آتش سنڌي
رياضت ٻرڙو
آتش سنڌيءَ جو شمار مزاحمتي ۽ قومي
شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته ميٺ محبت واري شاعري پڻ سرجي اٿائين. هُو سڄيءَ سنڌ ۾
مشهور آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيي تان نشر ٿيڻ سميت، آڊيو ڪيسٽن ۾ پڻ نامور
فنڪارن پاران ڳايا ويا آهن.
;
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
زندگيءَ جو ننڍايل خاڪو
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌ جو هڪ لائق سپوت هو. هُو هڪ
ئي وقت سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب، مترجم، محقق، سياسي ـــ ادبي ـــ
سماجي ـــ لسانياتي ـــ تحقيقي تنقيد نگار، صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ
ڪردار، کاهوڙي فرد، ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱاين ۾
يقين رکندڙ شخص هو. هُو حقيقي معنى ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.