01 October, 2011
سيد الهندو شاهه - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد حاجي فقير الله علوي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد غلام محمد شاه ”گدا“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد غلام مرتضيٰ شاهه - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سيد فيض درياه شاهه رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد مصري شاه نصرپوري رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد ميران محمد شاهه (اول) - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سيد ميران محمد شاهه ”مير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شاهه گودڙئو رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شاه عنايت الله رضوي
شاه عنايت الله رضويؒ
[ ۱۶۲۴ع – ۱۷۱۲ع ]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
شاه عنايت (ڪتابن ۾
سندس نالو ”عنايت“ آيو آهي.) ولد شاه نصرالدين بن شاه عثمان رضوي رح، مغلن جي موڪلاڻيءَ
واري زماني ۾، غالبن ۱۰۳۵ هه مطابق ۱۶۲۴ع ڌاري ڳوٺ نصرپور، ضلعي حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. (تحفته الڪرام (سنڌي، ص – ۳۹۴) جي حوالي مطابق ۱۷۵۱ هه = ۱۳۵۰ع ۾ سلطان فيروز، ”نصر“ نالي پنهنجي هڪ امير
کي ”ساڱري“ جي ڪناري تي قلعو ٺاهڻ جو امر ڪيو هو؛ جنهن تان هن شهر تي ”نصرپور“
نالو پيو آهي.) پاڻ اڃا ٻاراڻي اوستا ۾ ئي هو، ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن ڪري
پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد احمد شاه جي سرپرستيءَ ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ فارسي زبان، رضوي
ساداتن وٽ عام مروج هئي. انهيءَ بناءَ تي اهو گمان غالب آهي، ته شاه عنايت کي به
فارسي زبان جي ڀليءَ ڀت واقفيت هوندي. باقي اهو ڪٿان به معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ته
پاڻ ڪنهن استاد آڏو گوڏو ڀڃي درس ورتو هجيس.