11 March, 2019
حاجي عنايت الله زنگيجو - شعبان وسطڙو
رسول بخش درس
حميد ابڙو- شعبان وسطڙو
محمد دائود بلوچ - شعبان وسطڙو
منظور جوکيو - شعبان وسطڙو
شيخ عبدالله - شعبان وسطڙو
وڏيرو خان محمد وسطڙو - شعبان وسطڙو
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو
ڪامريڊ تاج
محمد ابڙو
املهه انسان
غلام محمد ڪنڀر
سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد
مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸
آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ
سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي
مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي،
جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا
تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ
کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو
ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو
اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾
مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري
سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار
’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو،
پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي
جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو
پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو
انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان
هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل
لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد
لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا
آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو
پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي
استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن
کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير
غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن
سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد
۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان
ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾
مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان
جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو،
انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور
اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر
جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم
اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم
کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر
غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه
راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج
ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن.
08 March, 2019
حفيظ کوهارو - حفيظ چانڊيو
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ