; سنڌي شخصيتون

06 October, 2014

سليم چنا

سليم چنا
مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، ۵ اپريل ۱۹۵۴ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سال ۱۹۷۹ع ۾ بي اي ڪئي ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ، ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس ۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ سميت مختلف ڪورس به ڪيا.

آپا مريم نوحاڻي - عطيه علي ٻرڙو

آپا مريم نوحاڻي
فخر سنڌ
عطيه علي ٻرڙو
انسانيت هزارين ورهيه پهرين پهاڙن کان انهن جي بُلندي، آبشارن کان انهن جو ترنم ۽ مکڙين جي معصوميت، گلن کان انهن جو تبسم، فرشتن کان انهن جو نور ۽ پوءِ رب ذوالجلال جي قدرت کي جڏهن يڪجا ڪيو ته ان مان جنهن خوبصورت رشتي جنم ورتو. اهو هو ”امڙ“ يعني ماءُ جو رشتو. اهڙي عظيم نياڻي سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ اهڙي مان واري ماءُ جي باري ۾ مان ڇا؟ اوهان دوستن کي ٻڌايان جيڪا علم ۾ ڏاهپ ۾ سمجهه فڪر ۾ جيڪا عالم، اديبه، تاريخدان، مفڪر، سٺي صلاحڪار، ممتاز تعليمي تدريسي ماهر محترمه اُمه الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي آهي، جيڪا اسان ڪم عقل ۽ ناسمجهه جهيڙن لاءِ هڪ مڪمل درسگاهه آهي.

مير عنايت ٽالپر- سرفراز وسطڙو

مير عنايت ٽالپر
سندس وڇوڙو ۽ ٽنڊومحمدخان جي سياست
سرفراز وسطڙو

ٽنڊو محمد خان، سياسي سماجي ۽ مذهبي حوالي سان هڪ اهم شهر جي حيثيت رکي ٿو، جتي هر سياسي جماعت، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، ق ليگ، قومپرست جماعتن سميت آزاد حيثيت ۾ وڏيون شخصيتون موجود رهيون آهن، انهن شخصيتن ۾ ٽالپر خاندان پڻ وڏي اهميت رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته مير اعجاز ٽالپر جو خاندان سياسي حوالي سان هر سياسي مذهبي ۽ قومپرست جماعتن جي نظر ۾ وڏي اهميت ۽ عزت رکي ٿو، مير اعجاز ٽالپر جو فرزند مير عنايت ٽالپر ٽنڊي محمد خان جي سياست ۾ هڪ وڏو نالو ٿي اڀريو جيڪو ضلعي ناظم رهڻ سان گڏوگڏ هر سياسي جماعت لاءِ قابل احترام شخصيت طور سامهون آيو، ضلعي ناظمي دوران ان ٽنڊو محمد خان ۾ جيترا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ هر ضرورتمند جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، انهي ڪردار جو ئي نتيجو آهي ته جڏهن سندس سنگاپور ۾ ڪينسر جي مرض ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ٽنڊو محمد خان واسين کي پهتو ته پهريون ڀيرو ٽنڊو محمد خان ۾ اهڙي شخصيت جي لاڏاڻي تي سندس مخالف جماعت پ پ پ طرفان به ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سندس مڙهه وطن پهچڻ کان پوءِ تدفين وارين رسمن ۾ هر سياسي، سماجي، مذهبي جماعت جا اهڙا ماڻهو به نظر آيا، جيڪي سياسي حوالي سان سندن ضرور مخالف هئا پر تڏي تي مير عنايت ٽالپر جي وڇوڙي تي اهو چوندي ٻڌا ويا ته ٽنڊو محمد خان جو همدرد ٽنڊي محمد خان کي اڪيلو ڪري ويو، ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر خاندان سان حيدرآباد جي قاضي خاندان جو هڪ ويجھو تعلق رهيو، ائين جيئن قاضي عبدالمجيد عابد (مرحوم) جو مير اعجاز ٽالپر سان ڀائرن وارو تعلق رهيو، ائين مير عنايت ٽالپر جو عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سربراهه قاضي اسد عابد سان پڻ ڀاءَ جهڙا تعلقات رهيا، مون کي ياد آهي ته جڏهن به مان مير عنايت ٽالپر سان سندس ضلعي ناظمي واري دور ۾ ٽنڊو محمد خان ملاقات لاءِ ويندو هئس ته هو ملاقات وقت پهرين پڇا ڪندو هو ته ڀاءُ قاضي اسد عابد جا ڪهڙا حال آهن، ائين جئين مير مراد ٽالپر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد (مرحوم) پنهنجي ڀائيپي واري دوستي ۾ هلندا هئا، ائين قاضي عبدالمجيد عابد ۽ مير اعجاز ٽالپر جا تعلقات ڀائراڻا رهيا، جيئن مير عنايت ٽالپر ۽ قاضي اسد عابد پاڻ کي ڀائر سمجھندا هئا، تئين مير مراد ٽالپر جو فرزند مير راجا ٽالپر ۽ قاضي اسد عابد پڻ ڀائپي جو رشتو برقرار رکندا آيا، مير عنايت ٽالپر جي لاڏاڻي تي ٽنڊو محمد خان اڄ به سوڳوار بڻيل آهي، سندس ٽيجھي جون رسمون پوريون ٿي وڃڻ کان پوءِ به اڃا ٽنڊو محمد خان جا رهواسي يقين نه پيا ڪن ته ڪو مير عنايت ٽالپر جيڪو ٽنڊو محمد خان واسين جي لاءِ هڪ خيرخواهه ۽ معتبر شخصيت هو، ٽنڊو محمد خان واسين کي اڪيلو ڪري ويو آهي، سندس وڇوڙي تي نه صرف پنهنجي خاندان پر سياسي مخالفن جي تبصرن مان ظاهر ٿيو ته هو هر ٽنڊو محمد خان واسي جي ڀلائي ۽ ٽنڊو محمد خان شهر جي ترقي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري ويو، اهو ڪردار ڪنهن کان به وسري نٿو سگهي، سندس ضلعي ناظمي واري دور ۾ تمام ويجھو رهندڙ هڪ آفيسر منير ڀٽي جو چوڻ آهي ته پنجن سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ هو ساڻس گڏ رهندي محسوس ڪري ٿو ته مير عنايت ٽالپر جهڙا ماڻهو تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن، ۽ پنجن سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ هن ساڻس ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته هن ڪنهن کي به رنجايو نه. هر ڪنهن کي عزت ۽ احترام جو درجو ڏيندي، هر ڪم ۾ دلچسپي ڏيکاري، ماڻهن کي خوش رکيو. منير ڀٽي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مير عنايت ٽالپر کي ڪڏهن به هن ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو، باقي هڪ خوبي انهن ۾ اها ضرور هئي ته هو جنهن ڪم کي اڪلائڻ چاهيندا هئا ته ان ۾ ڀلي کين ڪيترو به نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ جنهن ڪم کي نه ڪرڻو هوندو هو ته هو ان وقت سندس گهر جو ڀاتي ڇو نه هجي صاف ۽ واضح جواب ڏئي ڇڏيندو هو ته هو اهو ڪم نٿو ڪري سگهي، مير عنايت ٽالپر هڪ اهڙي موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿيو، ان بابت سندس گهرڀاتين سميت ڪنهن کي به خبر نه هئي پر ڊاڪٽرن کان تپاس ڪرائڻ وقت عيد کان ڪجھ ڏينهن پهريان خبر پئي ته کيس اها بيماري وڪوڙي چڪي آهي، جنهن جي علاج جي لاءِ هو سنگاپور ويو ۽ سنگاپور ۾ ئي علاج دوران هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو، اڄ ٽنڊو محمد خان جو هر ماڻهو کيس ان ڪري ياد ڪري ٿو ته هن پنج سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ٽنڊو محمد خان جي شهرين ۽ ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ وسان ڪين گهٽايو، سندس تدفين وارين رسمن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا سياسي حوالي سان سندن مخالف جماعت رهي، جا ذميوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر وزير ۽ پارٽي اڳواڻ شريڪ ٿيڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته مير عنايت ٽالپر پنهنجو جيڪو اخلاق ۽ احترام وارو رشتو برقرار رکيو، ان جو سلو کيس ملي ويو آهي.

ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو

ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو

استحصالي طبقن خلاف جهيڙيندڙ شخص

خدا بخش جويو



سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. 

پروفيسر عبدالمجيد - هيمون ڪالاڻي

پروفيسر عبدالمجيد
سندس سڦل حياتيءَ جي ۶۰ هين بهار
هيمون ڪالاڻي
لاکيڻي لطيف ’هرڻ هَماءُ‘ ٿي سسئيءَ کي پنهونءَ جو پنڌ ووڙيندي، جيڪا سسئيءَ جي پنڌ جي تصوير ڪشي پنهنجي سر سسئي آبريءَ ۾ ڪئي آهي. ان ’جستجو لاتقنطو‘ جا مثال سنڌ جي معاشري ۾ ڳولڻ سان اڄ به ڪيترا ملندا، جن سنسار ۾ سرگردان گذاري پنهنجي حياتيءَ جي ورقن ۾ زندگيءَ جا اهڙا سبق سمويا هوندا، جيڪر انهن جي ڦرهيءَ کي اچاري گيان وٺڻ ويهجي ته هوند اسرندڙ ٽَهين کي اڪابر ڪري وجهجي. جتي شخصيتن جي ڀيد ڀاوَ مان ناموس نڪري وڃي ۽ وڏا بت ڪاغذي شينهن نڪرن ته اتي بهتر ۽ پيشي سان مخلص ماڻهن توڙي پنهنجي ذات ۽ ڏڏن کي سخن ور ڪندڙ ڪردارن کي ڳولهي ڦلهوري دنيا سان روشناس ڪرائڻ ڪٺن ڪم ضرور آهي، پر جن ماڻڪ ميڙيا، پريت ۽ ريت جي پت رکي، سماج جو سونهون ٿي جوان اکين تي بينائيءَ جو چشمو چاڙهي، اونداهين ذهنن ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪري شعور جون ڪيتريون ئي لاٽون روشن ڪيو ن، انهن جو پورهيو سڦلتا جي پنڌ تي مڃتا ضرور ماڻي ٿو. مرشد لطيف به چيو آهي ته:

ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي - گلاب پيرزادو

ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي
هڪ بهادر هاري اڳواڻ
گلاب پيرزادو
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن. انهن جي سموري شعوري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ پنهنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ لڳاتار جاکوڙ جي علامت هوندي آهي. ڪامريڊ چاچا اسماعيل قريشي به هڪ اهڙي ڪردار جو مالڪ هئو. هُو خير پور ضلعي جي شهر سڳيون جي ڀرسان قريشي ڳوٺ ۾ ڄائو نپنو. هوش سنڀاليائين ته ويجهو ئي راڻيپور واري پيرن جي شهرت، نيڪ نامي ۽ دٻدٻو ڏٺائين. روايت موجب پاڻ به ان گاديءَ جو پهريان فقير ۽ پوءِ خليفو بڻيو. ڪيترن ئي سالن تائين هُن جو ڪم راڻيپور جي پيرن جي لاءِ سندن مريدن خادمن کان ڏَنُ وصول ڪري درگاهه تي پهچائڻ هوندو هئو. پوءِ جڏهن ۱۹۸۳ ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ پئي هلي ۽ قيادت پاران جيل ڀريو تحريڪ جي حڪمت عملي جوڙي وئي ته چاچو به جيل ۾ وڃڻ لاءِ رضاڪار طور اڳيان آيو. گرفتاريءَ کان پوءِ کيس سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي پهريون ڀيرو سندس ملاقات ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن سان ٿي جيڪي پڻ ان ساڳي ارادي ۽ مقصد سان اڳي ئي قيد هئا. اتي پيپلز پارٽيءَ جا هاڻوڪا ڪجهه وڏا اڳواڻ به باندي هئا جن ۾ نثار کهڙو، بابل جکراڻي، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪامريڊ ڄام ساقي جيل ۾ انهن ساٿين جو اسٽڊي سرڪل وٺندو هئو. ان کان علاوه ساڳي جيل جي جنرل وارڊ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن جو هڪ ٻيو اسٽڊي سرڪل پڻ هلندو هئو جنهن ۾ چاچي اسماعيل کي به ويهڻ جو موقعو مليو. جنهن کان پوءِ اها ئي ڪار ٿي جنهن کي ڀٽائي پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين، تڏهانڪر تِرَ جيترو، وير نه وسريام. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح

انور حسين وسطڙو
ثقافت کاتي سنڌ کان وسري ويل فنڪار
ساجد علي ملاح/نوابشاهه

موسيقيءَ جي دنيا ۾ استاد منظور علي خان هڪ وڏو نالو آهي، استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن مان انور حسين وسطڙي به موسيقيءَ جي دنيا ۾ پنهنجي استاد وانگر پاڻ مڃرايو آهي، جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان استاد منظور علي خان، انور حسين وسطڙو، محمد يوسف، وحيد علي، فيروزگل، عابده پروين ۽ رونا ليليٰ جا ڪلام هلندا هئا، ته ماڻهو گهڙيال جو وقت ڏسي ريڊيو جي ويجهو ٿي اهي ڪلام ٻڌندا هئا، گهرن، اوطاقن ۽ دڪانن، هوٽلن تي انهن فنڪارن کي وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌو ويندو هو. ڪلاسيڪل ۽ فوڪ موسيقيءَ ۾ انور حسين وسطڙو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، استاد منظور علي خان جي وفات کانپوءِ جڏهن ڪلاسيڪل فوڪ موسيقيءَ ۾ اسان کي اونداهي نظر اچي رهي هئي، تڏهن هن مٺڙي آواز جي مالڪ انور حسين وسطڙي موسيقيءَ کي بچايو، انور حسين وسطڙي جي ڪلامن مان ڪجهه ڪلام جيئن، ”منهنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ“ ”ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو مون کي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو وغيره تمام گهڻا مقبول ٿيا، بزرگ، جوان، توڙي عورتون به انهن ڪلامن کي فرمائش طور ريڊيو تي انور حسين وسطڙي جي آواز کي پسند ڪنديون هيون ۽ وڏي شوق سان ڪيسٽ تي پڻ هن سنڌ  جي ڪلاسيڪل راڳيءَ کي ٻڌو ويندو هو، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان زندگيءَ ۾ انهن شخصيتن جو قدر نه ڪندا آهيون پر انهن جي حياتيءَ کانپوءِ وڏا وڏا بيان، سيمينار ۽ سندن ياد ۾ تقريبون ڪوٺائيندا آهيون، پر حياتي ۾ ڪڏهن به انهن ڪردارن کي ياد نه ڪيو ويندو آهي، ته اسان جا فنڪار ڪهڙي حال ۾ آهن، انهن جو گذر سفر هن مهانگائيءَ جي دور ۾ ڪيئن ٿئي ٿو، اگر اسان جي هنن فنڪارن کي ڪا بيماري ٿئي ٿي ته ثقافت کاتو هنن فنڪارن جي علاج ڪرائڻ لاءِ به تيار نه آهي، هِي راڳي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهي ٿو، هن هيڏي وڏي ڪردار کي سنڌ ثقافت کاتو، ڪو به وظيفو ڏيڻ لاءِ  تيار نه آهي، انور حسين وسطڙو فالج ۽ دل جي بيماريءَ سبب بستري تي پيل رهيو پر سرڪار طرفان سندن ڪا به سار نه لڌي وئي آهي، ثقافت کاتي سان بار بار رابطو ڪرڻ  جي باوجود سنڌ جي هن ڪلاڪار کي ثقافت کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو، مون جڏهن ساڻس ملاقات ڪئي، ته هن جي اکڙين مان بي اختيار لڙڪ وهي رهيا هئا، ۽ پوءِ جڏهن بيماريءَ ۽ غريبيءَ واري حالت ۾ به پنهنجو مشهور ڪلام ”حال منهنجا ڪير پڇندو ڪير آ، منهنجو هتي“، جهونگاري رهيو هو، انور حسين وسطڙي جي اها حالت ڏسي مون کي سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي، ضلعي نوابشاهه جي چونڊيل نمائندن جي رويي تي انتهائي حيرت ٿي ته اسان جا حڪمران سنڌ جي ثقافت بچائڻ، اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا، تقريرون ڪن ٿا، پر سنڌ جي ثقافت کي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ ڪلاڪارن جي سار نٿي لڌي وڃي. اسان جا حڪمران اخبارن ۾ سَکڻا سياسي بيان ڏين ٿا پر سنڌ جي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي بچائڻ ۽ انهيءَ سفر کي جاري رکڻ لاءِ انور حسين وسطڙي جهڙن ڪردارن جي سهائتا ڪرڻي پوندي.

ڏاڏا شاهه جيلاني - الطاف اثيم

ڏاڏا شاهه جيلاني
هڪ جهان ديده سڌو ماڻهو
الطاف اثيم
هونئن ته ضلعي خيرپور جي آس پاس سوين مير مهندار، پير پڳدار توڙي سگهارا سردار سڪونت پذير هئا، مگر مون پنهنجي سانڀر ۾ جنهن سپوت جو نالو سخن جي سچائي، اصولن خاطر ارڏائي ۽ عدل خاطر بيباڪي ۽ بي ڊپائيءَ جي نشانيءَ طور پنهنجي ارد گرد ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ سوني سڪي جيان جرڪندو ڏٺو، سو هو سڀ ڪنهن کي پنهنجن ڳڻن سان ڳنهي وٺندڙ سهڻو سائين اميد علي شاهه عرف ”ڏاڏا شاهه جيلاني“. هو سکر جي مشهور جيلاني ساداتن مان هو ۽ جوانيءَ ۾ ئي اچي خيرپور جا وڻ وسايا هئائين. ممڪن آهي ته نئون نسل کيس گهٽ سڃاڻندو هجي ۽ ڪن ته مورڳو سندس نالو ئي اڄ پڙهيو هجي، تنهن لاءِ مانائتي اديب مرحوم علي احمد بروهيءَ لکيو هو ته، ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪٿي ڪٿي پري کان کيس ڏسڻ جو موقعو ملندو هو ته هو انهن خالص ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن لاءِ ماڻهو آڱريون کڻي چئي سگهن ته اجهو اهو جوان ڏاڏا شاهه آهي. سائين ڏاڏا شاهه هڪ ملاقات دوران مون کي پنهنجي باري ۾ هي فارسي شعر لکرايو هو:
ني عارف آگاهم، ني زاهد درگاهم
گر راست همي پرسي، درسم، به ڪتابِ اندر.
(يعني: مان نه عارف بالا آهيان، نه زاهد درگاهه آهيان، جي سچ پڇين ٿو ته فقط مان زندگيءَ جي ڪتاب جو ڄاڻو آهيان.)

05 October, 2014

استاد امير علي خان - ناصر قاضي

استاد امير علي خان
ناصر قاضي

ڏاتيار ڏيهه جي اهڙن ڏات ڌڻين ۾ استاد امير علي خان جو صدورو نالو پڻ ملي ٿو، جنهن ساز کي سيني لائڻ سان گڏوگڏ قلم کي به پنهنجي قلب ۾ جوڳي جاءِ ڏيندي ڪلا کي قلم سان همڪنار ڪري ڏيکايو. استاد امير علي خان جو تعلق ‘ماڙيچا گھراڻي’ سان آهي، جنهن گھراڻي بابت اوائلي احوال هن ريت ملي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ راجسٿان رياست جي مڱڻيارن جي 24 ڳوٺن مان ‘ماڙ’ نالي هڪ علائقو ايامن کان آباد هو، جنهن جي نسبت سان هيءُ گھراڻو ‘ماڙيچا گھراڻو’ سڏجي ٿو. موسيقيءَ جي فن سان وابسته ٻين گھراڻن سان گڏ ماڙيچا گھراڻي جون به پوري ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي ميدان ۾ سگھاريون خدمتون سرانجام ڏنل آهن. اڳتي هلي هن گھراڻي جو عظيم گائيڪ ۽ موسيقار استاد سومار خان پنهنجي پياري ڀائيٽي ۽ شاگرد خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان سان گڏجي ورهاڱي کان اڳ ئي 1911ع ڌاري هميشه لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ پهريان سانگھڙ ۽ بعد ۾ حيدرآباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين، اهڙيءَ طرح سنڌ جو هيءُ اصلوڪو سنڌي موسيقار گھراڻو هميشه لاءِ سنڌ جي نالي سان سڃاڻجڻ لڳو.

ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي

ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي
سدائين سارڻ جهڙو سياڻو ماڻهو
ورسي (28 جولاءِ 2013ع) جي نسبت سان
مٺل جسڪاڻي
سمجهه، ساڃاهه، سياڻپ، ڏاهپ ۽ ڏانءُ مروج تعليم جو محتاج نه آهن، جيڪڏهن عام اسڪولي تعليم ضروري هجي ها، ته موجوده تعليم ۽ تربيتي سرشتي کان اڳ وارن ماڻهن ۾ نه ماڻهپو هجي ها ۽ نه ئي ڪا دانش. ان جو اهو مطلب قطعي ڪونهي، ته مروج تعليم ڪنهن به ڪم جي نه آهي. نه، ائين نه آهي. تعليم انسان جي ٽئين اک آهي. ان ڪري مروج تعليم کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ان سان مطالعي جي اضافي جي سگهه پيدا ٿيندي آهي. جنهن ڪري اهي ماڻهو، جيڪي مشاهدي ۽ ڪچهرين سان گهڻو ڪجهه پرائي، ڏاهپ جا ڏاڪا طئي ڪندا آهن، اهي ئي ساڳيا ماڻهو، جيڪڏهن مروج تعليم واري مرحلي مان به گذرندا، ته منجهن سياڻپ، سمجهه ۽ ساڃانهن، اڃا به وڌيڪ وڌندي. جنهن جي نتيجي ۾ سندن هر عمل، قول ۽ فعل مثبت رُخ ۾ رڙهندو، پنهنجا چاهيندڙ وڌائيندو ۽ پاڻ جهڙا ٻيا پيدا ڪندو، اڳتي وڌندو ويندو.

انور حسين وسطڙو - ناصر قاضي

انور حسين وسطڙو
منفرد آواز ۽ سهڻو انداز
ناصر قاضي
1947ع ۾ ورهاڱي واري ويل وڇوڙي جا ورلاپ پوريءَ سنڌ مان ٻـُرندا رهيا، ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس ڄاوا اصلوڪا سنڌي جلاوطنيءَ جو ڏهاڳ سرير ۾ سانڍي هميشه لاءِ وسندڙ وٿاڻن کي ويران ڪري ڏورانهين ڏيهه وڃي رهيا هئا. ڳلن تي ڳوڙهن جون ڳراٽڙيون پائي ملي موڪلائيندڙ سنڌي جڏهن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي هميشه لاءِ ڇڏي رهيا هوندا، تڏهن مٿن ڪهڙي قيامت برپا ٿي هوندي، ان جو اندازو ته انهن  مٺڙن ماروئڙن کي ئي هوندو، جيڪي پنهنجن سنگتين ساٿين، ڏک سک جي شريڪن، گڏ رانديون رهندڙن ۽ ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائيندڙن کان ڀاڪر ڇڏائي سرحد جي هن پار وڃڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا.

عنايت بلوچ

عنايت بلوچ

هڪڙو سهڻو ماڻهو - ساروڻين ۾ تـُنهنجو عڪس

زيب سنڌي



عنايت بلوچ سان منهنجو پهريون تعارف سندس هڪ نظم وسيلي ٿيو هو. تڏهن اڃان مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. لکندو به ڪهاڻيون هئس ته پڙهندو به ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيو نثر هئس، باقي شاعري مونکي سمجهه ۾ اچڻ بدران منهنجي مٿي تان گذري هلي ويندي هئي. انڪري ڪو به رسالو پڙهندي مان شاعري جا صفحا بنا پڙهڻ جي فقط سرسري طور تي ڏسي ورقَ اٿلائي ڇڏيندو هئس. ائين ئي ۱۹۷۵ع ۾ ماهوار ”سوجهرو“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپيل شاعري جا ورقَ پئي ورايم جو عنايت بلوچ جي هڪ نظم تي نظر بيهي رهي. اهو نظم پڙهيم ته نه فقط ڏاڍو وڻيو، پر انهيءَ نظم جون ٻه سٽون، منهنجي شاعريءَ کان ڪورِي دل جي ڪاغذ تي لکجي ويون.

عاشق نظاماڻي- ناصر قاضي

عاشق نظاماڻي
چنڊ کان پرينءَ جو سوالي، اويلو مسافر
ناصر قاضي

ڀڳت ڪبير هڪ هنڌ چيو ته:
نينان اوپر پائون ڌريئي، ڌيري ڌيري چل،
ڇنڀي نه ميري پنبڙي، ڏکي نه تيري پگ.
ڀڳت ڪبير جي هن شعر جو مفهوم ڪجھه هن طرح آهي ته اي منهنجا محبوب! تون پنهنجا پير منهنجي اکڙين تي رک ۽ منهنجين اکڙين جي مٿان هوريان هوريان گھمندو رهه، تڏهن به مان پنهنجون پنبڙيون ڪونه ڇڀيندس، متان تنهنجا پير نه ڏکي پون.....!!!
ڀڳت ڪبير جي هن شعر جي ڀٽائي سرڪار ترديد ڪندي چيو ته: اهو عاشق ئي ڪهڙو، جيڪو محبوب کي چوي ته تون پنهنجا پير منهنجي اکڙين تي رک ۽ آهستي آهستي هَل، ڇاڪاڻ ته محبوب پنهنجي مرضي جو صاحب آهي، اها سندس خوشي آهي ته آهستي هلي يا تيز هلي، عاشق جو ڪوئي به حق ناهي جو محبوب کي اکڙين تي آهستي آهستي هلڻ جو چوي، ان ويل لطيفي آواز آيو ته......!!!