; سنڌي شخصيتون

18 July, 2012

مس ڄيٺي سپاهيملاڻي - پير علي محمد راشدي


مس ڄيٺي سپاهيملاڻي
پير علي محمد راشدي
مائي ڄيٺي، حيدرآباد جي هڪ معزز عامل گهراڻي ۾ ڄائي، پر سياسي زندگي ڪراچيءَ ۾ ڪاٽيائين. سنڌ جدا ٿيندي ئي اسيمبلي ميمبر چونڊي ۽ ڪجهه عرصي بعد ڊپٽي اسپيڪر بڻي.

16 July, 2012

محمد فقير مسخرو

محمد فقير مسخرو

او ادا، او ڀائو، ٿورو هيڏانهن......!!

نصير مرزا



اصل ۾ اِن پاسي مون کي ڪي ٽي اين جو ڊائريڪٽر نور جوکيو وٺي ويو هو. ڪيڏانهن!؟ جادو واري شهر دادوءَ ڏانهن. جنهن جي ڊگري ڪاليج واري وڏي گرائونڊ تي ڪوئي ميوزڪ ڪنسرٽ هو ۽ ظاهر آهي اُتي آئون سير سپاٽي جي خيال سان نه، شو کي ڪنڊڪٽ ڪرڻ جي لاءِ ويو هئس. هيءُ نما شام جهڙو ڪوئي وقت هو ۽ ”شو“ شروع ٿيڻ ۾ ڇاڪاڻ ته اڃا ڪو وقت هو، تڏهن سوچيم.. ڇو نه ان ڪلراٺي گرائونڊ جي چوڦير ڪي چڪر ٻڪر ئي ڏيئي وٺان....اڙي هان؟ هي ڇا!...گرائونڊ ۾ گهمتاريون ڏيندي ڏيندي اوچتو ڀاسيم، ڄڻ دنيا جي چوٿين ڪنڊ ۾ اچي نڪتو آهيان ۽ جنهن طرف نگاهه ٿي کنيم، کٻڙن جا گهاٽا گهاٽا وڻ هئا ۽ ٻيو، قبرون ئي قبرون، قبرون ئي قبرون....تڏهن سوچڻ لڳس يا منهنجا موليٰ، دادو شهر جي وچ ۾ هيءَ ڇا ماجرا....۽ هي هيڏو قبرستان هتي اچي ڪٿان ويو؟ پوءِ خبر پئي! هو ئي ته آهي هن شهر جو وڏي ۾ وڏو ”لعل هنديءَ وارو مُقام..“ ته بس ان مُقام ۾ موجود قبرن جي ڀرسان، وڻن مان ڇڻيل سڪل پتن تي پير رکندو، اڳتي وڌندو پئي ويس، جو پويان کان ڪو پراسرار آواز ٻڌم... او ادا.... او ڀائو.... او جاني....او سهڻا....او ريڊيي وارا....۽ هيڏانهن هي آئون جيڪو ازلي ابدي ڊڄڻو آهيان ۽ جيڪو قبرستانن مان لنگهندي اصل ئي مڙي ناهيان ڏسندو، ڪلمي پاڪ جو ورد ڪري نيٺ ڊڄي، ڊڄي جان کڻي جو مُڙي ڏسان ته هڪڙيءَ قبر جي ڪتبي تي نگاهه پئجي ٿي وڃيم، لکيل هو سنڌ جو يگانو مزاحيه فنڪار محمد فقير (مسخرو) هن لحد ۾ ابدي آرامي آهي، ۽ ان نالي هيٺان لکيل هو، تاريخ وفاتِ ستاويهين فيبروري اوڻيهه سو پنجاسي. وڌي وڃي سندس قبر جي پيرانديءَ کان جو بيٺس ته لڳم، پنهنجن ئي ٺاهيل کيڪار وارن ٻولن سان کيڪاريندي چويم پيو؛

14 July, 2012

چاچو شاهنواز جوڻيجو - اظهار سومرو


چاچو شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو سيبتو ڪردار
اظهار سومرو
سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل هڪ شخص جنهن کي هڪ ئي وقت پنهنجي روايتن، پنهنجي وطن، زنده دلي، دليري، برداشت ۽ نبيري جهڙا ڳڻ مليا هجن اهو ڪو ٻيو نه پر سانگهڙ ضلعي جي سنجر جوڻيجو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل شاهنواز جوڻيجو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پيار ڪرڻ وارا چاچو شاهنواز ڪري سڏيندا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ هو روايتي ڪلاسيڪل وڏيري طور مشهور هو.
سنڌي سماج ۾ جدت جي ڊوڙ ۾ پئجي ويل ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته وڏيرو لفظ ڪو خراب لفظ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڳوٺ جي سماجي تاڃي پيٽي ۾ وڏيرو هڪ اهڙو فرد هجي ٿو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ جي سمورن ماڻهن جي لڄن جو محافظ هجي ٿو، تڪرار جي صورت ۾ نبيري جو پهريون در هجي ٿو، مسئلي جي صورت ۾ مدد جو پهريون رستو هجي ٿو، مونجهاري جي صورت ۾ رهنمائيءَ جي پهرين واٽ هجي ٿو، وڏيرو ٿيڻ لاءِ ڪنهن به فرد کي پئسو، دولت يا ٻنيءَ جي نه پر سڀ کان پهرين دل ۽ دماغ سان وڏو ۽ قدآور ٿيڻ ضروري هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين جي تڪليفن ۾ ساڻن ساٿ ڏيڻ لاءِ دل جي دليري گهرجي ٿي. جيتوڻيڪ سنڌي سماج ۾ ڪجهه انفرادي غلطين ۽ ڪجهه ميڊيا جي مهربانين سان وڏيري جو نالو ايترو خراب ڪيو ويو آهي جو هاڻ ان کي صرف هڪڙي تشريح ۾ ئي ماڻهو سمجهي ويا آهن، جيڪا تشريح هڪ ظالم ۽ جابر واري آهي، پر جيڪڏهن وڏيري جي خالص سنڌي تشريح ڳولڻي هجي ته اڄ به چاچي شاهنواز جوڻيجي جي ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن کان پڇو ته وڏيرو ڇا ٿيندو آهي؟ وڏيرو ڪهڙو ٿيندو آهي ۽ وڏيري سان ماڻهو پيار ڇو ڪندا آهن؟

13 July, 2012

استاد مصري جوڳي - راجا رشيد ڪنڀر


استاد مصري جوڳي
مرليءَ واري من موهيو ڙي الا....
راجا رشيد ڪنڀر
عمرڪوٽ کان وهرو ويندڙ وچئين روڊ تي، مصري جوڳي ڪالونيءَ ۾، شيران والي مندر جي پاسي ۾ رهندڙ استاد مصري جوڳي ولد مٺو جوڳي مرلي وڄائڻ ۾ يڪتا فنڪار آهي. اڪ جي اڍائي فوٽ ڪاٺيءَ جي ۸ سوراخن ۾ ڪدو ڪنگور ۾ ميڻ چنبڙايل هن مرلي سان جڏهن مصري ڪلياڻ، ڪوهياري، ملهار، سورٺ، ڀيروي، مانجهه سُر جا آلاپ اچاريندو آهي ته ڏومي، سومي، ڪارو ڪوراڙو ڪونڀارو، اصيل ڦڻ ڪڍي جهومن ته ديسي پرديسي ٻڌي ڪنڌ ڌوڻڻ سان گڏ نير به وهائين.

09 July, 2012

احمد خان مدهوش

احمد خان مدهوش

خليل عارف سومرو



احمد خان مدهوش جو جنم، سُگهڙن جي سرواڻ حضرت جلال کٽي رنگريز جي نکُ مان ۽ ڪاڇي جي پوتر ڪُک مان، ۰۵ اپريل ۱۹۳۱ع تي حاجي فقير شغلي جي گهر ۾، ڳوٺ سلطان چانڊيو کان خيرپور ناٿن شاهه ويندي، ڏاند گاڏي ۾ ٿيو. ائين هن جي زندگي جي شروعات سفر کان ٿي ۽ آخري سفر تي اسهڻ تائين، هن زندگي توڙي شاعري ۾ هڪ ڊگهي مسافري طئي ڪئي.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ري-ميم


مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
سنڌ جو برک عالم اديب ۽ مولانا
ري-ميم
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ اديب ۽ عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ سنڌ ۾ شاهه ولي الله جو حقيقي پوئلڳ ھيو. قاسمي صاحب، سنڌ جي علم، ادب، مذهب ۽ ڏاهپ جو اهو ڏيئو هو، جنهن جي ٿڌيءَ ڇانءَ جهڙي روشنيءَ ۾ ويهي ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن علم جون سرڪيون ڀريون.

موسيقار روشن جي - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي


موسيقار روشن جي سان ڳالھ ٻولھ
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سنڌي موسيقيءَ جو جڏهن به ذڪر ڪبو ته اسان کي ڪيترا ئي اهڙا وڏا وڏا فنڪار ذڪر ڪرڻ لاءِ ملندا جن فني حوالي سان تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. پر اهڙن نامور فنڪارن جي اڳتي وڌڻ ۾ جنهن شخصيت جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان کي موسيقار چيو ويندو آهي ۽ سنڌ جي نامور موسيقارن استاد فيروز گل، غلام نبي عبداللطيف، غلام علي، استاد خير محمد خان، غلامو خان ۽ استاد رجب علي رضا سميت نوجوان موسيقار استاد ”روشن جي“ به انهن مان هڪ آهي جن جي خاندان صدين کان سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪئي آهي.

ايس پي منگھاڻي - فلڪ نور


ايس پي منگھاڻي
ھند ۾ سنڌي اسٽيج جو ابو
فلڪ نور
هن ڏهاڪن کان پنهنجي ڪلا سان سنڌي اسٽيج کي سنواريندڙ، هزار کان وڌيڪ نون سنڌي ڪلارڪن کي موقعو ڏيندڙ سڄي ملڪ ۾ سنڌي ناٽڪن جي ڌوم مچائيندڙ اڪيلي سر دبئي ۾ ئي ۱۵ کان وڌيڪ پنهنجن ٽه فصلن ناٽڪن سان سنڌي ڏسندڙن جي واهه واهه حاصل ڪندڙ، سنڌي اسٽيج کان سواءِ مرهٽي، هندي ناٽڪن ۽ سنڌي، هندي فلمن ۾ پنهنجي ڪلا جي جوهر سان اڳيان آيل، سنڌو ڪلا مندر جو روحِ روان ايس پي مينگهاڻي (صوڀراج پرسرام مينگهاڻي) تازو ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو پنهنجي پٺيان سنڌي اسٽيج جي ڪلاڪارن، ڏسندڙن، ڪلا پريمين کانسواءِ پنهنجي وني ڪلپنا راڻي، ٻن پٽن راجو ۽ سونو ۽ ڌيءُ کي وار لاپ ڪندي ڇڏي ويو آهي. ايس پي مينگهاڻي، ڀائو جي  نالي سان مشهور هو ۽ هر سنڌي سندس نالو ادب سان وٺندو هو. ايس پي مينگهاڻيءَ جي هن دنيا کي الوداع ڪرڻ جي دکدائڪ خبر جڏهن اسان کي سنڌي اسٽيج، سنڌي فلمن جي ابي شري مدن جماڻي ڏني ته اعتبار ئي نه پئي آيو ته هاڻي ايس پي مينگهاڻي نه رهيو آهي.مدن جماڻي ٻڌايو ته مينگهاڻي جا ڪيترائي پيارا نيارا ۽ مشهور ناٽڪ سنڌي ڏسندڙن کي ڏسڻ لاءِ مليا. ۱۹۶۰ع کان سنڌو ڪلا مندر جي بئنر هيٺ هن ۴۰ کان وڌيڪ فل لئنٿ ناٽڪ ۽ ۱۵۰ ون ايڪٽ پلي ڊائريڪٽ ڪيا.مرهٽي ناٽڪن ۾ پڻ هن پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکاريا.هن ۱۴ فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي، سندن وني ڪلپنا راڻيءَ جو پڻ هن کي ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار حاصل رهيو. هنن ئي مرهٽي ناٽڪن اُلٿا ڪري سنڌي ڏسندڙن اڳيان آندا.

ارشاد گلاباڻي - ڊاڪٽر ايوب شيخ


ارشاد گلاباڻي
انسان دوست صحافي
ڊاڪٽر ايوب شيخ
سڀ کان اڳ، آئون ارشاد جي وني، ان جي سمورن مٽن مائٽن، ساڻس گڏجي ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين، علي قاضي کان ويندي سمورن ڪارڪنن سان ڏُک ونڊيان ٿو ته سندن ولر مان هڪ مور اڏامي ويو. اسان جو دوست، سنڌ جي ايماندار ۽ محنتي صحافين منجهان هڪ، دوستن جو دوست، دلبريون ورهائيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هو روحاني طور جمهوريت پسند هيو.

03 July, 2012

عبدالحڪيم ڏاهري - محمد بخش ڏاهري


عبدالحڪيم ڏاهري
تعليمي ماهر
محمد بخش ڏاهري
اهو زمانو گذري ويو آهي، جڏهن ڪنهن ڳوٺ، شهر وستي واهڻ مان ڪنهن استاد جي گذرڻ وقت ماڻهو ڪم ڪاريون ڦٽا ڪري رستي تان گذرندڙ استاد کي جهڪي وڃي ملندا هئا. هاڻي اهي جهونا استاد به ڪي چند بچيا آهن، جيڪي پنهنجي گذري ويل سحر انگيز دور کي ساهه ۾ سانڍي زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيا آهن. سنڌ ۾ تعليم ڪاروبار ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ استاد طبقي جو اهو مان مرتبو ته موڪلائي ويو آهي پر اهل استادن جي اڻاٺ به اهو ناسور بڻجي وئي آهي، جنهن بنيادي تعليم جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. پراڻي وقت ۾ نه خانگي اسڪول هئا نه وري ٽيوشن جو آزار هوندو هو. استاد محنت سان اهڙا شاگرد سرڪاري اسڪولن ۾ ئي تيار ڪندا هئا، جيڪي علم جي روشنيءَ سان پنهنجي مان مرتبي جا مالڪ بڻجي ويندا هئا. پر سماج لاءِ به سندن حيثيت رول ماڊل واري هوندي هئي.

مرزا قليچ بيگ - حاڪم چانڊيو


مرزا قليچ بيگ
علمائن جو سج ۽ سنڌي ادب جو ابو
حاڪم چانڊيو
شمس العلماءُ حضرت مرزا قليچ بيگ، پنهنجي پونئرن کي يقينًا اڄوڪي ڏينهن تي ئي نه هر وقت ياد هوندو، پر سنڌي ادب جي شاگردن ۽ سنڌي ادبي ادارن توڙي سرڪار کان به ته نه وسرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سرڪاري نوڪري هوندي به سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو يا لڪل نه آهي. نه ئي وري شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج آهي. سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمايي سان مالا مال ڪرڻ جو سهرو سندس ئي سر تي آهي.

02 July, 2012

سيد اڪبر شاهه - قادر بخش طالباڻي


سيد اڪبر شاهه
لکي محل جو لاثاني شخص
قادر بخش طالباڻي
بٺوري-دڙي رستي تي، در ملوڪ شاهه جي ڀر ۾، ”لکي محل“ نالي سان مشهور محل هو، جنهن ۾ تر جو ناميارو ۽ وڏو زميندار سيد الهڏنو شاهه رهندڙ هو. هو اٺ، گهوڙا، مينهون، ڏاند ڀلن ۾ ڀلا رکندو هو. جيڪي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو هلي اچي ڏسندا هئا. شاهه صاحب جي بلي بلي هوندي هئي. سندس گهر ۾ سيد اڪبر فيبروري ۱۹۴۳ع ۾ جنم ورتو. هن جي سنڀال لاڏ ڪوڏ سان ٿي. پرائمري تعليم ڀر جي پرائمري اسڪول ڪانڌڙا ۾ ڏياري ويئي. انگريزي تعليم دڙي اسڪول ۾ ملي، ان بعد مئٽرڪ جو امتحان حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ڏياريو ويو. هو ڏاڍو ذهين ۽ محنتي هو. پيءُ چاهيو ٿي ته، هو اعليٰ تعليم حاصل ڪري، پر هن جي ڀاڳ سنوارڻ جي ديوي هن کان رسي ويئي. جنهن جو سبب اهو هو ته هن جي ڀلي زمين جو گهڻو تڻو حصو ڀر مان نڪتل سم نالي جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هن جون زمينون غير آباد بنجي پاڻيءَ جي انتظار ۾ رهنديون آيون. آمدني محدود ٿي ويئي، جنهن ڪري هنن جي خوشحالي غربت ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. اک ڇنڀ ۾ محل به ڀُري ڀور ٿي ويو. ڀلا وهٽ به وٽن ٽِڪي نه سگهيا. جيڪي روزانو ماڻهن جون قطارون وٽن سلامي ڀرينديون هيون، سي آهستي آهستي شاهه صاحب کي ڏسي رستو بدلائڻ لڳيون. غربت جي ٻِه-پُڙي چڪي هنن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳي. هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سگهه نه ساري، ماستريءَ جي نوڪري جي تلاش ڪئي. بٺوري ٽريننگ اسڪول ۾، ماستري وٺي آگسٽ ۱۹۶۲ع کان پنهنجي سفر جو نئون آغاز ڪيو. لکي محلي جي جاءِ ڪکائين جهوپڙي ورتي، جنهن ۾ تيز جهڪ، برسات، گرمي ۽ سردي جي سهپ نه رهي.

01 July, 2012

غزالا صديقي - شفقت نوناري


غزالا صديقي
سنڌ جي بهادر ۽ شهيد نياڻي
شفقت نوناري
نه سر ڇپا ڪي جيئي هم، نه سر جهڪا ڪي جيئي،
ستمگرون ڪي نظر سي، نظر ملا ڪي جيئي،
اب اگر ايڪ رات ڪم جيئي، تو ڪم هي سهي،
يهي بهت هي ڪه هم، شمعين جلا ڪي جيئي.
شهيد غزالا صديقي، سنڌ جي آسودگي ۽ خوشحاليءَ جا خواب اکين ۾ کڻي، اسٽيل ٽائون جي ابدي مقام ۾ آرام ڪري رهي آهي.