڌين جو ايڌي سمجهندا آھن.

22 March, 2013

موھن ڀڳت

موھن ڀڳت
سنڌ جو سٻاجھي لھجي وارو ڳائڻو
ناصر قاضي
لفظ ”ڀڳت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. سنسڪرت ۾ ان لفظ جو ٻيو اچار ’ڀڪت‘ آهي، جيڪو ’ڀج‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى ”پوڄا ڪرڻ“ يا ”عبادت ڪرڻ“ ٻڌائي وڃي ٿي. ”ڀڳت“ لفظ گرامر جي گھرجن مطابق فعل به آهي ته ساڳئي ئي وقت فاعل پڻ آهي. مطلب ڀڳت واري عمل کي ”ڀڳت“ ۽ ڀڳت ڪندڙ کي به ”ڀڳت“ ئي چئبو آهي، جيڪو پنهنجي خوش الحانيءَ ۽ ساز سرود جي سنگت سان پنهنجي پالڻهار جي حمد ۽ ثنا ڪندو آهي، جنهن عمل کي ”ڀڳت“ چئجي ٿو.

حميد شھيد - ڊاڪٽر مخمور بخاري


حميد شھيد
ڄاڻ سڃاڻ
ڊاڪٽر مخمور بخاري
عبدالحميد ميمڻ المعروف حميد شهيد ۸ جنوري ۱۹۴۱ تي، هالا جي نالي واري شاعر ۽ صحافي خليفي محمد عمر المعروف اختر هالائي جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد شهيد ايم اي اڪنامڪس، ايم اي اردو، بي ڪام (آنرس) ڪاسٽ اڪائونٽنٽ، ايل ايل بي، ٽائيپ، شارٽ هينڊ ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما ڪيو. شروعات ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ملتان ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. جتان پوءِ پنجاب، سرحد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪندي، آخر اچي حبيب ٽيڪنيڪل ڪاليج نواب شاهه جو پرنسپل مقرر ٿيو. جتان ۲۰۰۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ملازمت جي عرصي دوران، ايشين بئنڪ اسلام آباد ۾ ڪنسلٽنٽ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ نوشهري فيروز کان بدين تائين ۱۶ فني ادارن جو پروجيڪٽ آفيسر رهي چڪو. ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو حوالي سان ملڪي سطح تي ٿيندڙ ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ نصاب جي تدوين وارن ميٽنگن ۾ شامل ٿيندو رهيو. کيس فني خدمتن جي عيوض ”قائد اعظم گولڊ ميڊل“ پڻ ملي چڪو آهي.

تاج محمد ابڙو - عبدالقادر جوڻيجو


تاج محمد ابڙو
تاريخ جي روشن راهه
عبدالقادر جوڻيجو
هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري، پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي.

غلام علي سنديلو - ناصر قاضي


غلام علي سنديلو
نماڻن گيتن جو سريلو گائيڪ

ناصر قاضي
ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”ياد ڪر اهو ڏينهن، جڏهن تون روئين پيو ۽ ٻيا سڀ تنهنجي هن جهان ۾ اچڻ تي تو کي ڏسي خوشيءَ وچان کلن پيا. هاڻي اهڙي زندگي گذار جو تون هن جهان مان کلندو وڃين ۽ ٻيا تنهنجي لاءِ روئيندا رهجي وڃن...“ جيڪڏهن هن چوڻيءَ جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهو ئي آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪم، اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ماڻهن کي موهي رکي. اسان جي سونهاري سنڌ اهڙا ڪيئي ماڻهو جنميا آهن، جيڪي پنهنجي ڏات ۽ فن سببان، سدائين ماڻهن جي دلين ۾ وسندا رهيا آهن. اهي ماڻهو جيئري ته ماڻهن جون دليون کٽندا رهيا آهن، پر مُئي پڄاڻان به سموري ديس کي اداس ڪري ويا آهن. غلام علي سنديلو پڻ اهڙين محبوب شخصيتن منجھان هڪ آهي.

11 March, 2013

الطاف شيخَ کان انٽرويو - پروفيسر ڪوثر ميمڻ


 الطاف شيخَ کان انٽرويو
پروفيسر ڪوثر ميمڻ 
پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو.
الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان  ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. 15 سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز  هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ 75 کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي  ٿو. (ادارو)

03 March, 2013

علي محمد عرف مامو صوبو - زلف پيرزادو


علي محمد عرف مامو صوبو
ٻلھڙيجيءَ جو مامو جيڪو موڪلائي ويو
زلف پيرزادو
سنڌ ۾ لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي اهم ڪردارن جنم ورتو آهي جن علم، ادب ۽ سياست سميت مختلف شعبن ۾ عملي شرڪت ڪري وڏو نالو ڪمايو، اهڙن ئي ڪردارن ۾ علي محمد عرف مامو صوبو به شامل آهي، جنهن مزاح جي شعبي ۾ پاڻ ملهايو. مامو صوبو صرف منهنجو نه، رڳو پنهنجن ڀاڻيجن جو نه، پر ڳوٺ سميت پوري تر جو مامو هو. سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ويڙها هجن ٿا، اهڙي طرح پيرزادن جو به ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ تمام وڏو ويڙهو آهي، منهنجي ناني ڪراڙي اٻوجهه هئي، سو ويڙهي ۾ گهمندي ڦرندي مامي صوبي جي گهر اڳيان گذري ته مامي کي ڀوڳ سمجهيو سو رڙ ڪري چيائينس ته؛ ”ڪراڙي هيڏي ته اڄ وڏو قدرت جو ڪرشمو ٿيو آهي.“ سو هوءَ به حيرت مان وٽس آئي ته؛ ”ادا! ڇا ٿيو آهي.“ چيائينس؛ ”دوست عليءَ جي ڪتيءَ، ٻڪريءَ جا ڦر ڄڻيا آهن. سڄو ويڙهو هي ڪرشمو ڏسڻ پهتو آهي، تو کي خبر ناهي؟“

شيخ اياز - آزاد انور ڪانڌڙو


شيخ اياز
ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
شيخ اياز جي وڇوڙي کي۱۶ سال ٿي ويا آهن. ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وڇڙي ويل شيخ اياز، سنڌي ٻوليءَ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن سنڌ جي قومي ۽ فڪري رهبر شاعر شاهه لطيف رحه کانپوءِ، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فڪري سرواڻي ڪئي. هن پنهنجي شاعريءَ مان روايتي لاڙن کي ڪڍي، پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي قوم کي نئين صُبح جا سَبق ۽ ڏَس ڏنا. مهان ڪوي شيخ اياز جو جنم ۰۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ ٿيو.
هن ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. انٽر به شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج مان پاس ڪيائين. بي اي ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج مان پاس ڪئي. بعد ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين. شيخ صاحب وڏو قانوندان به هو.