; سنڌي شخصيتون: May 2021

30 May, 2021

ڊاڪٽر نظير شيخ

ڊاڪٽر نظير شيخ

هڪ دور جي شاهدي

بخت جمال شيخ



عيد جي شام آخر دکدائڪ خبر ملي، جنهن جو کٽلو گذريل هفتي کان هر وقت دل ۾ هو. پر پوءِ به خبر بريڪ ٿيڻ سان سڀني ويجهن جون دليون بريڪ ٿي ويون. هو هونءَ ته ڏيڍ سال کان بيماري سامهون بيٺو رهيو ۽ قمبر جي لاهي چاڙهي بازار وانگر لاهيون چاڙهيون لهندي نيٺ چڙهي ويندو هو، پر تازو ڪورونا جي ڪاپاري ڌڪ کيس ڌڪي وڌو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر بشير، جيڪو سندس پرگهور ڪندو هو، سو اسانکي سهسائي سهسائي بري خبر لاءِ تيار ڪندو هو. سندس منع ڪرڻ باوجود مان ۽ منهنجو سوٽ، مجدد شيخ جيڪو سندس ڪلاس فيلو ۽ ننڍپڻ جو ويجهو دوست به آهي، ٻه ٻه ماسڪ پائي نيٺ SIUT هيٺان پهتاسون ۽ سندس جسم کي ايڌي جي ايمبولينس ۾ سخت حفاظتي انتظامن هيٺ منتقل ڪيو پئي ويو، جنهنجي سفيد چادر تي نظير شيخ 131 / COVID19 لکيل هو جيئن کيس سڃاڻي سگهجي. اعتبار ئي نه پئي آيو ته پنهنجون پريشانيون لڪائي سڀني کي کلائيندڙ نظير شيخ خاموش ٿي ويو آهي.

خير محمد کوکر

خير محمد کوکر

سنڌ جو ارڏو ۽ خوددار صحافي

غلام حسين خاصخيلي



مون لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته روزاني عبرت جي ايڊيٽر خير محمد کوکر سان گڏ صحافت ۾ ڪم ڪيو، خير محمد کوکر منھنجي تحقيقاتي رپورٽن کي تمام گھڻو پسند ڪندو هو، هن سان گڏجي مون ڪيترن ئي مشھور سياستدانن، اديبن ۽ شاعرن جا انٽرويو ڪيا، سنڌ جي نامياري سياستدان ممتاز علي ڀٽو جو اسان گڏيل تاريخي انٽرويو حيدرآباد جي سرڪٽ ھائوس ۾ ورتو هو، اھو تاريخي انٽرويو روزاني عبرت ۾ شايع به ٿيو. سنڌ جو مشهور صحافي، روزاني عبرت جو اڳوڻو ايڊيٽر، خير محمد کوکر ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو. هن بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ ڊبل ايم اي ڪيائين.

صحافت جي شروعات ۱۹۵۱ع ۾ روزاني’ڪاروان‘ اخبار کان ڪيائين ۽ اُتي ڪيترا سال نيوز ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه عرصو روزاني ’مهراڻ‘ جي ڪراچيءَ واري آفيس ۾ به نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ان دوران هو ’ڳوٺ سُڌار‘ رسالي لاءِ به لکندو رهيو. هي عبدالغفور سيتائيءَ جي ادارتي هيٺ نڪرندڙ اخبار روزاني ’نواءِ سنڌ‘ جو رپورٽر به رهيو. جڏهن قاضي ڀائرن قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان ۱۹۵۸ع ۾ هفتيوار ’عبرت‘ خريد ڪري، ان کي روزاني ’عبرت‘ ڪري شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد کيس عبرت ۾ وٺي آيو ۽ هي روزاني ’عبرت‘ جو پهريون نيوز ايڊيٽر بڻيو. 

سال ۱۹۶۹ع ۾ شيخ علي محمد جي عبرت اخبار ڇڏي وڃڻ کانپوءِ خير محمد کوکر کي عبرت جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عبرت جوائن ڪرڻ بعد هن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪرڻ سميت مختلف ادارن مان آڇون ٿيون، پر هن عبرت کي نه ڇڏيو، اخبار جي شروع ٿيڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. هن روزاني عبرت کي زندگيءَ جا ۴۸ سال ڏنا. خير محمد کوکر نه رڳو اعليٰ پايي جو ايڊيٽر هو، پر سٺو ليکڪ به هو. هن ڪيترائي مضمون ۽ سفر ناما لکيا، جيڪي روزاني عبرت ۾ شايع ٿيا. سندس لکيل ايڊيٽوريل کي به سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي، جنهن دوران روزاني ’عبرت‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. ايڊيٽر هجڻ باوجود هو اخبار ۾ ڪارڪن وانگر ڪم ڪندو هو. صبح جو سوير آفيس اچڻ کان پوءِ رات جو اخبار ڇپجڻ تائين آفيس ۾ ويٺل رهندو هو ۽ هر شيءَ جي نگراني پاڻ ڪندو هو. 

خير محمد کوکر وڏي صحافي هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي انتهائي سادي نموني گذاري. حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام پٺيان به هن جون وڏيون محنتون ۽ ڪوششون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جي مختلف عهدن تي به رهيو. مارشل لا واري دؤر ۾ جڏهن ميڊيا جا ذريعا سرڪاري عتاب جو شڪار هئا ۽ اخبارن مان خبرون سينسر ڪيون وينديون هيون، ان دؤر ۾ به خير محمد کوکر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سچ تي پردي پوشي نه ڪئي. ڪيترا دٻاءَ پوڻ جي باوجود عوام جي آواز کي پٺي نه ڏنائين. خبرن کان وٺي ايڊيٽوريل تائين هن عبرت کي عوام جي اخبار بڻايو. عبرت سان سندس وابستگي باقي سڀني شين کان وڌيڪ هئي. هو سچو ۽ کرو صحافي هو. خير محمد کوکر سموري ڄمار شادي نه ڪئي ۽ شاديءَ جي حوالي سان پڇجندڙ سوالن جو جواب ڏيندي چوندو هو: “مون صحافت سان شادي ڪري ڇڏي آهي.” سنڌ جو هي ارڏو ۽ خوددار صحافي، ۲۳ مئي ۲۰۰۶ع تي ۷۲ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ آهي، سندس صحافتي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو وينديو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

سنڌ جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخص - ايس اي آر سي جنرل ڊاريڪٽر آف سنڌ

جعفر شاهاڻي


 

تو ڏانهن گهڻو نهارِيان، تارا! تيلاهِين،

سڄڻ جيڏاهِين، تون تڏاهين اُڀرِين. (شاهه)

سنڌ ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا املهه هيرا به آهن، جن جي ڪردار کان هر ماڻهو واقف ناهي پر جڏهن اهڙي ڪنهن شخص سان ماڻهوءَ جي ملاقات ٿيندي آهي ته ماڻهو سندس گهڻ رخي شخصيت جي ايترو ويجهو اچي ويندو آهي جو اوپرائپ جو ڪو تصور ناهي رهندو. توڙي جو اسان وٽ انهي سطح جي ماڻهن کي گهڻي ڀاڱي قدر جي نگاهه سان ناهي ڏٺو ويندو پر پوءِ به اجرن احساسن وارا اهڙا ڪيترائي انسان اسان ۽ اوهان جي نظرن کان اوجهل هوندي به هر وقت عملي جستجو ۾ هوندا آهن، جن جي محنتن تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي.

سڪندر علي مهيري

سڪندر علي مهيري

موچاري منزل جو متلاشي نوجوان

اعظم ڀٽي



مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جو پنڌ ڪڏهن به اجايو نٿو وڃي، جيڪي فرد مقصدن جي حاصلات لاءِ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ وارو سفر طئه ڪن ٿا، تاريخ انهن جي سفر ۾ سڦلتا جا گُل ضرور نِڇاور ڪري ٿي. سڦلتا جا اُهي گُل ئي اُتساهه جو هڪ وڏو وسيلو بڻجي ويندا آهن. جيڪو اُتساهه نه رڳو مقصدن جو معراج نصيب ڪري ٿو پر منزل جي تقدس جي به پروڙ مُيسر ڪري ٿو. ڪي فرد هڪ خاص مقصد کي منزل سمجهي اُتي ئي بيهي رهندا آهن ته ڪي وري پنهنجي منزل جو تعين اڃا به الڳ ۽ منفرد انداز ۾ ڪرڻ چاهيندا آهن، اُهي ئي فرد جاکوڙ جا جبل جهاڳيندا رهندا آهن. جيسيتائين ڪا موچاري منزل سندن وجود کي تسڪين جون بهارون ارپي! جڏهن تسڪين جون بهارون، وجود لاءِ ڪنهن خوشبوءَ جو سُندر پيغام کڻي پهچنديون آهن ته اهي وجود نه رڳو ٻهڪڻ لڳندا آهن پر انهن وجودن ۾ جُستجُو جو جذبو اڃا به وڌيڪ متحرڪ بڻجي ويندو آهي. 

محمد صالح سومرو ابڙاڻي

محمد صالح سومرو ابڙاڻي

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ تعليمي ماهر

مظھر خاصخيلي



ڪالهه اربع جي ڏينهن ۲۶ مئي تي صبح جي وقت ساهتي پرڳڻي سميت سنڌ اندر بهترين استاد، شاعر، اديب ۽ سنڌي ٻولي جو ماهر محمد صالح “ثاقب سومرو ابڙاني” هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، جنهن جي جسماني وڇوڙي تي صرف ساهتي پرڳڻي ۾ نه پر سموري سنڌ اندر سوڳ وارو ماحول آهي. جيئن سندس ٻول آهن جن کي سنڌ جي گهڻن ناليوارن فنڪارن ۽ فنڪارائن پنهنجي، پنهنجي انداز ۽ آواز ۾ ڳايو آهي، جنهن ۾ سندس سادي سٻاجهي طبيعت جو سمورو عڪس سمايل آهي، پاڻ هيئن چيو اٿائين ته:

سڪندر اعظم عباسي

سڪندر اعظم عباسي

ون يونٽ تحريڪ جو گمنام سپاهي

اسلم عباسي



ون يونٽ تحريڪ جي هڪ اهم ڪردار ۽ گمنام سپاهي سڪندر اعظم عباسي جو جنم سيھوڻ شريف ۾ قاضين جي پاڙي ۾ ٿيو، سندس والد محترم جو نالو قاضي ڪريم بخش عباسي هو، جنهن کي اولاد اٺ پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. جن ۾ پاڻ چوٿين نمبر تي وڏو هو، سندس ٻہ وڏا ڀائر غلام حسين ۽ شوڪت علي عباسي گذاري وڃڻ کان پوء پنھنجي سڄي گھر جي دار سنڀال کان علاوھ سوائي پنھنجي وڏي شادي شاھ ڀيڻ جي، باقي ھڪ ڀيڻ ۽ چئن ڀائرن جي ذمہ داري بہ سندس ڪنھن تي اچي ويئي جيڪا مرڻ گھڙي تائين نباھيندو رھيو۔

ڊاڪٽر عابد مظهر شاھ

ڊاڪٽر عابد مظهر شاھ

صاحب خان



محترم ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه صاحب جن جو اصل نالو محمد عابد شاھ آهي سندن جو ادبي نالو عابد مظهر آهي. سائينءَ جن جو جنم ڳوٺ باجارا ضلعو دادو (هاڻوڪو ڄام شورو) جي ادبي گھراڻي ۾ ٿيو. سائينءَ جن جو والد صاحب محترم سيد مظهر سيوهاڻي پڻ سنڌي غزل جو بهترين شاعر هو. ڊاڪٽر صاحب جن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ باجارا مان ئي حاصل ڪئي. سائينءَ ميٽرڪ طالب المولا هاءِ اسڪول دادو مان ۽ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪئي. بي اي جي ڊگري سچل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي (سنڌي) جي ڊگري حاصل ڪئي. محترم ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه صاحب جن ڊاڪٽر آف فلاسفي (پي ايڇ ڊي) جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.

زاهد مخدوم

زاهد مخدوم

هڪ ديو مالائي شخصيت

زرار پيرزادو



¨ سنڌ پنهنجن جن بيحد ذهين ۽ عالمي سطح تي صلاحيتن کي مڃائيندڙ فرزندن تي جابجا ناز ڪري سگهي ٿي تن مان زاهد مخدوم به هڪ آهي.

¨ اڄوڪي تاريخ تي ڊڀري جي مخدوم گهراڻي ۾ سال ۱۹۵۴ع ۾ پيدا ٿيل هي پنهنجي دور جو هڪ اهڙو ارڏو، باغي ۽ ديومالائي ڪردار آهي جن کان حڪومتون ۽ رياستون به ڊڄنديون آهن، ڇاڪاڻ ته هي اهي عظيم ڪردار آهن جن هميشه حق ۽ سچ ڳالهايو آهي ۽ جيڪي پنهنجي ذات ۾ سراپا انقلاب هوندا آهن، اهو ئي سندن وڏو جرم رهيو آهي.

ميان گل محمد ڪلھوڙو

گل محمد ڪلھوڙو

اينٽي ڪلائمڪس جو وڇوڙو!

سنگتراش صحرائي



مٽي ۽ محبوب سان پيار جو امتزاج ميان گل محمد ڪلهوڙو ڪهاڻيون ڳوليندي خود سوڳوار ڪهاڻي بڻجي ويو آهي. اهڙي اداس ۽ ويڳاڻپ واري دور ۾ ڪوئي مڙني مايوسن کي ٿڏي اتساهه جو ذريعو بڻجي ته اهو لازوال ڪردار بڻجي وڃي ٿو. اهڙو لازوال ڪردار ئي جڏهن سوڳواري ڏئي وڃي ته زندگيءَ جا سڀ رنگ مرجهائجي وڃن ٿا، هڪڙي پوري ٽهي کي ويڳاڻو ڪري ڇڏي ٿو. هو بهترين ڪهاڻيڪار هو، جنهن ٻهراڙي جي زندگي، غُربت، مُفلسي ۽ عام ماڻهو جي ڀوڳنائن کي ڪهاڻين جي ڪينواس تي چِٽي ڇرڪ ڇڏايا. هن ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻي سنڌ جو عڪس چِٽيندي اهو احساس ڏياريو ته ادب جو سماجي ڪارج ڪهڙو ٿيندو آهي.  هوُ جيڪو پهرين اينٽي ڪلائمڪس کي مڪمل ڪري پوءِ ڪهاڻي کي پورو ڪندو هو. پر هن جي زندگي جي ڪهاڻي اڌوري رهجي وئي ۽ هوُ اينٽي ڪلائمڪس ڳوليندي الائجي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڪلائمڪس اڌ ۾ ڇڏي، سڀئي ماجرائون پاڻ تائين محدود ڪري هُن پار هليو ويو.

ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ

ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ

مسيحائي ڪردار وڇوڙي جو وڍ ڏئي ويو!

اعظم ڀٽي



سنڌ جو مسيحائي ڪردار ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ هميشه جي لاءِ وڇوڙي جو وڍ ڏئي، راهه رباني ڏانهن روانو ٿي ويو. ٽنڊو محمد خان جي تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙيون شخصيتون آهن، جن جو هڪ ئي وقت سياسي، سماجي، علمي، ادبي، ثقافتي، صحافتي ۽ انسان دوستيءَ وارو ڪردار اتساهه جو سبب رهيو هجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سماجن ۾ انساني فطرت جي لحاظ کان فردن توڙي شخصيتن سان ذاتي توڙي نظرياتي اختلاف رکندڙ جو هڪ منفرد حلقو به ضرور موجود هوندو آهي، جن اختلافن جي موسم ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جي کوڙ سارن پهلوئن تي نظراندازي توڙي ويسر جي دز چڙهي ويندي آهي. ائين ئي ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي شخصيت به انهن روين جي زد ۾ آيل رهي. منهنجي ڄاڻ موجب سياست جي آويءَ مان جيڪي سياسي ورڪر پچي، پختا ٿي، سياسي اُڀار حاصل ڪري، ذاتي توڙي سماجي مجبورين سبب مختلف شعبن تائين ڦهلجي ويا، ڦري گهري، وقت جي ورن وڪڙن مان نڪري اهي فرد ڏاڍا ڪميٽيڊ به ثابت ٿيا. تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته ٽنڊو محمد خان ۾ جتي پيپلز پارٽيءَ جي بانيڪارن جي هڪ الڳ، منفرد ۽ پوشيده تاريخ آهي، اُتي ان جي ذيلي تنظيم سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) سان به ڪي ساڳيون حقيقتون قدر مشترڪ رهيون آهن. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ به پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو بڻيل اهو ئي فرد هو، جيڪو ٽنڊو محمد خان ۾ سپاف جو بانيڪار ۽ پهريون آرگنائيزر رهيو پر هُو کوڙ سارين مثبت روايتن جو پڻ بانيڪار رهيو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ۱۲ فيبروري ۱۹۵۶ع تي ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ خان محمد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سموري شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم دوران هن شاگرد يونين ۽ سپاف جي پليٽ فارم تان متحرڪ ڪردار ادا ڪندي، ڪيترين ئي سياسي، سماجي، ثقافتي، علمي، اصلاحي ۽ سرگرمين جون روايتون قائم ڪيون. انٽر بعد هو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخل ٿيو. تعليم جي حصول دوران ڦليلي جي ڪپ تي جنهن بنگلي ۾ سندن علم جي جوت ٻري ۽ نکري پئي، اُهو بنگلو ته اڄ اهڙين سرگرمين لاءِ ويرانين جي ور چڙهيل آهي پر ڦليلي جي ڪپ سان سندس ناتو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به قائم رهيو، جنهن ناتي کي اڌ صديءَ جي لڳ ڀڳ جو وقت گذري ويو. ڦليلي جي ڪناري تي قائم ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو به ته سرگرمين جي لحاظ کان توڙي مقصدن جي سچائيءَ ۽ پروفيشنلزم سان اهو رعبدار رويو باقي ناهي رهيو. جتي ڊاڪٽر نثار ميمڻ صحافتي زندگيءَ جا به ڏهاڙا گُذاريا. توڙي جو ڦليلي جي انهيءَ ڪپ تي سندس اکين جي مرض متعلق قائم ڪلينڪ انسانيت جي خدمت جو فريضو ادا ڪندي رهي، موجوده وقت ۾ ته علمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي سرگرميون، جيڪي ڦليلي جي ڪپ ۽ پريس ڪلب جي ڪشادي اڱڻ لاءِ ڄڻ ته اوپريون بڻجي ويون آهن. بهرحال ڊاڪٽر نثار ميمڻ پنهنجي شعور جي شروعاتي سفر ۾ مثبت اصلاحي سياسي سرگرمين بعد صحافتي سفر ۾ روزاني عبرت ۽ آفتاب اخبار جي صفحن تي پنهنجي پورهيي جي جيڪا ڇاپ ڇڏي، اڄ جو نسل ان ڇاپ کان بلڪل ناآشنا بڻيل آهي، ڊاڪٽر نثار ميمڻ جي زندگيءَ جا کوڙ سارا لڪل پهلو آهن، جن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪڏهن وقت ڪڍي ان جي به اُپٽار ڪبي. موجوده هلندڙ دور ۾ سندس ذات انساني خدمتن جو اعلي' نمونو بڻيل رهي، جنهن سلسلي ۾ صحت جي سرگرمين جي حوالي سان هُو اکين جو نُور ورهائڻ لاءِ سڄي سنڌ جهاڳيندو رهيو. پوءِ اُهو لاڙ هجي يا ڪاڇو، ڪوهستان هجي يا ٿر، سموري سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون قائم ڪري انساني خدمت جا فرض سرانجام ڏنائين. سندس اهو تحرڪ مسلسل رهيو پر ۲۰۱۶ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ بعد ان تحرڪ ۾ ويتر واڌارو آيو، هُو ڪُل وقتي سماجي ورڪر بڻجي اکين جي مفت ڪئمپن قائم ڪرڻ جي علامت بڻجي ويو. ۲۰۱۹ع ۾ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ هُن انهن ڪئمپن جي قيام جي شاندار گولڊن جُوبلي به ملهائي، جيڪا تقريب ٽنڊو محمد خان جي يادگار تقريبن مان هڪ هئي ۽ ان موقعي تي پنجاهه ڪئمپن جي مناسبت سان تاريخي سووينيئر به پڌرو ڪيائين. هُن عملي زندگيءَ ۾ خُدائي خدمتگار بڻجي پرينءَ جي پاڇي جهڙي ساري سنڌ ۾ ۸۹۴ اکين جي مفت ڪئمپن ۾ ۱۱۳۸۴۲ مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ۽ لکين مريضن جا مفت ۾ معائنا ڪري سندن علاج ڪيو. انهن ڪئمپن توڙي ان سان سلهاڙيل سرگرمين ۾ بهرو وٺندڙن کي هُن پاڻ به وڏي مڃتا ڏني. هُن ميڊيڪل آفيسر طور جيڪو سفر شروع ڪيو هو، اهو سفر هڪ سرجن تائين اچي پهتو، جنهن دوران هو سنڌ جي مختلف اسپتالن سان گڏوگڏ ٽنڊو محمد خان تعلقه اسپتال جو ايم ايس به رهيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر به رهيو. انهن سرڪاري عهدن کي ڇڏي ڪري هن لاتعداد فورمن تي خاص طور مسيحائي شعبي جي حوالي سان اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. عالمي وبا ڪورونا جي دوران سندس ادا ڪيل ڪردار ڪيترين ئي اکين لاءِ ڪنڊو به بڻيل رهيو. ان عرصي ۾ ھُن جيڪو ڪجهه ڀوڳيو، ان جو ڪنهن قدر آئون اکين ڏٺو شاهد به آهيان، ڪيتري ئي لفظي ۽ عملي تيراندازي باوجود هُن مايوسيءَ جي مم کي پنهنجا گوڏا چٽڻ نه ڏنا ۽ هو مسلسل سفر ۾ رهيو. ان سفر ۾ ڪورونا جي وبا مجموعي طور ٽنڊو محمد خان ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان سندس خاندان کي ئي ڏنو. سندس ڀائرن، سئوٽن کان ويندي سندس گهرواريءَ به ۲۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کانئس وڇڙي وئي، جنهن جو آخري ديدار به کيس نصيب نه ٿيو. اڄ هُو خود به ڪورونا جي ان وبا خلاف جهيڙيندي جهيڙيندي راهه رباني ڏانهن روانو ٿي ويو. شال سندس زندگيءَ جو سمورو سفر هڪ منفرد تاريخ جو پرتوو بڻجي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ ٽنڊو محمد خان ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي سفر جو ساٿي رهيو. بعد ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو صدر ٿيو، بعد ۾ حياتي جي آخري وقت تائين پي ايم اي سنڌ جو اهم عهديدار رهيو. هُو علمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ هر ڌُر جو ڀرجهلو رهيو، اهو ئي سبب آهي جو مسيحائي شعبي کان علاوه به سندس شخصيت جا ٻيا به کوڙ گُوناگُون پهلو قدرِ لائق ۽ فخر لائق رهيا. تنهنڪري کيس گهڻ رُخي انداز ۾ پرکڻ، پروڙڻ، ڏسڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪو وقت هاڻي اسانجي نئين ٽهيءَ لاءِ شديد سوچن ۽ عملن جو گهُرجائو آهي. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ۱۶ شوال ۱۴۴۲ هجري مطابق ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع بروز جمعي تي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو، جيڪو لمحو نه رڳو ٽنڊو محمد خان پر پوري سنڌ لاءِ صدين جي سوڳ جهڙو ڪارو باب آهي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ جي وڇوڙي سان صحت جو هڪ اهم شعبو ۽ ان سان سلهاڙيل لکين غريب، مسڪين بي سهارا اکين جا مريض يتيم بڻجي ويا آهن، پر آئون سمجهان ٿو سماجي ورڪرن، اهلِ علم ۽ ساڃاهه وند طبقي جي هڪ وڏي اڪثريت به ڄڻ لاوارث بڻجي وئي آهي. سندس تدفين وقت ٽنڊي محمد خان جي “مولو ميمڻ جي قبرستان” ۾ مدفون مُردن جي رُوحن جي ته خبر ناهي ڇا حالت هوندي پر ڪاري رات جي پاڇن ۾ ان قبرستان جي اردگرد لُڙڪن جي برسات کي شايد ڪو به روڪي نه سگهي! هُن کي الاءِ ته ڇو دل مرحوم لکڻ تي به آماده نٿي ٿئي. ڇو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، ادارا جڏهن موڪلائيندا آهن ته سُلجهيل معاشرن ۾ ماتم برپا ٿي ويندو آهي. ان ماتم کي ماٺو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ، پنهنجي مشن جي تڪميل لاءِ پونئرن ۾ پنهنجا پُٽ نويد نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نديم ميمڻ، انجنير نعيم ميمڻ، انسپيڪٽر نسيم ميمڻ، انجنيئر ناظم ميمڻ، انجنيئر نبيل ميمڻ ڇڏيا آهن، جن جي ڪُلهن تي تاريخ وڏي ذميداري عائد ڪري ڇڏي آهي. شال صبر جي دامن کي مضبوطي سان پڪڙي ڊاڪٽر جا اهي پونيئر ۽ وارث پنهنجي والد جي نالي کي تادم روشن رکي سگهن. آمين. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



اڳوڻو ڊي ايڇ او نثار ميمڻ ڪورونا سبب فوت

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)

ٽنڊو محمد خان جو اڳوڻو ڊي ايڇ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جي آپريشن جو ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪرونا وائرس سبب فوت. سندس اوچتي وڇوڙي تي پي ايم اي پاران ۳ ڏينهن سوڳ جو اعلان.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ اڳوڻو ڊي ايڇ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جي آپريشن جو ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ ڪرونا وائرس سبب حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. هُو هڪ هفتي کان حيدرآباد ۾ ڪرونا سبب انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ داخل هو ۽ کيس وينٽيليشن تي رکيو ويو هو، جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

هن سڄي سنڌ ۾ هزارين بي نور ماڻهن جي اکين جا آپريشن مفت ڪيا ۽ مفت ڪئمپون قائم ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. سندس مڙھ کي حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان پهچايو ويو. جنهن کانپوءِ رات دير سان سندس ابائي قبرستان مولو جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويئي. سندس جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي مذهبي، ادبي، علمي، صحافتي، ڊاڪٽرن، وڪيلن توڙي شهر جي اهم شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ اڳوڻي ڊي ايڇ او صحت ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي ڪرونا سبب وفات تي پي ايم اي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ شاگردي دور ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) سان به لاڳاپيل رهيو، هن ۲۰۱۹ع ۾ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ مفت ڪئمپن جي قيام جي شاندار گولڊن جوبلي تقريب به ملهائي, جيڪا تقريب ٽنڊو محمد خان جي يادگار تقريبن مان هڪ هئي ۽ ان موقعي پنجاهه ڪئمپن جي مناسبت سان تاريخي سووينيئر به پڌرو ڪيائين,  ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪرونا وائرس جي بچاءُ لاءِ پڻ سرگرم رهيو، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ سندس پٽن نويد نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نديم ميمڻ، انجنيئر نعيم ميمڻ، انسپيڪٽر نسيم ميمڻ، انجنيئر ناظم ميمڻ، انجنيئر نبيل ميمڻ ۽ ٻين سان وڇايل تڏي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



نور ورهائيندڙ مسيحا جو موت!!

فيض کوسو

منهنجي، ٽيھ سال کن اڳ، جڏهن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن به هو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳائي ماڻهن ۾ نور پيو ورهائيندو هو. هن مون کي به قائل ڪيو ته آئون به پنهنجي ڳوٺ ۾ اکين جون ڪئمپون لڳرايان ته جيئن غريب ماڻهن جي اکين جو مفت علاج ۽ آپريشن ٿي سگهي. سندس چوڻ تي مون پنهنجي ڳوٺ ۾ لاڳيتيون ۸ ڪئمپون لڳرايون هيون ۽ اسان کي رڳو انهن ڪئمپن ۾ مريضن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو.

جڏهن ته آپريشن کان ويندي لينسز ۽ دوائن تائين جو سمورو خرچ ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ پاڻ ۽ سندس دوست برداشت ڪندا هئا. آپريشن کانپوءِ جڏهن مريضن جي اکين تان پٽيون لهنديون هيون ۽ ماڻهن جي اکين ۾ نور ٻيهر موٽي ايندو هو تڏهن انهن جي دل مان نڪرندڙ دعائن جي ڪري ئي شايد اڄ به ڪا مصيبت ويجهو نٿي اچي. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جو تعلق ٽنڊو محمد خان سان هو. هو حيدرآباد جي اکين جي اسپتال کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي سرڪاري اسپتالن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر طور پنهنجون خدمتون انجام ڏئي چڪو هو.

هن ڪئمپن جي شروعات پنهنجي شهر کان ڪئي ۽ هر سال اتي ڪئمپ لڳرائيندو رهندو هو. سندس صدر واري خانگي ڪلينڪ به غريب مريضن لاءِ ڪئمپ جهڙي هوندي هئي. دوستن لاءِ ته سندس اها ڪلينڪ اوطاق جهڙي هئي جو جڏهن به اتي سندس دوست ويندا هئا ته هر طرح جي خدمت چاڪري ڪري پوءِ منجهائن هٿ ڪڍندو هو. هو ڳچ عرصو ٽنڊي محمد خان جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر به رهيو ۽ ڊي ايڇ او مقرري دوران به هن ڪئمپن مان هٿ نه ڪڍيو.

سنڌ ۾ شايد ئي اکين جي علاج جو ڪو اهڙو ڊاڪٽر هجي جنهن ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جيان ڪارونجهر کان وٺي دادو ۽ ٽنڊي محمد خان کان وٺي عمرڪوٽ تائين ڪئمپون لڳايون هجن. سندس دوستيءَ جي ڪري منهنجي ٻين شعبن جي ڊاڪٽرن سان به گهري دوستي ٿي وئي جن ۾ اسان جو پيارو دوست پروفيسر ڊاڪٽر مظفر علي شيخ، ٻارڙن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي ۽ طوطن پيءُ يعني ڊاڪٽر عزيز ٽالپر شامل آهن.

آئون ۽ ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي سائين نثار ميمڻ کي سڏيندا ئي “گرو” هئاسين. هو سچ پچ هو به گرو. دوست جڏهن کانئس ڪاوڙبا هئا ته هو دڙڪا داٻا ۽ پيار ڏئي کين مڃائي وٺندو هو. هن جو حيدرآباد وارو گهر به مهمان خاني جيان هو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي گهرواري جيڪا پڻ 5 ڏينهن اڳ انتقال ڪري وئي آهي سا اڪيلي سر سندس دوستن جي پنهنجي ڀائرن جيان پئي خدمت چاڪري ڪندي هئي.

ٻئي زال مڙس ايترا ته نيڪ ۽ نفيس هئا جو کين ڏسندي ئي ماڻهو کي مٿن پيار اچي ويندو هو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ رڳو مريضن ۾ نور ئي نه ورهايو پر هن پنهنجي دوستن ۽ احبابن ۾ محبتون به ورهايون. اڄ جڏهن سندس انتقال کانپوءِ مون ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي کي فون ڪئي ته هن آهه ڀريندي چيو ته ادا ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي تعزيت اسان هڪٻئي سان ئي ڪري سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي مٽن مائٽن جيان اسان جو به رڳو دوست نه پر ويجهو مائٽ هو ان ڪري جتي اها تعزيت سندس پونيئرن سان ڪري سگهجي ٿي اتي اسان پاڻ به هڪٻئي سان تعزيت ڪري سگهون ٿا.

ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ هڪ اڻ ورچ انسان هو. هو پابندي سان پنهنجي سرڪاري نوڪري سان گڏ اهڙي ئي پابندي سان هر سال مختلف هنڌن تي ڪئمپون ڪندو هو ۽ راتين جو راتيون جاڳي ماڻهن جي اکين جا آپريشن پيو ڪندو هو. صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿي سندس پڇبو هو ته پتو پوندو هو ته هو رات ئي واپس هليو ويو ۽ صبح جو هشاش بشاش ماڻهن جيان پنهنجي سرڪاري نوڪري تي موجود هوندو هو. هن کي سياست جو به گهڻو شوق هوندو هو. گهڻو ڪري هو پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ سرگرم رهيو.

تازو ئي هو صوبائي سطح تي پي ايم اي جي نئين باڊي جو عهديدار ٿيو هو. هو روزي نماز جو انتهائي پابند انسان هو. گردن ۾ تڪليف جي باوجود هن رمضان المبارڪ جا سمورا روزا رکيا. عيد کانپوءِ سندس طبعيت خراب ٿي وئي ۽ نيٺ هن جمعي جي صبح جو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جهڙا مسيحا صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ٽنڊي محمد خان جي مٽيءَ کي سرخ سلام هجي جنهن اهڙو مسيحا پيدا ڪيو جيڪو ڪڏهن به ورچي نه ويٺو ۽ سدائين کاهوڙين جيان پنڌ ۾ رهيو. چوندا آهن ته نيڪ ماڻهن جا روح سدائين آسودا ۽ خوشحال رهندا آهن سو مون کي يقين آهي ته جسماني طور اسان سڀني دوستن کان هميشه لاءِ موڪلائڻ بعد به ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جو نيڪ روح سدائين خوشحال ۽ آسودو رهندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به مرڻا نه آهن ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو انسانن لاءِ جيئن ٿا سي موت پڄاڻان به سدائين ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندا آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

کيمچند شرما

کيمچند شرما

سنڌي ٻولي جي خدمتگار جو ديهانت - ڏۡور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

اعظم ڀٽي



ڏۡور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا جي مثل اڃا سنڌي ٻولي جي خدمتگارن مخمور مهيري، انعام ٽکڙائي، بشير منگي، ڊاڪٽر نظير شيخ، گل محمد ڪلهوڙي، ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي وڇوڙي جا وڍ تازا ئي آهن، اهو سڪتو اڃا سانت ۾ ئي نه آيو ته وري اوچتو ئي اوچتو سنڌي ٻولي جو هڪ ٻيو خادم، علمي ۽ ادبي سرمايو، نثري نظمن جو بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪوهستان پبليڪيشن جو باني کيمچند شرما دل جي دوري پوڻ ڪري ديهانت ڪري ويو، مٿيان سمورا درد سندس جيءۡ جهوريندڙ هئا، پر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي وڇوڙي کيس وڏي سڪتي ۾ آڻي وڌو هو، موناليزا جي پُراسرار مُرڪ جهڙو ڏيک ڏيندڙ کيمچند شرما ڏاڍو ڪۡومائجي پيو هو، ڇاڪاڻ جو لڳ ڀڳ اڌ صديءّ جي شناسائي سندس لاء وڏو شور بڻجي پئي هئي، جنهن شناسائيءّ ۾ مۡرڪ به هۡئي ته لۡڙڪ به هئا، ڀاڪر به هئا ته ٽهڪن جا پڙاڏا به هئا، خوشين جا جهميلا به هئا ته تعزيتن جا لمحا به هئا، انهن سمورين يادن سندس دل جي ڌڙڪي کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو اها دل نيٺ بيهجي وئي، اسانجي سماج ۾ ڪِن علائقن تي شخصيتن جي ته وري ڪِن شخصيتن تي علائقن جي ڇاپ جو تصور اڃا تائين ماٺار ۾ مُنهن لِڪائي نه سگهيو آهي، ان جي باوجود به ڪي اهڙا وجود آهن جيڪي “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار” يا “سارين سنڌ پرينءَ جو پاڇو” جهڙن سِٽن جي هُوبهُو شڪل لڳندا آهن، ان کان هٽي ڪري ڪي فرد اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي سپنن کي سيءُ کان بچائڻ لاءِ ڪنهن نظريي جو اُڌارو ڪمبل وٺڻ کي مهڻو سمجهندي، پنهنجي راهه جو تعين پاڻ ئي ڪندا آهن، پوءِ ڇو نه انهن لاءِ هي ڪائنات سوڙهي ٿي وڃي پر اهي انسانيت جي اوچي ڳاٽ خاطر بس هلندا رهندا آهن، هلندا ئي رهندا آهن، سائين کيمچند شرما ڪوهستان ۾ جنم ورتو، ڪراچي جا لڪ لتاڙي لاڙ جي ٽنڊي محمد خان واري علائقي سان اچي لنئون لڳايو، هۡو ڪوهستان مان پنهنجي وجود جي جيڪا خوشبوءَ کڻي نِڪتو هو، ان خوشبوءَ لاڙ کي واسي ڇڏيو، هُن وٽ  قيد جي تصور لاء نفرت ۽ ڌڪار موجود هو، تڏهن ته هُن جا خيال آزاد فضائن ۾ اهڙي اُڏام تي پهتل هئا، جتي پهچڻ جو تصور به هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه ناهي هوندو، اهو آزاد خيال کيمچند شرما ۱ آگسٽ ۱۹۵۳ع تي ڳوٺ مول شريف ضلعي ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو جهمٽ رام شرما هو. بي اي تائين تعليم حاصل ڪيائين،  ڪراچي ۾ ۵ سال لينگئيج ٽيچر ٿي رهيو، ٽنڊو محمد خان جي ڏاڏون واري علائقي سان سندس ناتو ۳۵ سالن جي پاڪائي جهڙو رهيو هو، هو ٽنڊو محمد خان  شهر جي پير محلا بعد ۾ ٽالپر ڪالوني ۽ زندگيءّ جي آخري لمحن وقت گلشن فيض ڪالوني ۾ رهائش پذير هو. ۱۹۸۷ع ڌاري محبوب پاران بيرُخي جي بازار ۾ ڪاهي پوڻ سبب شاعري جي ڪنوار سان اکيون اڙائي،  علم عروض جي اکين تي خيالن جي پَٽي ٻَڌي،  دل کي سُڪون ارپڻ خاطر نثري شاعري شروع ڪيائين. پوءِ آهسته آهسته شاعري جي ڪتابن جي مطالعي جو شوق سان دل ۽ دماغ کي ڌوئي، شاعري ڏانهن تِکيون وِکون کڻڻ لڳو، انهن وِکن ۾ ڪڏهن تيزي به رهي ته ڪڏهن وري آشتي جي آسمان ۾ اکيون وجهي، سوچن جا ڍيرا ٺاهي، ذهن جي خاني ۾ گڏ به ڪندو رهيو، نثري شاعري سان گڏ مختصر ڪهاڻيون به سرجيائين. “اداره ڪوهستان پبليڪيشن” جو اڪيلي سر بنياد وجهي، پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پبليڪيشن جو آغاز ڪيائين ۽ پنهنجي اندر جي وڻندڙ ويچارن کي پنهنجي پبليڪيشن جي منفرد رنگن ۾ ڇاپي پنهنجي دردن کي بِنا معاوضي جي وڪرو به ڪيائين. ڪوهستان مئگزين جو ايڊيٽر به پاڻ رهيو، حال جي هنج ۾، ماضي جي مامرن کي بلڪل دل تان ڌوئي صاف ڪرڻ جا جتن به ڪندو رهيو. ڀلي کڻي کيس ڪو اديب نه به وڻندو هجي، ڀلي کڻي هن ڪنهن اديب جي تصنيف جو مڪمل مطالعو نه ڪيو هجي، پر گُرو رجنيش جون تصنيفون کيس اوجاڳا ڪرڻ تي مجبور ضرور ڪنديون هۡيون. اُستاد بخاري سندس دل جي دفتر تي هميشه براجمان رهيو. هو هميشه چوندو هو ته “مان ڏات کان وانجهيل ۽ ڏانءُ سان واسيل اديب آهيان،” پر بقول شيخ اياز جي ته؛

ڊاڪٽر عبدالمجيد قريشي

ڊاڪٽر عبدالمجيد قريشي

منهنجي زندگي جي پهريون سپر هيرو

آصف رضا موريو



سائين عبدالمجيد قريشي جو جنم ۲۵ اپريل ۱۹۴۴ع ڌاري سيوهڻ ويجهو واقع شهر بختيارپور ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي. بعد ازان ريڊيالوجي ۾ ڊي ايم آر ڊي پڻ ڪيائون. جڏهن مان امبر ايڪسري تي نوڪري ڪندو هيس ته پاڻ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل ۾ ريڊيالوجي ڊيپارٽمنٽ ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنت طورڪم ڪري رهيا هيا. ڪالهه ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي صبح جو پنهنجي سنگتي عبدالجبار ڪنڀر جو موبائيل تي آيل ايس ايم ايس ته “سائين عبدالمجيد قريشي جن انتقال فرمائي ويا”، هنياءُ جهوري وڌو.