; سنڌي شخصيتون: February 2023

23 February, 2023

رضيه سهتو

رضيه سهتو

ٽنڊو محمد خان جي آپا، اُتساهه جو پيڪر

ولي ناريجو



اهي ماڻهو ڪيڏا نه عظيم هوندا آهن جيڪي پورهيت جي مٽيءَ ڀريل هٿن ۾ ڪائنات جو حسن ڳولي ٿا لهن. ٿوري پيار ۽ همدردي جي عيوض ڪنهن ڏکايل جي اکين مان خوشي ۽ شڪراني ۾ وهي آيل ڳوڙهن ۾ انڊلٺ جا ست ئي رنگ ڏسي ٿا وٺن ۽ پوءِ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ٿا ڇڏين.

مولا بخش ڪيريو

مولا بخش ڪيريو

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر

نور سنڌي



سنڌ ۾ معتبر، معشوق ۽ محبوب ماڻهن جي ڪا به ڪمي ڪانهي، سنڌ جي اهڙن ئي سادن، سهڻن ۽ سٻاجھڙن ماڻهن منجھان مشھور شاعر سماجي ورڪر مرحوم  مولا بخش ڪيريو به هڪ ھو،  مولا بخش ڪيريو سنڌ جو انمول ڪردار ھو جنھن، ناٺياڻي جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ادب، آرٽ ۽ موسيقيءَ جي مشن کي زندگيءَ جي آخري ڏينھن تائين روشن رکيو، مولابخش ڪيريو سنڌ جو نج ڳوٺاڻو ڪردار ھو جنهن جي اوطاق تي سندس محفل متل رھندي ھئي.

امر فياض ٻرڙو

امر فياض ٻرڙو

رات ۽ ڪمپيوٽر تي جھڪيل ھڪ پاڇو

حبيب ساجد



عجيب افواھن وچ ۾ ته آمريڪا جو ھڪ اسڪائي ليب خلا مان ڌرتيءَ تي ڪرڻ وارو آھي ۽ ويھين صديءَ جي شروعات ھڪ ڊجٽ ۱۹۹۹ع بعد ۲۰۰۰ع ٿيڻ سان ئي “وائي ٽُو ڪي” جي ڪري دنيا جا ڪمپيوٽرَ خودڪار سسٽم ھيٺ پاڻ مرادو ميزائيلن کي ھلائي ڇڏيندا ۽ ھيءَ دنيا تباھه ٿي ويندي. انھن ئي ڏھاڙن ۾ مون سنڌيءَ ڪمپيوٽنگ تي توجهه ڏيڻ شروع ڪئي ھئي ۽ انھن اوائلي ڏينھن ۾ “سنڌ ويب ڊاٽ ڪام” جي نالي سان ھڪ آن لائن ويب مئگزين لانچ ڪيو ھو، جنھن ۾ ان وقت جي نالي وارن ليکڪن جا مضمون ۽ ڪتاب آن لائن شايع ٿيندا ھيا ۽ ان ويب مئگزين جي ٽريفڪ چڱي ساتري ھوندي ھئي، خاص طور تي سنڌ کان ٻاھر تمام گھڻا سنڌي ساٿي ان مئگزين جو حصو ھيا، ٺٽي جا ٽالپر برادران به ان وقت ھڪ سنڌي آن لائين مئگزين وائس آف سنڌ ترتيب ڏيندا ھئا، منھنجو ڳوٺائي عزيز منڱڻيجو به منڱڻيجو ڊاٽ ڪام جي نالي سان ھڪ آن لائين مئگزين ايڊيٽ ڪندو ھو.

اعجاز علي جسڪاڻي

اعجاز علي جسڪاڻي

ترقي پسند سوچ جو مالڪ هڪ ڪردار

اعظم ڀٽي



دنيا جي هن گولي تي ڪو به اهڙو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جو وجود هن ڌرتيءَ تي نمودار نه ٿيندو هجي، انهن وجودن مان جيڪي بهترين انسان ثابت ٿيندا آهن، دنيا ياد به انهن کي ڪندي آهي، ياد ڪرڻ به انهيءَ کي گهۡرجي، جن کي انسانيت جي احساس جي پرک هۡجي، جن جي سماج تي نه رڳو گهري نظر هجي پر سندن اندر ۾ سماج جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ آنڌ مانڌ به ترقي پسندي ۽ سائنسي انداز واري هجي، جن کي سماج جي مثبت تبديلي جو اونو هجي، جن کي پروڙ هجي ساڃاهه ۽ سۡرت جي!  هونئن ته هن دنيا ۾ ماڻهو ته تمام گهڻا آهن پر انسان ڪو ڪو ٿو بڻجي ۽ جيڪو به عملي طور حقيقي انسان آهي، سو تحسين لائق آهي. اهو مۡبارڪباد جو مستحق آهي، اهو لفظن جي ڀيٽائن جو حقدار به آهي، ان جو جنم به سڦل آهي ته وجود به باعث فخر آهي، انهن فخر لائق انسانن مان انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان چيپٽر جو صدر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو اڳوڻو ڪائونسلر ۽ موجوده جوائنٽ سيڪريٽري، پنهنجي وجود ۾ ترقي پسنديءَ جو حقيقي ۽ عملي جوهر سمائيندڙ انتهائي شفيق ۽ پيارو انسان اعجاز علي جسڪاڻي به هڪ آهي.  

ڪامريڊ اظهر جتوئي

ڪامريڊ اظهر جتوئي

انمول ڪردار

ڪامريڊ ولايت نوناري



سنڌي ۾ چوندا آھن ته جن پنھنجي رت سان تاريخ جي ورقن ۾ لکيو آھي، اھي انسان پنھنجي نسل ۾ ڪا جوت جاڳائي ويندا آھن، ڪا باک ڦٽي جي پکين وانگر ٻولي ۽ ڌرتي جي سونھن کي سنڀالي انھي رڳن کي پنھنجي جدوجھد سان سينگارڻ جي ڪرت ۾ لڳا پيا ھوندا آھن، جيئن باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ ويساھ پيدا ڪيو ۽ سنڌ جي ھارين ۾ جدوجھد جي سگھ پيدا ڪئي، تيئن سندس تنظيم سنڌ ھاري ڪاميٽي وڏين مشڪلاتن سان منھن ڏيندي مختلف تڪليفن مان جھاڳيندي پنھنجي منزل طرف پنھنجي قافلي کي وٺيو پئي ھلي، انهي قافلي کي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي نسل کي سنڀالڻو پئجي ويو، اڳ سنڌ ھاري ڪاميٽي ايوبي آمريت ۽ جنرل ضياءَ شاھي خلاف جيڪا جنگ جوٽي هئي سا اڳتي هلي ايڏي وڏي ويڙھاند کان پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ ڏار پيا ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ته سنڌ ھاري ڪاميٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي، پوءِ به سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ٻنھي گروپن پنھنجي پنھنجي انداز سان ڪم جاري رکيو پر گھڻو وقت نه ھلي سگھيا، نيٺ ھڪ گروپ سنڌ ھاري ڪاميٽي کي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي اولاد حوالي ڪرڻ جو سوچيو، جڏھن ته ڪامريڊ غلام رسول سھتي، امداد قاضي ۽ ٻين جي ڪامريڊ مظھر جتوئي سان ملاقات ٿي، وڏين ڪچھرين ۽ بحث کان پوءِ نيٺ سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪامريڊ مظھر جتوئي کي چيو ته سنڌ ھاري ڪاميٽي سنڀاليو ۽ ڪامريڊ مظھر جتوئي ان وقت بينڪ نوڪري مان آجو ٿيو ھو ۽ ڪامريڊن کي چيائين ته منھنجو تجربو ڪونھي، تنظيم ڪيئن ھلندي، ڪامريڊن جواب ۾ چيس ته تنھنجي لاءِ اھو ڪافي آھي ته تون باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو پٽ آھن، سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ايترو ڪم ٿيل آھي جو سنڌ جي ڪھڙي به علائقي ۾ ويندي ۽ چوندين ته مان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جي سياست ڪرڻ لاءِ نڪتو آھيان، سنڌ ۾ ھارين جي جدوجھد کي سگھارو ڪرڻ ٿو چاھيان، پوءِ سمورا سنڌ جا ھاري مزدور پورهيت اوھان سان سلھاڙجي ويندا ۽ اوھان پنھنجو پيغام ھارين تائين آساني سان پڄائي ويندا ۽ ڪامريڊ مظھر جتوئي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي جھنڊي کي ڪلھو ڏئي ميدان عمل ۾ نڪري پيو. ڪجھ وقت ۾ سندس شهادت ٿي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل جدوجهد تي کيس ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي کيس پهريون شهيد قرار ڏنو، ان کانپوءِ سندس فرزند ڪامريڊ اظهر جتوئي هاري ڪاميٽي جون واڳون سنڀاليون ۽ ڪامريڊ اظھر جتوئي پنھنجي سگھ آھر سنڌ ھاري ڪاميٽي جي جدوجھد جون ڪارنر ميٽنگون ڪوٺائڻ لاءِ جديد سائنسي بنيادن تي جوڙي پوري سنڌ جي جھر جھگ نڪري پيو ۽ سنڌ جي سياسي سماجي مسئلن کي کڻي جدوجھد جو آغاز ڪندي پونم جوڙائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

ڪامريڊ وزير لاکو

ڪامريڊ وزير لاکو

حر فقير

عبداش پنهور



ڇا ته مڻيادار ملوڪ ماڻهو هو. پنهنجي يگاني ڪردار ۾ صفا ديوانو، پروانو ۽ من مستانو! اڀرن جو هر دور ۾ ڀرجهلو ۽ سڀرن کي پنهنجي ڏيا سان جنهن انوکي انداز ۾ دليل ڏيندو هو ته تکي کان تکي ڪاوڙ به قرب جي قيدي ٿي ٿڌي ٿي پوندي هئي، جڏهن بنا دير جي انهيءَ دليل دوران اک هڻي پنهنجي چهري تي مُرڪ آڻي ڇڏيندو هو. سندس دل درياھ هئي پر ڪڏهن ڪڏهن درياھ به بند ٽوڙي ملڪ ٻوڙي وجهندو آهي. اڄ سنگتين ساٿين جي اکين مان نڪرندڙ لُڙڪ اهو منظر لوڪ نروار ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن هو ديوانو هو ته پنهنجي ديس جي ماڻهن جو ۽ جي اهو پروانو رهيو ته ڌرتي لوڪ جي اهنجن کي هن پنهنجو ڪيو هو ۽ پوءِ پچان، پڄران. لُڇان ۽ لوچان واري فڪر جو هي فقير هو ۽ سندس مستانو من بس تنهن تنوار ۾ سنگتين ساٿين وچ ۾ ڪڙڪ جملو ۽ وڏو ٽهڪ هاڻ هڪ تاريخ بڻجي ويو. اهو ارڏو ڪردار جيڪو تاريخ ۾ ڪڏهن مرڻو ناهي، هڪ ڀيري هُن هڪ ڌرتيءَ جي آدرشي شاعر کان سوال ڪيو ته توهان سنڌ جا وڏا شاعر آهيو، ڪڏهن پير سائينءَ پاڳاري سان مليا آهيو؟ ان سوال جنهن شخص کان ڪيو ويو، تنهن چيو زندگيءَ ۾ موقعو ئي نه مليو آهي. اوهان ڪنگري هائوس تي وڃو، پنهنجي نالي جي پرچي اندر موڪليو، توهان کي موقعو ملي ويندو ۽ پوءِ اهو شخص ڪنگري هائوس ويو. وقت جي پير سائينءَ پاڳاري سان هُن جي ڪيڏي ڪچهري ٿي، جنهن ڪچهري دوران گرين ٽي جا دور هليا ۽ جڏهن مانيءَ جو وقت ٿيو، تڏهن حر جماعت جي ماني شيڊول مطابق لڳ ڀڳ شام جا ۴ وڳا ته وقت جي پير سائينءَ پاڳاري چيو تنهنجي ماني اتي تيار آهي، جتان توهان کي موڪليو ويو آهي. وقت جي پير سائينءَ پاڳاري سان اها پهرين تاريخي ملاقات جنهن شخص ڪئي تنهن جو نالو سنڌ جو مهان شاعر استاد بخاري آهي ۽ هن ڪچهريءَ جو سبب، سوال ڪندڙ اهو شخص آهي، جنهن جو نالو حر فقير ڪامريڊ وزير لاکو آهي.

عبدالله آس هڱورجو

عبدالله آس هڱورجو

مٺيءَ جو مٺاس کان مٺو شاعر

مھر فقير



مان لکڻ جي معاملي ۾ صفا ڍرو آهيان جيئن شادين جي موقعي تي اڪثر ڪري مايون ڳيچ ڳائينديون آهن؛ ”ڍڳي جو ملھه هزار ڍڳو هر نه هلي، ڍڳو پير پيران.“ سو پاڻ به مڙئي پيا ٿا هلندا رهون ۽ وري اهو به ته اديبن، شاعرن، مفڪرن، دانشورن ۽ فلاسافرن وغيره وانگر ڏکين ۽ نه سمجھه ۾ ايندڙ لفظن تي مشتمل ڪو قصو، ڪهاڻي يا ناول به لکڻ ناهي ايندو پر پوءِ به ڪوشش ڪري سسئي وانگر ڀنڀور کان ڪيچ ۽ مومل وانگر ڪاڪ محل کان امرڪوٽ وارو اوکو سفر ڪرڻ جو عادي به ٿي ويو آهيان. باقي جيئن ڄام کي نوري جي سادگي پسند آئي هئي، هن فقير جي نوڙت به قادر شل قبول ڪري ته جيئن سُهڻي وانگر درياه جي لهرن سان جنگ ڪري ميهار سان وڃي ملان. پر دعا ڪجو ته شل ليلان واري لالچ من ۾ نه اچي ته جيئن ڪونئرو چنيسر کسي نه سگهي ۽ شل ڪو عمر به من اندر ۾ ويٺل مارئي کي جهڪائي ۽ خريد نه ڪري سگهي، ته جيئن مورڙو بڻجي مانگرن سان ويڙهه ڪندي موت جي هنج ۾ هليو وڃان يا وري راءِ ڏياچ وانگر سر ڏئي سرخرو ٿيان، ته جيئن سخا ۽ سخاوت تي ڪو داغ نه اچي ۽ هڪ چمي وارو سوال کڻي محشر جي ميدان ۾ اٿان. پل صراط پار ڪري خدا کي چوان ته اي الله مون سان منهنجي امڙ ملاءِ ته ان جا قدم چمي سوال کي جواب ڏيان. ياد آهي ته آچر ۰۵.۱۲.۲۰۲۱ تي ايڪتا ڊي يا سنڌ جي قومي ڏهاڙي تي مٺي ويو هوس. ان وقت ٿر ملير هوٽل جي پڇا ڪندي وڃي هوٽل تي پهتو هوس. جتي مون کي آزاد اقبال هڱورجو سان فيس بوڪ تي عليڪ سليڪ هئڻ سبب ملاقات ڪرڻي هئي. پر اها به منهنجي خوش نصيبي هئي جو اتي ٿر جي مٺڙي محبوب ۽ مڃيل شاعر عبدالله آس هنڱورجو سان به ملاقات ٿي هئي. پر جيئن ته وقت گهٽ هو ڇو ته مون کي بائيڪ تي اڪيلي سر بدين پهچڻو هو ۽ سردي سبب ڏينهڙا به ته ننڍڙا هئا. ان ڪري ڪچهري مختصر ٿي هئي ۽ ڪجھه ڏينهن بعد آس جو شعري مجموعو ’اکين منجھه آڙنگ به ڇپجي پڌرو ٿيو هو، جنهن جو اهو ڏک اٿم ته اهو ڪتاب هن مهل تائين نه ملي سگهيو. پر وري به دعا ته الله پاڪ آس کي سدا سلامت رکي! آمين.

12 February, 2023

چاچا عزيزالله ڀٽو

چاچا عزيز الله ڀٽو

قومي اڳواڻ

غفار ميرجت



سنڌ کي غلامانه نظام مان نجات ڏيارڻ لاءِ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ ۾ اهڙا سچا، بهادر ۽امن پائيچاري لاءِ جاکوڙيندڙ کوڙ اڳواڻ توڙي ڪارڪن موجود آھن، جن جو پنهنجي ڌرتي سميت سموري دنيا ۾ رهندڙ انسانن لاءِ امن پيار ۽ پنهنجائپ جو مقصد عام ڪرڻ آھي، انهن اڳواڻن مان چاچا عزيزالله ڀٽو به هڪ آهي، جنهن امام بخش ڀٽو جي گهر ۾ ۱/۲/۱۹۵۲ تي ٽلٽي شھر جيڪو اڳي دادو ضلعي ۽ هاڻي ڄامشورو ضلعي ۾ آھي اتي اک کولي ٽلٽي سنڌ جي عظيم شھيد مخدوم بلاول جو به جنم ڀومي آھي، پر ڪجھه سببن جي ڪري چاچا عزيزالله جواني ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو، فيبروري جي ٿڌڙين حوائن ۾ جنم وٺندڙ چاچا عزيزالله ڀٽو طبعيت ۾ به اهو ماٺيڻو آهي پر وطن جي سوال تي هن نفيس انسان جو عشق ۽ جذبات ڏسڻ وٺان هوندو آھي.

مامو عارب ڪيڙانو

مامو عارب ڪيڙانو

مظلوم دوست وڇڙي ويو!

ديال صحرائي



پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جي پاسي ٿي ڳالهائڻ وارو ماڻهو، وطن دوست سياسي ڪارڪنن کي وڻندو آهي، پنهنجو لڳندو آهي، انهي سان جيڪو شعوري رشتو جڙندو آهي، انهي جو ته ڪو جواب ڪونهي! تڏهن ئي ته استاد چيو آهي ته، “باشعور ۽ باضمير ماڻهن جا رشتا رت جي رشتن کان وڌيڪ هوندا آهن!” سنڌ جي مزاحمتي انقلابي ڪاروان جي ماڻهن جي پنهنجائپ، باهمي دوستي، هڪڙي خاندان وانگر گڏجي هلڻ وارو ڪلچر بي پناهه وڻندڙ رهيو آهي! گهر جي ڀاتي وانگر پنهنجي ساٿين کي گڏ کڻي هلڻ، انهن جي براين تي ضروري اصلاحي تنقيد ڪرڻ، انهن جي سُٺاين کي ساراهڻ، پنهنجي رهبر کان پلئه پِيَل ماڻهو تراشڻ واري ڪِرت ڪمال آهي! لطيف سائين جو بيت انهن ئي ڪردارن جي ڄڻ ته وصف ٿو بيان ڪري ته،

رشيده حجاب

رشيده حجاب

عورتن جي مسئلن تي لکندڙ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



رشيده بيگم، “رشيده حجاب” جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي، شڪارپور شهر ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۴۲ع تي سندس جنم نور محمد مغل جي گھر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گاڏي کاتو حيدرآباد جي گرلز اسڪول مان ورتائين. ۱۹۶۲ع ۾ بي ايس سي زبيده گرلس ڪاليج مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۴ع ۾ ايم ايس سي سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ جي مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ۱۹۷۰ع ۾ ڪئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر رشيده پوسٽ ڊاڪٽريٽ نيو جرسي آمريڪا مان ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع (Jute) سڻيءَ جي باري ۾ آهي. کين ۱۹۸۳ع ۾ آمريڪا جي اسڪالرشپ Full Bright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ ۽ آمريڪا ۾ رهڻ جي آڇ ٿي پر پنهنجي گھرو حالتن جي ڪري ٿيسز مڪمل ڪري واپس موٽي آئي. رشيده حجاب جي شادي ۸ جون ۱۹۶۹ع تي انور علي راڄپر (فاريسٽ آفيسر) سان ٿي. کين چار نياڻين جو اولا آهي. جيڪي سڀ اعلى تعليم يافته آهن. پاڻ ڪاليج پرنسپل جي عهدي کان ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي ۲۰۰۲ع ۾ ريٽائر ٿي.