; سنڌي شخصيتون: نسيم کرل - نصير اعجاز

22 November, 2014

نسيم کرل - نصير اعجاز

نسيم کرل
سنڌ جي وڏيري ڪلاس جو پھريون ليکڪ
نصير اعجاز
مرحوم طارق اشرف اُڻويھه سئو چوھتر ۾ جڏھن سُھڻي رسالي جو خاص نسيم کرل نمبر ڇاپيو ته اُن ۾ مٿس لکندڙ اڪثر اديبن کيس وڏيري جي لفظ سان ياد ڪيو. عبدالقادر جوڻيجي کيس “وڏيرو نسيم کرل” ڪوٺيو، ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ليک جو عنوان ھو “وڏيرو، وڏيري جي نظر ۾”، پير حسام الدين راشدي، جنھن جي پنھنجي زمينداري به ھئي، تنھن نسيم کرل جي والد ۽ چاچي سان ويجھن دوستاڻن لاڳاپن جي حوالي سان لکيو. جڏھن ته مرحوم تنوير عباسيءَ نسيم کرل کي “وڏيري ڪلاس جوپھريون ليکڪ” ھئڻ جو خطاب ڏنو. نسيم کرل وڏيرو ھو، کيس زمينداري ته ورثي ۾ مليل ھئي پر ادب به سندس ميراث ھو جو سندس والد حاجي عبدالڪريم کرل به شاعر ھو ته چاچو عبدالرحيم ادب ۽ صحافت سان واڳيل رھڻ کانپوءِ خيرپور رياست جو سرڪاري وڪيل ۽ پوءِ اُتان جي ھاءِڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو. بس فرق رُڳو اھو ھيو ته نسيم کرل بي اي، ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ ڪا نوڪري يا وڪالت ڪرڻ بدران زمينداري سنڀالي جو کيس  نوڪريءَ جي گھرج به ڪانه ھئي ۽ ٻيو ته پيءُ جي وڏي پُٽ ھئڻ سبب اُن جي وفات تي زمينداري سنڀالڻ جي ذميداري به مٿس ھئي.


اُڻٽيھين جُون اُڻويھه سئو اُڻيتاليھه تي جنم وٺندڙ نسيم کرل جي اندر جو اديب ڪاليج واري زماني کان جاڳيل ھوجڏھن اُڻويھه سئو اٺونجاھه ۽ اُڻھٺ ۾ سنڌ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪاليج مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو. ھو ڪاليج جي ڪلچرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر به ھو ته اُڻويھه سئو پنجونجاھ ۾ خيرپور اسٽيٽ اسٽوڊنٽس يونين جو صدر به رھيو ۽ آل پاڪستان سطح تي مباحثن ۾ به حصو وٺندو رھيو. نسيم کرل اُڻويھه سئو اُڻھٺ ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ اُڻويھه سئو ٽيھتر ۾ ايل ايل بي ڪيائين پر ان وچ ۾ ھُو سنڌي ادبي سنگت خيرپور جو سيڪريٽري، ھفتيوار اخبار جاويد جو ايڊيٽر، خيرپور فٽبال ائسوسيئيشن جو صدر ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن جو ميمبر به رھيو.
سنڌ جا ڪيترائي اديب جيستائين نسيم کرل سان ڪونه مليا ھئا، تيستائين سندس ڪھاڻيون پڙھي کيس ڇوڪري سمجھندا رھيا، پر جڏھن ساڻس مليا ته مٿس “ ٿُلھو۽ بيڊولو” جھڙن لفظن سان تبصرا ڪرڻ لڳا. پر ان ٿُلھي ۽ بيڊولي شخص اندر ھڪ اھڙو فنڪار لڪل ھو جنھن نه رُڳو نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙھڻ دوران آرٽسٽ گروپ جي سرگرمين ۾ حصو ورتو پر سموري زندگي ادب ۾ فنڪاريءَ جا جوھر ڏيکاريندو رھيو.
نسيم کرل اُڻويھه سئو ڇاونجاھه جي نومبر کان ڪھاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي جڏھن سندس پھرين ترجمو ڪيل ڪھاڻي “مھمان” نئين زندگي رسالي ۾ ڇپي. ھن ڪل ڇٽيھه ڪھاڻيون لکيون جن مان ڪجھه ترجمو ٿيل ڪھاڻين سميت اُڻويھه ڪھاڻيون نئين زندگي رسالي ۾، ٽي ڪھاڻيون روح رھاڻ رسالي ۾، ٻه ڪھاڻيون ٽماھي مھراڻ رسالي ۾، ٻه ڪھاڻيون ماھوار رسالي سوجھرو ۾ ۽ ڏھه ڪھاڻيون سُھڻي رسالي ۾ ڇپيون. سندس ڪجھه مشھور ڪھاڻيون سُھڻي رسالي ۾ ٻيھر به شائع ڪيون ويون ھيون. ڪھاڻين کانسواءِ نسيم کرل ھڪ خاڪو، ھڪ ڪالم ۽ اٺ مضمون به لکيا جيڪي ڪاليج جي مئگزين، نئين زندگي رسالي، سُھڻي، روح رھاڻ ۽ ھفتيوار اخبار جاويد ۾ ڇپيا. سندس ڪھاڻين جا مجموعا “شبنم شبنم، ڪنول ڪنول” ۽ “اکيون آرسيون” به سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڇپيا.
وڏيرو ھجڻ جي باوجود نسيم کرل وڏيرن جي ڪرتوتن تي به لکيو. سندس انھيءَ خاصيت کي ڏسي نجم عباسيءَ “وڏيرو، وڏيري جي نظر ۾” مضمون لکيو. زماني جي گردش، گٽس، ڪچو رنگ ۽ اھڙين ٻين ڪھاڻين ۾ نسيم کرل وڏيرن جي ھڪٻئي سان ريس ۾ تباھي، عياشيءَ جي چڪر ۾ غير سنڌي ڇوڪرين سان پرڻجڻ ۽ تباھه ٿيڻ، ڪامورن جي چاپلوسي ڪرڻ ۽ اھڙن ٻين موضوعن تي لکيو پر ساڳئي وقت زرعي زمينن لاءِ پاڻيءَ جي مسئلي تي پنجابي ڪامورن ھٿان سنڌي وڏيري جي خواري ۽ نتيجي ۾ لاھور جي ھوٽل ۾ پيرسن پنجابي طوائف سان رات گذاري پنھنجي دل کي تسلي ڏيڻ جي موضوع تي ڪھاڻي “آٿت” لکي ڄڻ ته وڏيرن جي دل جي ڳالھه ڪري ورتي. نسيم کرل جون کوڙ ڪھاڻيون مشھور ٿيون پر ٻن ڪھاڻين “ڪافر” ۽ “چوٽيھون در” جا حوالا اڄ به ڏنا وڃن ٿا. ڪھاڻي “ڪافر” ھڪ اوڏ تي لکيل آھي، جيڪوزال سميت مسلمان ٿئي ٿو ۽ سندس نالوسيتل مان مٽائي عبدالله رکيو وڃي ٿو. سندس اوڏ برادري سخت ڪاوڙيل اٿس پر ڳوٺ جو مُلان ۽ ٻيا جماعتي ڏاڍا خوش آھن. اھا خوشي گھڻا ڏينھن ڪانه ھلي سگھي جو سندن ذھنيت جلد ظاھر ٿي وئي ۽ ھُو عبدالله مان وري سيتل ٿي پنھنجي برادريءَ ۾ واپس ھليو ويوجڏھن اوڏ برادريءَ جي مُکيءَ جي سوال ڪرڻ تي ڳوٺ جو چڱو مڙس چوي ٿو ته عبدالله (سيتل) مري پيو ته سندس بيواهه سان ھو شادي ڪندا، پر عبدالله جي زال مرڻ تي کيس سڱ ڏيڻ جي سوال تي ھُو تپي باھه ٿي وڃي ٿوڄڻ ڪنھن سندس غيرت کي للڪاريو ھجي. اھو ردعمل ڏسي عبدالله نمازون ڇڏي ڏاڙھي ڪُوڙائي وري سيتل ٿي وڃي ٿو. ڪھاڻي ڳوٺ جي مُلان جي ان ڊائلاگ تي ختم ٿئي ٿي ته: ڪافر نيٺ ڪافر آ.
“چوٽيھون در” ڪھاڻي پوليس جي روايتي حرامپائين بابت نسيم کرل جي مشاھدن جو اظھار آھي. ھيءَ ڪھاڻي ھڪ لاش جي حوالي سان آھي جيڪو لُڙھندو اچي بئراج جي چوٽيھين در ۾ اٽڪي ٿو ۽ بئراج جي ٻنھي پاسن واري پوليس ان ڳالھه تي اٽڪي پوي ٿي ته چوٽيھون در سندن حد ۾ نٿو اچي تنھنڪري اھو ڪيس سندن ذميواري ناھي.
نسيم کرل سنڌ جي ڪچي واري علائقي جو ھجڻ ڪري ٺيٺ سنڌي لفظ  ۽ مُحاورا نه رُڳو ڄاڻندو ھو پر پنھنجي ڪھاڻين ۾ انھن جو استعمال به ڪندو ھو. رسول بخش پليجي سندس ان خاصيت کي ساراھيندي سُھڻي رسالي ۾ لکيو:  “عوام روزمره جي گفتگوءَ ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آڻي ٿو، اھائي ٻولي اصل ھوندي آھي. اھو ئي ڪنھن قوم جو قيمتي ورثو آھي، خاص ڪري انھن قومن جو جن جي اڪثريت اڻ پڙھيل آھي ۽ جن جي ڳالھايل ٻولي اڃا لکجڻ مس شروع ٿي آھي. سنڌي ٻوليءَ جا نوي سيڪڙو مُحاورا اڃا اڻ لکيل آھن. اھي مُحاورا ھزارين سالن جي قومي تخليق آھن ۽ صدين کانپوءِ گھڙجي سنوارجي معنيٰ ۽ مطلب سان سينگارجي چُڪا آھن پر اسان اديبن جي وڏي اڪثريت انھن کان قطعي ناواقف آھي. نسيم کرل انھن آڱرين تي ڳڻجڻ جھڙن اديبن مان ھڪ آھي جيڪي سنڌي عوام جي محاورن جا ڪجھه نه ڪجھه واقف آھن ۽ ان کي ادب ۾ استعمال ڪري ڄاڻن. نسيم نه رُڳو ڪافي سنڌي مُحاورا ڄاڻي ۽ استعمال ڪري ٿو پر پنھنجي ڪھاڻين ۾ انھن کي بنيادي حيثيت ڏئي ٿو، ثانوي نه، جيئن ٻيا ڪن ٿا.”
وڏيرو ھئڻ باوجود نسيم کرل وٽ ادب بابت ھڪ واضح سوچ ھئي جيڪا کيس قدامت پسند ۽ تنگ نظر يا روايتي وڏيرن جي طبقي مان کڻي روشن خيال قوتن جي صف ۾ آڻي بيھاري ٿي. سُھڻي رسالي ۾ ڇپيل سندس انٽرويوءَ ۾ ھُو چوي ٿو: “ادب انسان جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جڏھن ته سياست معاشري ۽ انھيءَ ۾ رھندڙ فردن جي حڪومت ھلائڻ کي چئجي. انساني زندگيءَ ۾ ٿيندڙ واقعا، حادثا يا ٻين ڳالھين لاءِ ڪھاڻي وڌيڪ مناسب آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سياست مناسب ناھي. سياست لاءِ الڳ پليٽفارم آھي.” سندس اھو به چوڻ ھو ته اديب کي ان رسالي لاءِ لکڻ گھرجي جنھن جي نظرئي سان ماڻھو متفق ھجي. طارق اشرف جي ھڪ سوال تي نسيم کرل چيو: “جيڪو ماڻھو گھڻو لکي ٿو، پئسي لاءِ لکي ٿو، ان جو ڪو نظريو نٿو رھي.”
امير حمزي جھڙن پُراڻن قصن کي ھُو ادب براءِ ادب سڏي ٿو ڇو ته اُھي فرضي قصا ھئا جن جو مقصد تفريح يا چسڪو وٺڻ ھو. “ادب براءِ زندگي موجودھه ادب آھي، جنھن ۾ انسان جي زندگيءَ جي باري ۾ لکيو وڃي ٿو،” ھُو چوي ٿو. نسيم کرل سنڌي ڪھاڻين کي ادب براءِ زندگي سڏي ٿو ڇو ته ان ۾ سنڌ جي عوام جي زندگيءَ ۾ روزانو ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن کي پيش ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪھاڻين جا پلاٽ به فرضي نه بلڪه حقيقي واقعن تي ٻڌل ھوندا ھئا، جيئن ڪھاڻي چوٽيھون در سکر بئراج جي ڪنھن در ۾ ڦاٿل لاش جي واقعي تي لکيل ھئي.
نسيم کرل سان منھنجون ڪجھه ملاقاتون ھيون ۽ اھي سڀ حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ مرحوم طارق اشرف جي سُھڻي رسالي جي آفيس ۾ ئي ٿيون ھيون.  اھو اُڻويھه سئو ستر واري ڏھاڪي جو اوائلي دور ھو. نسيم کرل ناليوارو ڪھاڻيڪار ھو ۽ ادب جي دنيا ۾ اڃا مون پير ئي مس پاتو ھو. وڏو ڪڙانگ مُڙس پري کان ئي ڏسڻ ۾ وڏيرو لڳندو ھو. تعارف کانسواءِ ڪير به نه چئي سگھندو ته ھُو ڪو اديب آھي. تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ کرل مان حيدرآباد يا ڪراچيءَ ايندي ويندي طارق اشرف جي ننڍڙي ڪوٺيءَ جھڙي آفيس ۾ اچي ڪجھه دير ڊاڙو ٺڪاءُ ھڻڻ سندس معمول ھو. ڪوٺيءَ ٻاھران جيپ اچي بيھي ته سمجھي وڃبو ھو ته نسيم کرل پھچي ويو آھي. سدائين کل ڀوڳ ڪرڻ ۽ ٽھڪن ڏيڻ وارو شخص ھو. ساڻس ٻه ملاقاتون مونکي اڄ تائين ياد آھن. ھڪ ڀيري ھو گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ ڳوٺان ڀڄي آيو ھو. طارق اشرف کي ٻڌايائين ته پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيڻ تي سندس خلاف ڊفينس آف پاڪستان رُولس (ڊي پي آر) تحت گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آھن تنھنڪري ھو روپوش ٿيڻ آيو آھي. ھُو اھو قصو به ايئن ٻڌائي رھيو ھو ڄڻ ڪو لطيفو ٻڌائيندو ھجي. سندس منھن تي ڪا پريشاني ڪانه ھئي.
ٻي يادگار ملاقات به ڏاڍي دلچسپ ھئي. طارق اشرف جي ننڍڙي ڪوٺيءَ واري آفيس ۾ ھڪ سادو ۽ پُراڻو صوفا پيل ھوندو ھو جنھن جا اسپرنگ به ٻاھر نڪتا بيٺا ھوندا ھئا. صوفا جي سائيز به ايتري ھئي جو مشڪل سان ٻه سنھا ماڻھو ويھي سگھن. نسيم کرل جھڙو ماڻھو ويھي ته ٻئي کي اُٿي بيھڻو پوي. ھڪ ڏينھن نسيم کرل اچي لٿو ۽ صوفا تي ويھندي ئي سُک جو ڊگھو ساھه کڻي چيائين: “ھن صوفا تي ويھندي ئي سُڪون ملي ويو.” طارق کي ٻُڌايائين: “منھنجي زال پڪنڪ جو پروگرام ٺاھيو ھو. پُڇيومانس ته پڪنڪ لاءِ ڪاٿي ھلبو. چيائين ته ڪوٽڏيجي واري قلعي ھلنداسين ۽ پوءِ ريسٽ ھائوس ۾ ويھبو. مون پُڇيومانس اُتي ڇا ھوندو؟ وراڻيائين ته ويھڻ لاءِ صوفا سيٽ ۽ ٻيون سھولتون. مون وري پُڇيو ته ڇا اُتي پُراڻا ڇڳل صوفا ھوندا جن جا اسپرنگ به نڪتل ھجن؟ حيران ٿي چيائين ته نه. مون ٺپ انڪار ڪندي چيوته پوءِ ھرگز نه ھلندس ڇو ته جيستائين مونکي ڦاٽل صوفا جا ٻاھر نڪتل اسپرنگ ھيٺان نه لڳندا، ايستائين مزو نه ايندو، ۽ اھي اسپرنگ رُڳو طارق اشرف جي صوفا ۾ ئي آھن، تنھنڪري مان حيدرآباد ويندس. ايئن زال جي پروگرام کي رد ڪري مان ھتي آيو آھيان ۽ ھتي ويھڻ شرط سُڪون ملي ويو آھي.” سندس ان ڳالھه تي اسان ڪافي دير ٽھڪ ڏيندا رھياسين.
نسيم کرل جي گھرواري سندس سڳي سئوٽ ھئي جو ھُو پنھنجي چاچي چيف جسٽس عبدالرحيم وٽان پرڻيو ھو. کيس ڇھه ٻار ھئا جن ۾ پنج نياڻيون ۽ ھڪ پُٽ فيصل داراشڪوھه آھن. سندس وڏي نياڻي فريال نريمان سُھڻي رسالي ۾ لکي ٿي: “بابا جي طبيعت نرالي آھي. ٻين پيئرن وانگر نه گھڻي ٽھه ٽھه ڪري نه وري دڙڪا ڏئي. ھُو اسانجي ھر خواھش کي پاڻ سمجھي ويندو آھي ۽ انھن کي پورو ڪندو آھي. اسان سڀ ساڻس پيار ڪندا آھيون پر بابا وڌيڪ پيارو آھي راڄ جي ماڻھن کي، جيڪي سندس وچ ۾ پوڻ جي ڪري وڏي ۾ وڏا جھيڙا وساري کير کنڊ ٿي ويندا آھن.”
نسيم کرل جي سادي طبيعت بابت ھُوءَ لکي ٿي: “بابا جي ڄاڻ سڃاڻ وڏن ماڻھن سان به آھي، پر سندس دوستي سادن سُودن اديبن سان ئي آھي ۽ ھُو انھن سان ئي وڌيڪ اُٿندو ويھندو آھي. ھُو جڏھن به خيرپور ايندا آھن ته بابا انھن کي ڏسي ايئن خوش ٿيندو آھي جيئن گھر ۾ ڪنھن پاڻ کان وڏي حيثيت جي ماڻھوءَ کي ڏسي خوشي ٿئي.”
ڪتابن سان چاھه بابت سندس نياڻي ٻُڌائي ٿي: “ڪراچي يا لاھور مان موٽندي بابا جون بئگون ڪتابن سان ڀريل ھونديون ھيون. اسان لاءِ به سُٺا ڪتاب وٺي ايندو ھو. رات جو ڪيترو به دير سان موٽي پر ٻه ڪلاڪ ضرور پڙھندو ھو.” ھُو ٻين کي ڪتابن ڏيڻ جو ڪنجُوس ھو ۽ جيڪڏھن ڪنھن کي ڪتاب ڏيڻو پئجي ويس ته مُوڊ خراب ٿي ويندو ھئس.
نسيم کرل جي نفاست ۽ ذوق جو ھر ماڻھو قائل ھو. فريال لکي ٿي ته ڪنھن به شھر ۾ ويندو ته ڪراڪريءَ جا دُڪان ضرور گھمندو ۽ بھترين ڪراڪري خريد ڪندو. سندس دوستن به اھا ڳالھه نوٽ ڪئي ته ھُو چانھه به انتھائي خوبصورت ۽ نفيس ڪوپن ۾ پيئندو ھو.
اھڙي خوبصورت طبيعت جي انسان کي پنجٽيھه ورھيه اڳ ڪن دشمنن چوڏھين جولاءِ اُڻويھه سئو اٺھتر جي رات اُن وقت قتل ڪري سنڌ کي ھڪ روشن خيال ليکڪ کان محروم ڪري ڇڏيو جڏھن ھُو پنھنجي ٻنين واري بنگلي تي سُتل ھو.

نسيم کرل جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس باقي چئن ڀائرن فھيم احمد کرل، تسنيم احمد کرل، سليم احمد کرل ۽ نعيم احمد کرل مان ٻن ڄڻن سليم ۽ نعيم سان واسطو رھيو. سليم سان ته تمام گھڻي ويجھڙائپ ھئي جو ھُو ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل جو شاگرد ھو ۽ مرحوم نسيم کرل جي ورسيءَ تي اسان مضمونن ڇپرائڻ جو خاص انتظام ڪندا ھئاسين. سليم کرل جي شاگرديءَ واري زماني ۾ مان ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ ھوندو ھئس. سليم اڳتي ھلي وڏو ڊاڪٽر ٿيو پر ڪراچيءَ ۾ گذريل سال قاتلن کيس به ڪونه بخشيو. مرحوم ڊاڪٽر سليم کرل ۾ به سندس وڏي ڀاءُ نسيم کرل جھڙيون خوبيون ھيون. وڏائي اصل ڪانه، چرچائي، يارن جو يار، دوستن سان محفلون مچائڻ وارو. نسيم کرل ۽ سليم کرل پنھنجي انھن گُڻن جي ڪري سدائين اسان جي دلين ۾ زندھه رھندا.

No comments:

راءِ ڏيندا