09 October, 2014
فقير غلام جعفر سمون- ناصر قاضي
فقير
غلام جعفر سمون
صوفي
صفت ٻهڳڻو ڪردار
ناصر قاضي
دهل ۽ شرنائيون
سنڌي ثقافت جو قديم ورثو رهيون آهن، جنهن جا اهڃاڻ عربن جي فتح واري زماني ۾ به
ملن ٿا، جو ان وقت به ڪجھه ٽولا، جيڪي دهلن ۽ شرنائين سان هئا، تن دهل شرنائيون
وڄائي، جھمريون هڻي، عربن جي آجيان ڪئي هئي. شادين مرادين کان علاوه به دهلن ۽
شرنائين جو واڄو سنڌ جي ميلن توڙي ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن ۾ حصيدار رهيو
آهي، جيڪو سالن نه پر صدين کان هلندڙ آهي. سنڌي موسيقيءَ ۾ جتي گائيڪيءَ جي پنهنجي
سڃاڻپ ۽ انفراديت رهي آهي، اتي ساز ۽ سازندن جي به وڏي سڃاڻپ آهي، جن پنهنجي فن
وسيلي نه صرف ڏيهان ڏيهه مڃتا ماڻي آهي، پر گڏوگڏ سنڌ جي قديم روايتن ۽ سازن کي به
زندهه رکيو آهي.
هرومل سدارنگاڻي خادم - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
هرومل
سدارنگاڻي خادم
عالم،
استاد ۽ شاعر
ڊاڪٽر جڳديش
لڇاڻي
لاکيڻي لطيف، سچل
سرمست ۽ ساميءَ جو نانءُ، هند سنڌ جي ادبي حلقن ۾ مٿاهين مقام تي آهي. ادبي عمل ۽
علميت سبب، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جو شمار، انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن ۾ ٿيندو آهي، جن
جي ساهتيڪ (ادبي) سرهاڻ، هند سنڌ۾ پکڙيل آهي، هن جهڙا ٻهوڳڻي شخصيت جا مالڪ، عالم،
اديب، دانشور سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.
08 October, 2014
لعل پشپ - رکيل مورائي
لعل پشپ
ڪڏهن به نه وسرندڙ سنڌي ٻوليءَ جو
غير معمولي ليکڪ
رکيل مورائي
اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن مون هن کي پڙهيو
هئو ته ذهن سياري جي هلڪي ڌنڌ/ ڪوهيڙي جهڙي اڻ چٽي ڪيفيت ۾ هئو، هو مون کي هڪ غير
معمولي لکندڙ ڀاسيو هئو ۽ مان هڪ معمولي پاٺڪ! پوءِ به مون هن جي ان ڪتاب جي ڪجهه
سٽن کي ڳاڙهيءَ پين سان انڊرلائين ڪيو هئو، جيڪي مون کي منهنجي سوچ جي ابتڙ لڳيون
هيون ۽ ذهن جي ڌنڌ لڪي ۾ چٽيون نظر نٿي آيون. منهنجي آڏو سنجهاجهڙو تخليق ماحول
هئو ۽ هو پنهنجا سپنا ٻاري انهن جي روشنيءَ ۾ ڪجهه لکي رهيو هو. ساڳئي وقت انهن ئي
آڱرن تي پنهنجا گهڻو لکڻ ڪري ٿڪل هٿ سيڪي پڻ رهيو هو. (منهنجي
اندر جو ”ڪجهه“ به سنجيدا پڙهڻ جو عادي پاٺڪ) ڇرڪي پيو هئو، جڏهن پڙهيو هئائين ته:
”منهنجو ڪوئي ڀڳوان نه آهي. منهنجو ڀڳوان،
منهنجو من پسند ليکڪ آهي. منهنجي ڪائي دولت نه آهي، منهنجي دولت، پنهنجي گهر ۾
گذاريل چندر گهڙيون، دوستن سان ڏنل ٿورا ٽهڪ، کيسي ۾ ٿورا سگريٽ، ٽيبل تي ٿورا
پنا، ڪجهه ڪتاب ۽ ٻي ٽي نيون قيمتي فائونٽين پينون آهن“
استاد مٺل ميراثي - ارباب ڇڄڙو
استاد
مٺل ميراثي
منفرد انٽرويو
ارباب ڇڄڙو
مون مٿي ذڪر ڪيو
آهي ته مصري فقير وارن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ اسٽائيل هيو. اهو اسٽائيل دراصل مشهور
استاد راڳي مٺل ميراثيءَ جو هو. ۱۹۹۴ع ۾
دولتپور ۾ هڪ اسٽيج شو ڪيو هوم. ان شو ۾ استاد مٺل ميراثي ۽ سندس شاگرد غلام حسين
زرداري پڻ موجود هئا. استاد مٺل کي راڳ جو وارو ڏنم ٻه ڪلام ڳايائين ڪمال جو راڳي
هيو. پر ڏک اهو ٿيو جو فقط ٻه رپيه انعام مليس. جڏهن ته سندس شاگرد غلام حسين
زرداري جو ۲۰ سالن جو ٻار هيو ان تي نوٽن جي
مينهن وسي ويو هو. ان ئي ڏنهن استاد مٺل کان انٽرويو ڪيو هوم اهو پڙهندڙن جي اڳيان
جئين جو تيئن پيش ڪريان ٿو.
سوال: توهان جي
پيدائش ڪڏهن ٿي؟
جواب: ۱۹۱۰ع ڌاري قاضي احمد شهر کان اولهه طرف
ڳوٺ ” ديوان جي دڙي“ ۾ ڌمالي فقير ميراثيءَ جي گهر ۾ ٿي. ان زماني ۾ اسڪول
هئا ئي ڪين ان ڪري پڙهي ڪو نه سگهيس بلڪه اسڪول جو منهن به ڪو نه ڏٺم.
سيد صاحبڏنو شاهه - تاج جويو
سيد صاحبڏنو شاهه
ڪافيءَ جو باڪمال شاعر
تاج جويو
ڪافيءَ جي مشهور شاعر سيد صاحبڏني شاهه بابت
تمام گهٽ معلومات ملي ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’ياد رفتگان‘ (ص:۴۴)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ’ڪليات سانگي‘ جي حاشيي (ص: ۳۲-۱۳۱ ۽ ۴۰۷) ۽ ليکڪا، مصور ۽ ڪهاڻيڪار، شگفته شاهه جي ٽماهي مهراڻ (۲۰۱۱، ۲-۱) ۾ ڇپيل مضمون ’صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ
وارو ۽ سندس ڪلام‘ مان خبر پوي ٿي ته، سيد صاحب ڏنو شاهه ولد ولي محمد شاهه، ڳوٺ
بلڙي، ضلعي حيدرآباد (هن وقت ٽنڊي محمد خان) ۾، ۱۸۶۸ع ڌاري ڄائو. هي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو.
سندس ڀيڻويو محمد صلاح شاهه لاولد وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ صاحبڏنو شاهه سجاده
نشين ٿيو.
06 October, 2014
سليم چنا
سليم چنا
مشهور شاعر ۽ اديب،
سليم چنا، ۵ اپريل ۱۹۵۴ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سال ۱۹۷۹ع ۾ بي اي ڪئي ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ،
ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس
۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ سميت مختلف ڪورس به ڪيا.
آپا مريم نوحاڻي - عطيه علي ٻرڙو
آپا مريم نوحاڻي
فخر سنڌ
عطيه علي ٻرڙو
انسانيت هزارين ورهيه پهرين پهاڙن کان انهن جي
بُلندي، آبشارن کان انهن جو ترنم ۽ مکڙين جي معصوميت، گلن کان انهن جو تبسم، فرشتن
کان انهن جو نور ۽ پوءِ رب ذوالجلال جي قدرت کي جڏهن يڪجا ڪيو ته ان مان جنهن خوبصورت
رشتي جنم ورتو. اهو هو ”امڙ“ يعني ماءُ جو رشتو. اهڙي عظيم نياڻي سنڌ ڌرتيءَ تي جنم
وٺندڙ اهڙي مان واري ماءُ جي باري ۾ مان ڇا؟ اوهان دوستن کي ٻڌايان جيڪا علم ۾ ڏاهپ
۾ سمجهه فڪر ۾ جيڪا عالم، اديبه، تاريخدان، مفڪر، سٺي صلاحڪار، ممتاز تعليمي تدريسي
ماهر محترمه اُمه الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي آهي، جيڪا اسان ڪم عقل ۽ ناسمجهه جهيڙن
لاءِ هڪ مڪمل درسگاهه آهي.
مير عنايت ٽالپر- سرفراز وسطڙو
مير عنايت ٽالپر
سندس وڇوڙو ۽ ٽنڊومحمدخان جي سياست
سرفراز وسطڙو
ٽنڊو محمد خان، سياسي سماجي ۽ مذهبي حوالي سان
هڪ اهم شهر جي حيثيت رکي ٿو، جتي هر سياسي جماعت، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، ق
ليگ، قومپرست جماعتن سميت آزاد حيثيت ۾ وڏيون شخصيتون موجود رهيون آهن، انهن شخصيتن
۾ ٽالپر خاندان پڻ وڏي اهميت رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته مير اعجاز ٽالپر جو خاندان
سياسي حوالي سان هر سياسي مذهبي ۽ قومپرست جماعتن جي نظر ۾ وڏي اهميت ۽ عزت رکي ٿو،
مير اعجاز ٽالپر جو فرزند مير عنايت ٽالپر ٽنڊي محمد خان جي سياست ۾ هڪ وڏو نالو ٿي
اڀريو جيڪو ضلعي ناظم رهڻ سان گڏوگڏ هر سياسي جماعت لاءِ قابل احترام شخصيت طور سامهون
آيو، ضلعي ناظمي دوران ان ٽنڊو محمد خان ۾ جيترا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ هر ضرورتمند جي
ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، انهي ڪردار جو ئي نتيجو آهي ته جڏهن سندس
سنگاپور ۾ ڪينسر جي مرض ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ٽنڊو محمد خان واسين کي پهتو ته پهريون
ڀيرو ٽنڊو محمد خان ۾ اهڙي شخصيت جي لاڏاڻي تي سندس مخالف جماعت پ پ پ طرفان به ٽي
ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سندس مڙهه وطن پهچڻ کان پوءِ تدفين وارين رسمن ۾ هر سياسي،
سماجي، مذهبي جماعت جا اهڙا ماڻهو به نظر آيا، جيڪي سياسي حوالي سان سندن ضرور مخالف
هئا پر تڏي تي مير عنايت ٽالپر جي وڇوڙي تي اهو چوندي ٻڌا ويا ته ٽنڊو محمد خان جو
همدرد ٽنڊي محمد خان کي اڪيلو ڪري ويو، ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر خاندان سان حيدرآباد
جي قاضي خاندان جو هڪ ويجھو تعلق رهيو، ائين جيئن قاضي عبدالمجيد عابد (مرحوم) جو مير
اعجاز ٽالپر سان ڀائرن وارو تعلق رهيو، ائين مير عنايت ٽالپر جو عبرت گروپ آف پبليڪيشن
جي سربراهه قاضي اسد عابد سان پڻ ڀاءَ جهڙا تعلقات رهيا، مون کي ياد آهي ته جڏهن به
مان مير عنايت ٽالپر سان سندس ضلعي ناظمي واري دور ۾ ٽنڊو محمد خان ملاقات لاءِ ويندو
هئس ته هو ملاقات وقت پهرين پڇا ڪندو هو ته ڀاءُ قاضي اسد عابد جا ڪهڙا حال آهن، ائين
جئين مير مراد ٽالپر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد (مرحوم) پنهنجي ڀائيپي واري دوستي ۾ هلندا
هئا، ائين قاضي عبدالمجيد عابد ۽ مير اعجاز ٽالپر جا تعلقات ڀائراڻا رهيا، جيئن مير
عنايت ٽالپر ۽ قاضي اسد عابد پاڻ کي ڀائر سمجھندا هئا، تئين مير مراد ٽالپر جو فرزند
مير راجا ٽالپر ۽ قاضي اسد عابد پڻ ڀائپي جو رشتو برقرار رکندا آيا، مير عنايت ٽالپر
جي لاڏاڻي تي ٽنڊو محمد خان اڄ به سوڳوار بڻيل آهي، سندس ٽيجھي جون رسمون پوريون ٿي
وڃڻ کان پوءِ به اڃا ٽنڊو محمد خان جا رهواسي يقين نه پيا ڪن ته ڪو مير عنايت ٽالپر
جيڪو ٽنڊو محمد خان واسين جي لاءِ هڪ خيرخواهه ۽ معتبر شخصيت هو، ٽنڊو محمد خان واسين
کي اڪيلو ڪري ويو آهي، سندس وڇوڙي تي نه صرف پنهنجي خاندان پر سياسي مخالفن جي تبصرن
مان ظاهر ٿيو ته هو هر ٽنڊو محمد خان واسي جي ڀلائي ۽ ٽنڊو محمد خان شهر جي ترقي لاءِ
جيڪو ڪردار ادا ڪري ويو، اهو ڪردار ڪنهن کان به وسري نٿو سگهي، سندس ضلعي ناظمي واري
دور ۾ تمام ويجھو رهندڙ هڪ آفيسر منير ڀٽي جو چوڻ آهي ته پنجن سالن جي ضلعي ناظمي واري
دور ۾ هو ساڻس گڏ رهندي محسوس ڪري ٿو ته مير عنايت ٽالپر جهڙا ماڻهو تمام گهٽ پيدا
ٿيندا آهن، ۽ پنجن سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ هن ساڻس ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته هن
ڪنهن کي به رنجايو نه. هر ڪنهن کي عزت ۽ احترام جو درجو ڏيندي، هر ڪم ۾ دلچسپي ڏيکاري،
ماڻهن کي خوش رکيو. منير ڀٽي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مير عنايت ٽالپر کي ڪڏهن به هن ڪاوڙ
۾ نه ڏٺو، باقي هڪ خوبي انهن ۾ اها ضرور هئي ته هو جنهن ڪم کي اڪلائڻ چاهيندا هئا ته
ان ۾ ڀلي کين ڪيترو به نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ جنهن ڪم کي
نه ڪرڻو هوندو هو ته هو ان وقت سندس گهر جو ڀاتي ڇو نه هجي صاف ۽ واضح جواب ڏئي ڇڏيندو
هو ته هو اهو ڪم نٿو ڪري سگهي، مير عنايت ٽالپر هڪ اهڙي موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿيو،
ان بابت سندس گهرڀاتين سميت ڪنهن کي به خبر نه هئي پر ڊاڪٽرن کان تپاس ڪرائڻ وقت عيد
کان ڪجھ ڏينهن پهريان خبر پئي ته کيس اها بيماري وڪوڙي چڪي آهي، جنهن جي علاج جي لاءِ
هو سنگاپور ويو ۽ سنگاپور ۾ ئي علاج دوران هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو، اڄ ٽنڊو محمد
خان جو هر ماڻهو کيس ان ڪري ياد ڪري ٿو ته هن پنج سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ٽنڊو
محمد خان جي شهرين ۽ ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ وسان ڪين گهٽايو، سندس
تدفين وارين رسمن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا سياسي حوالي سان سندن مخالف جماعت رهي،
جا ذميوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر وزير ۽ پارٽي اڳواڻ شريڪ ٿيڻ مان اندازو
ٿئي ٿو ته مير عنايت ٽالپر پنهنجو جيڪو اخلاق ۽ احترام وارو رشتو برقرار رکيو، ان جو
سلو کيس ملي ويو آهي.
ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو - خدا بخش جويو
ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو
استحصالي طبقن خلاف جهيڙيندڙ شخص
خدا بخش جويو
سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام
جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو
علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن
تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي
مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان
اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۵۰ ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۵۸ ۾ ايل ايل بي (وڪالت) جو امتحان پاس ڪيو. هو اٺ سال مدرسه اسلام جي مدرس
بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ سن ۾ سيد امداد محمد شاه پاران قائم ڪيل شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل
سوسائٽي جو چار سال ميمبر پڻ رهيو. ڳوٺ ڀيان لڳ سندس اباڻو ڳوٺ درياءَ جي ٻوڏن سبب
ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڻ هميشه جي لاءِ ڳوٺ منظور آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. کيس ماڻهو پيار
مان ڪاڪو علڻ ٿيٻو به چوندا هئا. هو هڪ ايماندار، سچو ۽ کرو انسان هو. ظالم ۽ استحصالي
طبقي جي ماڻهن سان هن ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ڳالهائي. سياسي نقطه نگاه کان هو سائين
جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو ۽ عوامي خدمت سان سرشار جستجو سيد امداد محمد شاهه جي
رهنمائي ۾ ڪندو رهيو. ۱۶ کن ايڪڙ
زمين جو مالڪ هو، جنهن مان ٿيندڙ آمدني مان سموري دنيا کي منهن ڏيندو هو. سياست ۾ هميشه
تر جي عوام وٽ هردلعزيز رهڻ سبب مسلسل ٻارهن سال ڊسٽرڪٽ دادو جو ميمبر رهندو آيو. هن
۱۹۵۰ ۾ ۶ مهينا مچ جيل ۾ به گذاريا. ان دور کان وٺي ۱۹۷۷ تائين ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ مختلف جيلن جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ۾ قيد
ڪيو ويو هو. ضياءُ الحق جي مارشل لا کي غلط عمل سڏڻ تي خانوٺ ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ کيس
۵ ڏينهن بند ڪيو ويو هو. هن جون اڪثر ڪري
سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپر،
ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان صحبتون رهيون ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ڍاڪا ۾ ملاقاتون
۽ سياسي ڪچهريون ٿينديو رهيون هيون. سندس سخاوت جو هڪ مشهور واقعو ڪجهه هن ريت به آهي
ته: هڪ ڏينهن تيار ٿي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاه سان ملڻ لاءِ انڊس
هاءِ وي تي بس جو انتظار پئي ڪيائين ته ڪنهن فقير اچي کيس صدا هنئي ته الله جي نالي
تي مون کي ڪپڙا ڏيو. هن يڪدم مٿي تان ٽوال لاهي گوڏ ٻڌي ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي فقير کي ڏئي ڇڏيا. فقير چيس
ته ڪپڙن ۾ پيل پيسا به ڏيو، هن اهي پئسا به فقير کي ڏئي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هي سخي انسان
گوڏ ٻڌي پٺن اگهاڙو واپس گهر موٽيو. هيءُ عوام جي بي لوث خدمت ڪندڙ شخص ۱۹۹۲ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندس ياد ۾ ڳوٺ منظور آباد ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۱۴تي (اڄ) ورسي ملهائي
پئي وڃي.
پروفيسر عبدالمجيد - هيمون ڪالاڻي
پروفيسر عبدالمجيد
سندس سڦل حياتيءَ جي ۶۰ هين بهار
هيمون ڪالاڻي
لاکيڻي لطيف ’هرڻ هَماءُ‘ ٿي سسئيءَ کي پنهونءَ
جو پنڌ ووڙيندي، جيڪا سسئيءَ جي پنڌ جي تصوير ڪشي پنهنجي سر سسئي آبريءَ ۾ ڪئي آهي.
ان ’جستجو لاتقنطو‘ جا مثال سنڌ جي معاشري ۾ ڳولڻ سان اڄ به ڪيترا
ملندا، جن سنسار ۾ سرگردان گذاري پنهنجي حياتيءَ جي ورقن ۾ زندگيءَ جا اهڙا سبق سمويا
هوندا، جيڪر انهن جي ڦرهيءَ کي اچاري گيان وٺڻ ويهجي ته هوند اسرندڙ ٽَهين کي اڪابر
ڪري وجهجي. جتي شخصيتن جي ڀيد ڀاوَ مان ناموس نڪري وڃي ۽ وڏا بت ڪاغذي شينهن نڪرن ته
اتي بهتر ۽ پيشي سان مخلص ماڻهن توڙي پنهنجي ذات ۽ ڏڏن کي سخن ور ڪندڙ ڪردارن کي ڳولهي
ڦلهوري دنيا سان روشناس ڪرائڻ ڪٺن ڪم ضرور آهي، پر جن ماڻڪ ميڙيا، پريت ۽ ريت جي پت
رکي، سماج جو سونهون ٿي جوان اکين تي بينائيءَ جو چشمو چاڙهي، اونداهين ذهنن ۾ علم
جا ڏيئا روشن ڪري شعور جون ڪيتريون ئي لاٽون روشن ڪيو ن، انهن جو پورهيو سڦلتا جي پنڌ
تي مڃتا ضرور ماڻي ٿو. مرشد لطيف به چيو آهي ته:
ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي - گلاب پيرزادو
ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي
هڪ بهادر هاري اڳواڻ
گلاب پيرزادو
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن. انهن جي سموري شعوري
زندگي مسلسل جدوجهد ۽ پنهنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ لڳاتار جاکوڙ جي علامت هوندي آهي.
ڪامريڊ چاچا اسماعيل قريشي به هڪ اهڙي ڪردار جو مالڪ هئو. هُو خير پور ضلعي جي شهر
سڳيون جي ڀرسان قريشي ڳوٺ ۾ ڄائو نپنو. هوش سنڀاليائين ته ويجهو ئي راڻيپور واري پيرن
جي شهرت، نيڪ نامي ۽ دٻدٻو ڏٺائين. روايت موجب پاڻ به ان گاديءَ جو پهريان فقير ۽ پوءِ
خليفو بڻيو. ڪيترن ئي سالن تائين هُن جو ڪم راڻيپور جي پيرن جي لاءِ سندن مريدن خادمن
کان ڏَنُ وصول ڪري درگاهه تي پهچائڻ هوندو هئو. پوءِ جڏهن ۱۹۸۳ ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ پئي هلي ۽ قيادت پاران جيل ڀريو تحريڪ جي حڪمت
عملي جوڙي وئي ته چاچو به جيل ۾ وڃڻ لاءِ رضاڪار طور اڳيان آيو. گرفتاريءَ کان پوءِ
کيس سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي پهريون ڀيرو سندس ملاقات ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن
سان ٿي جيڪي پڻ ان ساڳي ارادي ۽ مقصد سان اڳي ئي قيد هئا. اتي پيپلز پارٽيءَ جا هاڻوڪا
ڪجهه وڏا اڳواڻ به باندي هئا جن ۾ نثار کهڙو، بابل جکراڻي، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ ٻيا
شامل آهن. ڪامريڊ ڄام ساقي جيل ۾ انهن ساٿين جو اسٽڊي سرڪل وٺندو هئو. ان کان علاوه
ساڳي جيل جي جنرل وارڊ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن جو هڪ ٻيو اسٽڊي سرڪل پڻ هلندو هئو
جنهن ۾ چاچي اسماعيل کي به ويهڻ جو موقعو مليو. جنهن کان پوءِ اها ئي ڪار ٿي جنهن کي
ڀٽائي پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين، تڏهانڪر
تِرَ جيترو، وير نه وسريام. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح
انور حسين وسطڙو
ثقافت کاتي سنڌ کان وسري ويل فنڪار
ساجد علي ملاح/نوابشاهه
موسيقيءَ جي دنيا ۾ استاد منظور علي خان هڪ وڏو
نالو آهي، استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن مان انور حسين وسطڙي به موسيقيءَ جي
دنيا ۾ پنهنجي استاد وانگر پاڻ مڃرايو آهي، جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان استاد منظور علي خان، انور حسين وسطڙو،
محمد يوسف، وحيد علي، فيروزگل، عابده پروين ۽ رونا ليليٰ جا ڪلام هلندا هئا، ته ماڻهو
گهڙيال جو وقت ڏسي ريڊيو جي ويجهو ٿي اهي ڪلام ٻڌندا هئا، گهرن، اوطاقن ۽ دڪانن، هوٽلن
تي انهن فنڪارن کي وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌو ويندو هو. ڪلاسيڪل ۽ فوڪ موسيقيءَ ۾ انور
حسين وسطڙو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، استاد منظور علي خان جي وفات کانپوءِ جڏهن ڪلاسيڪل
فوڪ موسيقيءَ ۾ اسان کي اونداهي نظر اچي رهي هئي، تڏهن هن مٺڙي آواز جي مالڪ انور حسين
وسطڙي موسيقيءَ کي بچايو، انور حسين وسطڙي جي ڪلامن مان ڪجهه ڪلام جيئن، ”منهنجي دل
اوهان سان الائي ڇو اڙي آ“ ”ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو مون کي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو“
وغيره تمام گهڻا مقبول ٿيا، بزرگ، جوان، توڙي عورتون به انهن ڪلامن کي
فرمائش طور ريڊيو تي انور حسين وسطڙي جي آواز کي پسند ڪنديون هيون ۽ وڏي شوق سان ڪيسٽ
تي پڻ هن سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳيءَ کي ٻڌو ويندو
هو، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان زندگيءَ ۾ انهن شخصيتن جو قدر نه ڪندا
آهيون پر انهن جي حياتيءَ کانپوءِ وڏا وڏا بيان، سيمينار ۽ سندن ياد ۾ تقريبون ڪوٺائيندا
آهيون، پر حياتي ۾ ڪڏهن به انهن ڪردارن کي ياد نه ڪيو ويندو آهي، ته اسان جا فنڪار
ڪهڙي حال ۾ آهن، انهن جو گذر سفر هن مهانگائيءَ جي دور ۾ ڪيئن ٿئي ٿو، اگر اسان جي
هنن فنڪارن کي ڪا بيماري ٿئي ٿي ته ثقافت کاتو هنن فنڪارن جي علاج ڪرائڻ لاءِ به تيار
نه آهي، هِي راڳي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهي ٿو، هن هيڏي وڏي ڪردار کي سنڌ ثقافت کاتو، ڪو
به وظيفو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، انور حسين
وسطڙو فالج ۽ دل جي بيماريءَ سبب بستري تي پيل رهيو پر سرڪار طرفان سندن ڪا به سار
نه لڌي وئي آهي، ثقافت کاتي سان بار بار رابطو ڪرڻ جي باوجود سنڌ جي هن ڪلاڪار کي ثقافت کاتي نظرانداز
ڪري ڇڏيو، مون جڏهن ساڻس ملاقات ڪئي، ته هن جي اکڙين مان بي اختيار لڙڪ وهي رهيا هئا،
۽ پوءِ جڏهن بيماريءَ ۽ غريبيءَ واري حالت ۾ به پنهنجو مشهور ڪلام ”حال منهنجا ڪير
پڇندو ڪير آ، منهنجو هتي“، جهونگاري رهيو هو، انور حسين وسطڙي جي اها حالت ڏسي مون
کي سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي، ضلعي نوابشاهه جي چونڊيل نمائندن جي رويي تي انتهائي حيرت
ٿي ته اسان جا حڪمران سنڌ جي ثقافت بچائڻ، اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا،
تقريرون ڪن ٿا، پر سنڌ جي ثقافت کي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ ڪلاڪارن جي سار نٿي لڌي
وڃي. اسان جا حڪمران اخبارن ۾ سَکڻا سياسي بيان ڏين ٿا پر سنڌ جي ثقافت ۽ موسيقيءَ
کي بچائڻ ۽ انهيءَ سفر کي جاري رکڻ لاءِ انور حسين وسطڙي جهڙن ڪردارن جي سهائتا ڪرڻي
پوندي.
Subscribe to:
Posts (Atom)