06 October, 2014
سليم چنا
آپا مريم نوحاڻي - عطيه علي ٻرڙو
مير عنايت ٽالپر- سرفراز وسطڙو
ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو
ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو
استحصالي طبقن خلاف جهيڙيندڙ شخص
خدا بخش جويو
سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي.
پروفيسر عبدالمجيد - هيمون ڪالاڻي
ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي - گلاب پيرزادو
انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح
ڏاڏا شاهه جيلاني - الطاف اثيم
05 October, 2014
استاد امير علي خان - ناصر قاضي
ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي
انور حسين وسطڙو - ناصر قاضي
عنايت بلوچ
عنايت بلوچ
هڪڙو سهڻو ماڻهو - ساروڻين ۾ تـُنهنجو عڪس
زيب سنڌي
عنايت بلوچ سان منهنجو پهريون تعارف سندس هڪ
نظم وسيلي ٿيو هو. تڏهن اڃان مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. لکندو به ڪهاڻيون هئس
ته پڙهندو به ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيو نثر هئس، باقي شاعري مونکي سمجهه ۾ اچڻ بدران منهنجي
مٿي تان گذري هلي ويندي هئي. انڪري ڪو به رسالو پڙهندي مان شاعري جا صفحا بنا پڙهڻ
جي فقط سرسري طور تي ڏسي ورقَ اٿلائي ڇڏيندو هئس. ائين ئي ۱۹۷۵ع ۾ ماهوار ”سوجهرو“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپيل شاعري
جا ورقَ پئي ورايم جو عنايت بلوچ جي هڪ نظم تي نظر بيهي رهي. اهو نظم پڙهيم ته نه فقط
ڏاڍو وڻيو، پر انهيءَ نظم جون ٻه سٽون، منهنجي شاعريءَ کان ڪورِي دل جي ڪاغذ تي لکجي
ويون.




