; سنڌي شخصيتون: February 2021

14 February, 2021

علي احمد لنڊ

علي احمد لنڊ

هميشه لاء وڇڙي ويو

اعظم ڀٽي



مون هُن جي متعلق پهرين به لکيو هو ته ذاتي پسند يا ناپسند، عارضي ذاتي نوعيت جا اختلاف مجموعي سُٺاين واري عمل کان ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ مٿي ٿي نٿا سگهن. اُهو به طئه ٿيل اصول آهي ته تنگ نظري يا ڪنهن به شعبي ۾ انتهاپسندي هميشه منفي اثر ڇڏيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن صفا معمولي قسم جا اختلاف سُٺن ناتن جو بنياد بڻجي ويندا آهن ته ڪڏهن وري سُٺا ناتا معمولي قسم جي ڳالهين جي ڪري ختم به ٿي ويندا آهن، پر حقيقت اِها آهي ته سَوين اختلافن جي باوجود به جنهن به فرد جو ڪردار جيترو لهڻي ٿو، اُهو حق ان کي ملڻ گهرجي، اُن جو هڪ سبب اِهو به آهي ته مون پنهنجي قلم کان ڪڏهن پٽڪن لاهڻ جو ڪم ناهي ورتو. اظهار جي آزادي ۽ اختلاف راءِ جو حق هر فرد کي فطري طور مليل آهي، پر اُن جو مقصد اِهو قطعي به ناهي ته ماضي، حال ۽ مُستقبل کي گڏائي ڪنهن به فرد جي مجموعي ڪردار بابت هڪڙي ۽ حتمي راءِ قائم ڪري ڇڏجي ۽ اُن مان صرف پنهنجي ذاتي مفاد جو نچوڙ چٽو ڪري بيهارجي. ماضيءَ ۾ جن ماڻهن لاءِ منهنجي راءِ هڪڙي هئي ته اڄ انهن بابت منهنجا ذاتي خيال ۽ رايا مختلف آهن. اڄ جن ڪردارن بابت منهنجي راءِ جيڪڏهن ڪا مثبت شڪل رکي ٿي ته ٿي سگهي ٿو ذاتي مشاهدن ۽ تجربن جي بنياد تي ايندڙ وقت ۾ انهن جي باري ۾ منهنجي راءِ اڃا به ٻي ڪنهن نوعيت جي هُجي. اُن سَموري ڪار گُذاري ۾ ذاتي ۽ فطري سوچ واري ڌارا جو عمل دخل اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن انسان جو ذهن سوچڻ، ڪن ٻُڌڻ ۽ اکيون ڏسڻ ڇڏي ڏين ته هر شيءِ جامد بڻجي ويندي ۽ جُمود جو شڪار ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي ذاتي خول مان ٻاهر نِڪري نٿو سگهي. آئون سائين جي ايم سيد جي اُن قول جو قائل آهيان ته ”سياسي اختلافن سبب پنهنجا ذاتي واسطا ڪڏهن به ختم نه ڪرڻ گهرجن.“ آئون سمجهان ٿو ته منهنجا اُهي ذاتي يا گروهي اختلاف جيڪي منهنجو ماضي بڻجي چُڪا آهن ۽ سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي، پر انهن اختلافن مون کي هڪ صحافتي ۽ ادبي وابستگي جو بنياد فراهم ڪيو، هاڻي ته صحافت به منهنجو ماضي بڻجي چُڪي آهي، پر ادبي وابستگي اسان جي سماجي حلقي ۾ منهنجي شناسائي جي چادر کي وڌيڪ ڪُشادو ڪيو. شناسائي جو اُهو رستو کوڙ سارن ڪردارن سان گڏ ڪجهه ڪامورن سان به جُڙي پيو. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اُنهن ڪامورن سان منهنجي وابستگي جي رَسي سندن رٽائرمينٽ کانپوءِ مضبوط ٿي، نه ته ڪيترن ئي الزامن جا تير مون تي به سڌا هُجن ها. اُنهن مان هڪ فرد اهڙو به هو، جيڪو مختلف حوالن سان گڏ هڪ علم ۽ ادب دوست واري ڪردار جي سُڃاڻپ به رکندڙ هو. اُن حوالي ئي مون کي سندس شخصيت تي قلم کڻڻ لاءِ قائل ڪيو. ٻيو هڪ اهم سبب اِهو به آهي ته هُن ۾ سَهپ ۽ برداشت جو مادو تمام گهڻو وزني رهيو، ڪير ڇا به چئي وڃي، هُو هر وقت مُسڪرائيندو رهندو هو. اهڙي قسم جي مُسڪراهٽ، مزاج ۽ طبيعت اڳئين ڪاوڙ ڪرڻ واري شخص لاءِ وڏي شرمندگيءَ جو سبب بڻجندي به مون ڏٺي. نوڪري دوران آئون سندس ماتحت هوندي سخت عتاب جو شڪار به رهيس ته ڪچي سرڪاري ملازمت جي پَڪي ۽ مُستقل ٿيڻ لاءِ اسان هاءِ ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين وڃي پهتاسين، پر سندس مجموعي ڪم ۽ ڪردار سبب مون کي پنهنجو اُهو عتاب وارو زمانو وسارڻ تي مجبور ڪري ٿو.

محمد حاڪم خاصخيلي

محمد حاڪم خاصخيلي

سندس وڇوڙي تي

عوامي آواز ايڊيٽوريل



ڪجهه ڏينهن اڳ وڇڙي ويل صحافي محمد حاڪم خاصخيلي منهنجو پراڻو دوست ۽ ساٿي ھو. اسان ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاھ جي هڪ ئي“ بي” ڪلاس ۾ پنجين کان ڏھين ڪلاس (مئٽرڪ) تائين گڏ پڙھياسون. مون کي اڄ به ياد آھي ته هو ٻڌائيندو ھو ته سال ۱۹۵۰ جي پيدائش آھي، اھڙي ريت سندس ڄمار اٽڪل ۷۱ ورھيه ھئي. مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته پريس ڪلب وارن سندس ڄمار ۸۵ ورھيه ڇو لکي آھي؟ اھو ياد اٿم ته گھڻو پوءِ هن شڪايت ڪئي ھئي ته سندس ڀاءُ مير محمد جي ڄمار شناختي ڪارڊ وارن وڌيڪ لکي ھئي ۽ شروع ۾ ڪوششن جي باوجود به ٺيڪ نه ڪري سگھيا. بھرحال، اھو ٿي سگھي ٿو ته سندس ڄمار به وڌيڪ لکيل ھجي.

گل حسن ’گل‘ لاکو

گل حسن ’گل‘ لاکو

گهڻن جو گُل، زندهه دل ۽ بردبار شاعر ۽ نثر نويس - جنم ڏينھن جي نسبت سان

مٺل جسڪاڻي



گل حسن ’گل‘ لاکو، منهنجو ئي نه، گهڻن جو گُل آهي. زندهه دل آهي. بردبار شاعر ۽ نثر نويس آهي. ساڻس روبرو ۽ فاصلاتي ميل ملاقات، کل ڀوڳ، ٻَڌا ٻَڌا ٽهڪ پئي رهيا آهن. تمام گهڻو قربائتو ۽ ملنسار آهي. ٻين کي وقت ڏيندڙ آهي. سندس جنم تاريخ ۰۴ فيبروري جي نسبت سان حاضر آهي سندس مختصر تعارف ۽ ويچار ونڊ...

مٺل: اوھان جو نالو؟

گل: گل حسن ’گل‘ لاکو

اسماعيل ملاح

اسماعيل ملاح

وڇڙيل يار، ڇڻيل پن

ميان مير چانڊيو



ان اڌ رات کان پوءِ مون کي ننڊ نه آئي، اٿي ٻاهر هليو ويس، آڪاش ۾ ستارا هٿ بتين جيان روشن هئا، ڪائنات اڃان پرهه جي ننڊ ستل هئي.

مون دل ۾ ايئن ئي پئي جهونگاريو

اٿ اٿي ڏس، تهجدگذار جاڳي پيو آ

ڪائنات ستي پئي آ، پيار جاڳي پيو آ

بهار جي ان علي الصبح مون کي ميسيج پهتو ته اسماعيل اداسي دل جي دوري پوڻ سبب اسپتال ۾ گذاري ويو آھي، ان وقت منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، منهنجي من ڪينواس تي سندس زندگيءَ جون ساريون يادون ۽ شاعري جا عڪس ترڻ لڳا.

نسيم بخاري

نسيم بخاري

سماجي لکڻين ۽ صحافت جو بي ڊپو ڪردار!

منظور کوسو



جنهن سماج ۾ ماڻهو انساني درجي کان به گهٽ سطح واري زندگي جي رهيا هجن، افلاس، بک، بيروزگاري، بدامني ۽ بيماريون هٿرادو طور ماڻهوءَ تي مسلط ڪيون وڃن ته اُتي ماڻهو ڪيئن survive ڪري ۽ اهڙي ڀوائتي ماحول ۾ زنده رهڻ به خود پنهنجي جاءِ تي معجزي کان گهٽ ڪين آهي، ڇوته ان حالت ۾ يا ته ماڻهو نفسياتي مريض ٿي پوندو آهن يا خودڪشيون ڪرڻ لڳندا آهن، آئي ڏينهن اوهان کي وڻ ۾ ٽنگيل ماڻهن جون خبريون صرف ميڊيا تي پڙهڻ ڪاڻ ملنديون هونديون، انهن بي رحم حالتن جي پيداوار ماڻهو يا ته سڀ ڪجهه قدرت طرفان سمجهي چپ چاپ رُکي سُکي کائي حالتن سان سمجهوتو ڪري زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، يا انهن مان ڪي ڏينهن رات جستجو ڪري ان جبر واري نظام جو حصو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ زندگيون وڃائي رهيا هوندا آهن، ها! پر انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي حقيقت کي پروڙي وٺندا آهن، قدرت جو ڪو قصور نه پر هڪ استحصالي طبقي جي ئي پنهنجين محرومين جو ذميوار سمجهندا آهن، انهن جو سوچن ۾ جڏهن هن ظلم خلاف ڪو مانڌاڻ مچندو آهي، دل ڪروڌ ۾ ڪڙهندي آهي ته پوءِ شاعر، فنڪار، حقيقي عوامي نمائندا سياستدان ۽ ڏاڍ جبر خلاف جهيڙيندڙ پيدا ٿيندا آهن، دنيا جو بهترين ادب به اهڙين حالتن جي پيداوار آهي، جَسُ آهي، انهن مڙسن کي جو اهڙي بارش مَئي ڪري ويا ته هڪ زمانو خمار آلود ڪري ڇڏيائون. پنهنجي سونهاري سنڌ ۾ ان جو هڪ وڏو مثال شيخ اياز آهي، جيڪو نظم خواه نثر جو سرجڻهار کيت ۾ بادشاهه هيو، جنهن جو اثر سنڌ جي هر باشعور قبول ڪيو ۽ جنهن جي تخليق سنڌ جي محروم طبقي تي وڏا مثبت اثر ڇڏيا ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته شاهه جيان اياز جو اثر صدين تائين قائم رهندو، جيئن سنڌ ڪو شاهه پيدا نه ڪري سگهي آهي، تيئن شايد ڪو اياز به مشڪل پيدا ڪري سگهي، جيتوڻيڪ منهنجي سهڻي شهر شڪارپور جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ اياز زندگي جا اڪثر ڏهاڙا شڪارپور کان ٻاهر گذاريا ۽ اڄ ڪراڙ ڪپ تي مدفون آهي پر اياز جنهن مَئي جي بارش برسائي شڪارپور جي جوانن تي انهيءَ مڌ جو اهڙو ته اثر ٿيو جو انهن کي پڙهندي ڄڻ ته پڙهندڙ به سحرانگيز شاعريءَ جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي، جيئن هي ڏسو:

سيد منظور نقوي

سيد منظور نقوي

خاص جيون



نالو .............سيد لطف علي شاھ

المعروف .........سيد منظور نقوي

حوالو ...........گھڻ رُخي شخصيت

خاص حوالو... شاعر ۽ علم و اَدب

ڄم .................۱۷ مئي ۱۹۲۴ ع

وصال ...........۹ آڪٽوبر ۱۹۹۷ ع

03 February, 2021

سائين الهورايو بهڻ صاحب

سائين الهورايو بهڻ صاحب

سندس زندگي جو کاتو ۽ احوال - ساروڻيون ساڻيهه جون - ٻه اکر ڪتاب متعلق

اُستاد نظاماڻي



محترم سائين الهورايو بهڻ صاحب جي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي سياستدان، فلسفي، عظيم ليکڪ، ناول نگار، کلاڙي، موسيقار يا ڪنهن سائنسدان جي ناهي، هي هڪ پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ، حساس طبيعت جي مالڪ هڪ اُستاد؛ شاعر، سجاڳ فرد جو مختصر زندگي نامو آهي.جنهن جو بچپن حُرڪئمپن ۾ باقي زندگي اڙانگن پيچرن جي سفر ۾ گذري،جيڪو هن ڪتاب جو خاص موضوع پڻ آهي.سائين الهورائي بهڻ صاحب جو جنم ٻي عالمي جنگ دوران فيبروري ۱۹۴۲ع ۾ ٿيو، سندن جنم جي ڪجه مهينن بعد پهرين جون ۱۹۴۲ع ۾ حُرن خلاف سنڌ جي اوڀر پاسي مارشلا لڳي جڏهن ته حضرت سيدصبغت الله شاه شهيد سنڌ کان ٻاهر جيل ۾ قيد وبند ۾ هو، هن معصوم ٻالڪ جي ڪُٽنب سميت حُرجماعت جا ماڻهو ڪربناڪ بيڪسي جي حالت ۾ قيد ڪيا ويا، ڪئمپن اندر بک، بدحالي، وبائي بيمارين جي ڪري ڪيترائي گُل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائي ويا.

سانگيڏان راجپوت

سانگيڏان راجپوت

تپيدار ۽ لوڪ ڏاھپ جو پارکو

ڀارومل امراڻي



لوڪ ڏاهپ جي پارکو ۽ روينيو رڪارڊ جي ڄاڻو راٺوڙ ونس جي تپيدار سانگيڏان راجپوت سان ملندي ٿري لوڪ چوڻي چپن تي تري ايندي آهي ته ‘ڀت سواءِ چٽ نه نڪرندا آهن’. سانگيڏان سان ڪچهري مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهو جي هلڻي چلڻي ۽ اڻسارن مان سڃاڻپ جي لاءِ لوڪ ڏاهن وٽ ڪهڙي ڪسوٽي آهي؟ انسان جي سياڻپ ۽ دانش ڪهڙن اٺن خصلتن مان پڌري ٿيندي آهي؟ عورت جي سورنهن سينگارن ۾ ڪهڙا چار چلونت، چار پکيرو، چار گل، چار ڦل آهن؟ ٿر ۾ ڪهڙا راڄنيتي جا نامور نالا رهيا آهن. ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ ڪهڙا لوڪ ڏاهپ جا ڄاڻو رهيا آهن.؟

علامه محمد امين مگسي

علامه محمد امين مگسي

ملنسار، بردبار ۽ علم جو ڀنڊار

منظور ڪوهيار



ڪي ماڻهو ٻين جي زباني تعارف جا محتاج هوندا آهن، ۽ ڪي وري  پنهنجي خوش زباني ۽ خوش خلقي جي ڪري. پنهنجو تعارف پاڻ هوندا آهن.

ڇھ ست سال اڳ محمد امين مگسي سان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪنهن ٽياڪڙ جي ذريعي نه، پر سندس خوش خيالي ۽ خوش علمي جي ڪري ٿي هئي . ٿيو ائين جو گلشن حديد  فيز ون جي پٺاڻ جي هڪ هوٽل تي چانھ پئي پيتم، ته اتي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڳوٺائي دوست سهيل مڪاني جي لاڙڪاڻي مان اوچتو موبائل فون تي ڪال آئي ۽ پڇيائين، ته: ”افغان ڪير آهن؟...“