; سنڌي شخصيتون: May 2012

31 May, 2012

رائچند راٺوڙ - نصير مرزا


رائچند راٺوڙ
مور-کنڀن جو مورخ استاد
نصير مرزا/حيدرآباد
استاد رائچند راٺوڙ کي ٽربيوٽ، در اصل پوري ٿر ڊيزرٽ کي ٽربيوٽ ڏيڻ وانگر آهي. شيخ اياز صاحب جو هي شعر رائچند صاحب کي سندس هر ورسيءَ تي ٽربيوٽ ڏيڻ لاءِ جهڙو ڪر، منهنجي مدد ڪري رهيو آهيِ:
وڃان ٿو وينجهار، موتي ڏيئي اڻ ميا،
صديون پياسون سونجهبا، جن جا ڍير هزار،
ٻڏي سوچ ويچار، پرکيندا مون پارکو!

رائچند راٺوڙ - دولت رام کتري


رائچند راٺوڙ
”تاريخ ريگستان“ جو ليکڪ
دولت رام کتري
علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اهڙين شخصيتن جو تعداد بنهه گهٽ آهي، جن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائي، انهيءَ تي ڪم ڪيو هجي. سنڌي ادب ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان موجوده دور ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي پر ماضيءَ ۾ استاد رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم، اڄ به پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق ٿر سان رهيو آهي، ٿر علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جهنجهي، ولي رام ولڀ، سائينداد ساند، امر ساهڙ، مگهارام اوجها سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي.

24 May, 2012

نورو مسخرو - افتخار سومرو


نورو مسخرو
سنڌ جو پهريون گراموفون مزاحيه آرٽسٽ!
افتخار سومرو
مسخري يا مزاح قديم زماني کان انسان جي بنيادي ۽ فطري تقاضائن منجهان آهي. انسان کي پنهنجي ٿڪل دماغ ۽ وجود کي تازگي  پهچائڻ لاءِ خوش طبعي ۽ تفريح جي ضرورت پوي ٿي، جنهن جو آسان طريقو کل ڀوڳ آهي. زندگي کي آسان ۽ خوشگوار بنائڻ لاءِ کلڻ کلائڻ، خوش طبعي ۽ مزاح ضروري آهي. 

قربان جيلاني - سيد يار محمد شاهه


قربان جيلاني
ٽي وي ۽ فلم ۾ هڪ جيترو ڪامياب
سيد يار محمد شاهه
سنڌي ۽ اردو ڊرامن، فلمن ۽ ريڊيو جو سپراسٽار قربان جيلاني اڄ جي ٽهيءَ کي ياد هجي يا نه هجي، پر سندس ٻه فرزند ڪامران جيلاني ۽ عدنان جيلاني اڄ نئين ٽهيءَ جا پسنديده فنڪار ضرور ليکيا وڃن ٿا.
قربان جيلاني، محمد علي، مصطفيٰ قريشي وارن جي دور ۾ ريڊيو سان وابسته رهيو ۽ پهرئين جوڙ جو فنڪار ليکيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پوءِ هو ڪراچي ريڊيو سان بحيثيت انائونسر ۽ صداڪار آخر تائين وابسته رهيو، جڏهن ته سنڌي فلمن ۽ سنڌي اردو ٽيليويزن ڊرامن ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. ان کان علاوه فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ اداره قائم ڪري، انعامي اسڪيمون به هلايون، جنهن تان کيس هڪ دفعو جيل به وڃڻو پيو 

22 May, 2012

پير سيد صالح شاھ جيلاني - سارنگ علي سولنگي


پير سيد صالح شاھ جيلاني
سارنگ علي سولنگي
سيد صالح شاھ جيلاني آفندي، صالح ڳوٺ راڻيپور ضلع خيرپور ميرس ۾ سال ۱۸۷۰ع ۾ ڄائو. پاڻ، پنھنجي والد صاحب جي وفات بعد، درگاھ راڻيپور شريف جو گادي نشين ٿيو. سندس پيري مريديءَ جو سلسلو، اڄ تائين جاري آهي. سائين صالح شاھ، نهايت اعليٰ دماغ، عالي همت، باتهذيب ۽ بااخلاق بزرگ ۽ وقت جو نهايت سٺو باعلم شاعر به هو. سندس تخلض “صالح” هو ۽ ڪلام ۾ حقيقت سمايل اٿس. سال ۱۹۴۳ع ۾ وصال ڪيائين.
ڪلام
جنهن کي حملي حسن حيران ڪيو،
تنهن دين ڪفر يڪسان ڏنو،
ڪري ترڪ زهد صنعان سپيو،
ڇڏي تسبيح اهلِ زنار ٿيو.

وه خبر “يحب الجمال” عجب،
وه حسن پر تي حال عجب،
آهي قالو بليٰ جي چال عجب،
پوءِ عروج نزول تڪرار ٿيو.

آهيو شاغل ڪثرت عيش ڪڏهن،
دلريش گدا درويش ڪڏهن،
ڪٿ پير عقيدت ڪيش ڪڏهن،
انهيءَ سير ۾ دل سرشار ٿيو.

آهيون رند قلندر مست ڪٿي،
ٿيون نيست منجهان ٿا هست ڪٿي،
آهي شاهي بندربست ڪٿي،
ڪٿ ڪرڻ گدائي ڪار ٿيو.

من عرف” وارو مفهوم لهي،
ڪيو “صالح” سر معلوم سهي،
وحدت ۾ ڪا المعدوم رهي،
لاتدرڪہ الابصار ٿيو.

20 May, 2012

فقير مقيم ڪنڀار

فقير مقيم ڪنڀار

مور جي دل رکندڙ فقير منش ماڻهو

دولت رام کتري



دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جيڪي جنوني حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا. دنيا جا ماڻهو انهيءَ کي حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار يا ”ديش ڀڳت“ سڏين ٿا. هونءَ ته دنيا ۾ ديش ڀڳت ۽ حب الوطني جا ڪيترا ئي ڪردار اسان وٽ موجود آهن، پر حب الوطني جي حوالي سان ٿر-ڄائي مارئيءَ جو مثال، دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اسان دنيا جا خوش نصيب ماڻهو آهيون جو اسان وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ”ٿر“ پڻ آهي ۽ انهيءَ ٿر ۾ حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار مارئي پڻ هئي، جنهن جو ڪردار سڄي دنيا ۾ اڄ به ڳائجي ٿو. مارئيءَ کان پوءِ ٿر سان جيڪي ماڻهو بي انتها محبت ڪندا هئا/ آهن، انهن ۾ هڪڙو نالو مسڪين جهان خان کوسو هوندو هو، ٻيو نالو چاچي علي نواز کوسي جو پڻ آهي ۽ ٽيون نالو نهٽي جي اُنهي فقير منش ماڻهو جو هو، جيڪو ۱7 مئي ۲۰۱۲ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو.

محمد هاشم مخلص - سارنگ علي سولنگي


محمد هاشم مخلص
سارنگ علي سولنگي
محمد هاشم مخلص ولد حافظ احمد، تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ٽکڙ جو ويٺل هو. دينيات جي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ، فارسيءَ ۾ به تحصيلِ علم ڪيائين. ان بعد عربي پڙهڻ شروع ڪيائين. مگر وقت جي صزوريات کي سرانجام ڏيڻ لاءِ، لاچار تعليم ترڪ ڪرڻي پيس. سندس دماغ قدرتًا نظم ۽ نثر ڏي مائل هو. انهيءَ فطري مناسبت کيس اخباري دنيا جو سير ڪرايو. اخبار “خير خواه سنڌ”، الحق، رسالو “بهار الخالق” ماهنام “ڪچڪول”، “اخبار الامين” ۽ “مسلمان” ۾ چڱيءَ طرح حصو ورتائين. شاعريءَ جي ميدان ۾ به توسن طبق کي واھ جا جولان ڏياريائين . تاريخ ۲ فيبروري ۱۹۳۴ع تي، وفات ڪيائين.
ڪلام
پئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو،
دم بند خجالت کان ٿئي شيشي ۾ پر جو .
ڇا ذڪر ڪريان يار سندءِ عشوه گري جو،
جي حور سندو ناز ته غمزو ٿيو پري جو.
هر ڪنهن کي ڪر ين ٿو نگه ناز سان تسخير،
شهرو ٿيو جهان ۾ تنهنجي جادو نظري جو .
هڪ ناز نظر کان به جنهن کي بار ٿيو “مخلص
ڇا ذڪر ٿئي ان شرخ جي نازڪ عمري جو.

صوفي غمدل فقير - سارنگ علي سولنگي


صوفي غمدل فقير
سارنگ علي سولنگي
فقير عبدالخالق عرف “غمدل” فقير ڳوٺ پنو عاقل سکر جو رهندڙ هئو ۽ سن 1867 ۾ تولد ٿيو، سندس شجره نسب حضرت عليؓ سائين جن جي غلام قمبر جي اولاد سان ملي ٿو. پاڻ شاھ قلندر جيلاني جو طالب ٿيو ۽ انهيءَ جي حڪم تي شعر چوڻ لڳو. هڪ ئي وقت 100 کان 200 شعر چئي ڇڏيندو هئو. اهي سڀئي ته قلمبند ڪو نه ٿيندا هئا. البته جيڪي سندس طالبن محفوظ ڪيا تن کي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سال ۱۹۴۸ع کان جڏهن رتيديري ۾ سڪونت پذير ٿيو، تڏهن شعرن کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين. جيڪي “گلزار غمدل” نالي رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. غمدل فقير اٽڪل ۱۲۰ ورهين جي وڏي ڄمار ۾ ۱ مئي ۱۹۷۲ع تي انتقال ڪيو. سندس مزار، درگاھ شاھ قلندر، ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ، تعلقه ڳڙهي ياسين، ضلع شڪارپور ۾ موجود آهي.
ڪلام
محبوب ناز پرور، رخسار تنهنجو ڪافي،
دارون درد ڦٽي جو، ديدار تنهنجو ڪافي.
هي دانهن مئي جي، دلبر سڻ دوست دلربا،
دلگير کي دلاسو، دلدار تنهنجو ڪافي.
رخ ماهتاب تنهنجو، نيڻن روشن نظارو،
ابرو سندي عبتن مان، انوار تنهنجو ڪافي.
هڪ خال مٽ ڀانيان- لک لعل بدخشان،
يوسف سونهين نه ثاني، سينگار تنهنجو ڪافي.
سڀ حال تو کي معلوم- ڇا بيان چوان درد جو،
مشتاق ساڻ ميلو- منٺار تنهنجو ڪافي.
حسن وارا هزاين- سهڻا سڪن ٿا تولئِه،
هر دم درشن تن کي- درڪار تنهنجو ڪافي .
غمدل” سدا اداسي- گلزار تو چمن ۾،
گلشن منجهان هڪ گل جو- خوش بهار تنهنجو ڪافي.

17 May, 2012

پريل پينار - سارنگ علي سولنگي


پريل پينار

سارنگ علي سولنگي

پريل ولد چڀڙ، ذات ڀيل، تخلص ”پينار“، اصل ڳوٺ سلاواھ، پوءِ هميشه لاءِ ٻيراڻي، تعلقه شهدادپور، ضلع سانگهر. 1911ع ۾ ڄائو. پاڻ ٻه درجا سنڌي پڙهيو. ڪجهه اردو به ايندي هيس. اول سياح ۽ پوءِ 1932ع کان فقيري اختيار ڪيائين، ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيو. منٺار فقير جي معرفت، مخدوم غلام محمد صاحب ”مغموم“، سورهين سجاده نشين، درگاھ غوث الحق مخدوم نوح هالا نوان جي صحبت ۾ شامل ٿيو.
پينار تي ان صحبت جو بيحد اثر پيو ۽ آخر وڃي مسلماني جي حد کي پهتو. 1949ع_ ۾ وصال ڪيائين.
ڪلام
حسن جي بازار ۾، سودو صفا سر جو ڪجي،
ڪلهن تان ڪوري ڪپي، کڻي دست دلبر جي ڏجي.
ناه ناڻي جي خوشامد هت، رضا جي آهي راند،
ڪرڻ ڀي ٿو ايئن کپي، اڳلو جيئن روحڙو رجي.
محب جي مجلس هجي، تنهن ۾ هجي وڃڻو ضرور،
تان سٺي سوغات، سارو ساه نذرانو نجي.
اڳتئون عجيبن جي، هميشه حال هيڻي سان هلي،
نياز سان ناتو رکي، پو پرت سان پڌور ٿجي.
اي پريل “پينار”، تو کان جي پڇن پاڻهي پرين،
عشق جو احوال، سارو مر چِٽو چوري چَجي.

16 May, 2012

خانبهادر حاجي امام بخش خان صابر- سارنگ علي سولنگي


خانبهادر حاجي امام بخش خان صابر

سارنگ علي سولنگي

خانبهادر حاجي امام بخش خان جتوئي 20_ جولائي 1881ع ۾ تولد ٿيو. سندس ٻيو نالو شاهنواز خان جتوئي هو. پاڻ ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقه مورو، ضلع نوشهرو فيروز جو رهندڙ هو. حاجي امام بخش خان، درويش صفت انسان ۽ بااخلاق هو. 12 سال ايم_ ايل_ سي بمبئي، هڪ سال لوڪلبورد جو پريزيڊنٽ ۽ 4 سال بورڊ جو چيرمئن ٿي رهيو ۽ ڪيترو وقت آنرري مئجسٽريٽ به ٿي رهيو. پنهنجي وقت ۾ درد رکندڙ، چڱو شاعر ۽ فقير هو. سندس تخلص “صابر” هو. پاڻ، سائين امام بخش خان سرڪار مهدي سائين جن جو طالب هو. پاڻ 7 نومبر 1938ع ۾ انتقال ڪيائين
ڪلام
منهنجو يار مون سان وفادار آهي،
سدائين غمن ۾ سو غمخوار آهي.
خزاني جو پرور  پڄائي درئون در،
صبح شام هر گهر سخادار آهي.
ڏسي ڪيئن برايون ڪري پيو ڀلايون،
ميٽي ڪل مدايون عطادار آهي.
سڏي ڏي سوالي ڇڏي ڪونه خالي،
ڪري مال مالي دنيادار آهي .
خطا پوش خالق آهي ڪل جو مالڪ،
ذرو ناهي ڪو شڪ بقادار آهي.
نه ڪر خوف، “صابر” سندو روز محشر،
تنهنجو دوست دلبر  شفادار آهي.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - سارنگ علي سولنگي


حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
سارنگ علي سولنگي

سندس ولادت 1882ع ۾ سيوهڻ ضلع دادو ۾ ٿي. پاڻ خليفي غلام محي الدين جو فرزند هو. سندس سلسله نسب عباسي آهي. حڪيم فتح محمد صاحب، نهايت ڪامياب حڪيم، جامع العلوم، عالم، مخلص، قومي ڪارڪن، جميعت العلماءِ جو پخته گو شاعر، بلند پائي جو اديب، باتهذيب ۽ بااخلاق هو. مختلف موضوعن تي ڪئين ڪتاب لکيا اٿس. حڪيم صاحب نه رڳو سنڌي ۾ شعر چوندو هو بلڪ فارسي ۽ اردو به گهڻو ئي ڪلام اٿس. شاعري ءَ ۾ پهرين ”صغير“ پوءِ ”حڪيم“ تخلص اختيار ڪيائين. 13 ڊسمبر 1942ع تي ڪراچي ۾ انتقال ڪيائين.
ڪلام

محبوب منهنجي دل جو حقيقي ڪتاب آهي،
جو بي نظير حسن ۾ ۽ لاجواب آهي.
هر صفح جنهن جو روشن هڪ آفتاب آهي،
چوڏهين جي چنڊ جهڙو پڻ منهن تي تاب آهي.
محبوب جي اکين ۾ اکيون جڏهن اڙايم،
سمجهيم هي عشق منهنجو بيشڪ ثواب آهي.
جن جن به بدنصيبن، منهن موڙيو انهي کان،
تن جو ٿيو جهان ۾ خانو خراب آهي.
هرگز ”حڪيم“ جي هي ٿيندو نه ڌار دل مان،
دل جي چمن جو گويا ٽڙيل گلاب آهي.

15 May, 2012

عارف الموليٰ - نور سنڌي


عارف الموليٰ
نور سنڌي
سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ نه صرف ڀلوڙ شاعر پر ليکڪ، افسانه نويس، سماج سڌارڪ، سخي مرد، روحاني شخصيت به هو. پاڻ سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ ولي الله حضرت حسن بخش شاهه جو ٻيو نمبر سجاده نشين هو. سندس ڪوششن سان درگاهه حسن بخش شاهه راڳ ويراڳ، ادبي ڪچهرين، سگهڙن جي ڪچهرين، محفلن، مشاعرن جو مرڪز رهيو. نه صرف ايترو پر پاڻ غريب، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، ملهن جو سرپرست به رهيو. انهن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾، ان دور جا انتهائي نالي وارا اديب ۽ شاعر باقاعده شريڪ ٿيندا هئا. ميلي ۾ ڪرايل صوفي ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد به شريڪ ٿيو.

06 May, 2012

ھريڪانت (۱۹۳۵-۱۹۰۴ع) - ابو رافع


ھريڪانت (۱۹۳۵-۱۹۰۴ع)
تلخ لھجي جو تخليق ڪار
ابو رافع
ممڪن اهي ته اڄ جي نوجوان لکندڙن جو وڏو حصو هريڪانت جي نالي کان ئي اڻ واقف هجي ۽ جيڪڏهن نالي کان واقف هجي ته سندس تخليقي ڪم کان واقف نه هُجي. پر ان ۾ ڏوهه سنڌ جي نوجوانن جو بنهه نه آهي، اهو هڪ تاريخي الميو آهي، جنهن سنڌ ادب کي جي وچ ۾ هڪ اهڙي ديوار کڙي ڪري ڇڏي، جنهن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هئو:
نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي؟
دوکي جي ديوار، او يار!
۽ ان ديوار جي ٻنهي پاسي تخليق ٿيندڙ سنڌ ادب جي رسائي جهڙوڪر ٻنهي پاسن لاءِ ناممڪن بڻائي وئي، جيڪڏهن ڪي شخصي تعلقاتن جي بنياد تي ڪتاب آيا ۽ ويا ته اهي به شخصي لئبريرين جي زينت بڻيا رهيا ۽ عام سنڌي پڙهندڙن تائين ته ڇا پر ڪجهه پڙهندڙن کان سواءِ اديبن تائين به انهن جي رسالئي ممڪن نه هئي اهڙي دور ۾ هڪ ڪتاب سنڌ ۾ پهتو هُئو ۽ ان جي سنڌ ادبي سنگت ڪراچي پاران هڪ اڀياسي ويهڪ فقير محمد لاشاريءَ جي ڪوشش سان رکي وئي هُئي، ان ڪتاب جو نالو هُئو ”لپ ڀر روشني“ ۽ ڪتاب جي ليڪک جو نالو آهي، هريڪانت.

شاهه اسد - وفا رضا


شاهه اسد
ڪجهه ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون
وفا رضا
”اسين ماروئڙا مالُ چاريون الا“ هيءَ سٽ ان مٺڙي سائينءَ جي لکيل آهي، جنهن کي سنڌ ”شاهه اسد“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ٽنڊي آدم شهر جي جمن شاهه پاڙي ۾ جنم وٺندڙ سيد اسد الله شاهه کي چون ٿا ته  ننڍي لاڪون لک پڙهه سان چاهه هيو.

03 May, 2012

ڪانجي ڀيل - راجا رشيد ڪنڀر


ڪانجي ڀيل
دلڙيءَ سان ماڻهن جي دل وندرائيندڙ ڪلاڪار!
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
نبي سر جي ڳوٺ راڄاري ۾ رهندڙ، ۴۵ سالا ڪانجي ولد منو ڀيل گذريل ۲۵ سالن کان ساڍا ٽي فوٽ ڊگهي سريئي تي تقريبن ۱۱ ڪلو پاڻي سان ڀريل گهڙولي (دلي) مٿي تي رکي ماڻهن جي دل وندرائيندو رهي ٿو. هڪ هٿ ۾ چپڙي، ٻئي هٿ ۾ متو ڇڻڪائي جهومر هڻي ميلن، ملاکڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجو منفرد فن پيش ڪري ماڻهن جو پاڻ ڏانهن توجهه ڇڪائي ٿو. هن مصروف ۽ نفسانفسي واري دور ۾، هو ماڻهن کي مرڪن جا تحفا ڏيندو رهيو آهي. ۲۰ سالن جي ڦوهه عمر کان، استاد پانچو ڀيل کان منفرد فن جي سکيا وٺندڙ هيءُ يگانو فنڪار شاهه نوراني، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، شاهه عقيق، ڄام ڏاتار، سمن سرڪار سميت مختلف درگاهن تي ٿيندڙ ساليانن ميلن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو تعجب ۾ وجهندڙ فن پيش ڪندو رهيو آهي. جهالرن سان سينگاريل ”دلڙي“ ۳ کان ۴ ڪلاڪ ڪنڌ آڏو ڪري، ٻچن جي روزي روٽي لاءِ شاهه جي هن سٽ جي ڄڻ ترجماني ڪندو رهيو آهي ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيام.“

استاد محمد ابراهيم - مصطفيٰ ملاح


استاد محمد ابراهيم
ڀٽائيءَ کي جهر جهنگ ۾ ڳائيندڙ!
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي


استاد محمد ابراهيم پهريون راڳي آهي، جنهن کي اهو به اعزاز مليل آهي جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهريون آواز هن جو ئي نشر ٿيو هو. ”سنڌ جي ميوزڪ يونيورسٽي“ جو خطاب ماڻيندڙ برصغير جو صدا حيات فنڪار ۽ امر موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم جي وڇوڙي کي ۴۰ سال مڪمل ٿي ويا آهن. سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سرڪار کان هڪ اهڙو راڳي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي جهر جهنگ ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سو ڄڻ ته وسريل آهي.
محمد ابراهيم واحد راڳي هو، جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان پهريان ۽ پوءِ، ڏوهيڙا چوندو هو. هو ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو.