; سنڌي شخصيتون

05 August, 2012

غلام مجدد اسراڻ - رياضت ٻرڙو


غلام مجدد اسراڻ
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي جي نامور ”اسراڻ“ ڪٽنب سان واسطو رکندڙ اڳوڻو ڪامورو ۽ هاڻ پ پ پ جو ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ سياسي اڳواڻ آهي. هُو ۲۰۰۲ع ۾ سياست ۾ آيو، جڏهن پ پ پ پاران سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم پِي اي) قنبر تڪ تان منتخب ٿيو ۽ ٻيهر ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ پڻ ايم پِي اي ٿيو. غلام مجدد ولد غلام مصطفى اسراڻ سرڪاري رڪارڊ موجب ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۳۳ع تي (گھريلو رڪارڊ موجب ۳۶-۱۹۳۵ع ۾) ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ لاڙڪاڻي جي سنڌ مدرسي هاءِ اسڪول ۾، انٽر ۱۹۵۶ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، گريجوئيشن (بِي اي) ۱۹۵۸ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ ۽ ايل ايل بِي ۱۹۶۰ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. هو ۱۹۷۴ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ ڪيترو ئي وقت مختلف اعلى عهدن تي مقرر رهڻ کان پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ صوبي جي کاتي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ سيڪريٽري مقرر ٿي آيو، جنهن بعد ٻين مختلف کاتن ۾ به سيڪريٽري طور پنهنجون ذميواريون نڀايائين. هُو ۱۹۹۶ع ۾ پاپوليشن کاتي سنڌ جي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.

غلام حسين شاهه بخاري سيد

غلام حسين شاهه بخاري سيد، نقشبندي مجددي

رياضت ٻرڙو



حاجي سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي، قنبر شهر جي افضل مذهبي شخصيت آهن، جنهن جا مريد ملڪ جي چئني صوبن سميت پرڏيهه ۾ به آهن.

غلام مجتبى اسراڻ - رياضت ٻرڙو


غلام مجتبى اسراڻ
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي جي نامور سياسي ڪُٽنبَ ”اسراڻ“ سان واسطو رکندڙ پ پ پ جو مشهور سياسي اڳواڻ آهي. هُو ۱۹۸۸ع کان وٺي ۱۹۹۹ع تائين مسلسل ۴ ڀيرا سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم پِي اي) رهيو آهي ۽ زميندار پڻ آهي. غلام مجتبى ولد غلام مصطفى اسراڻ ۱۹۳۴ع ۾ ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن سياست جي شروعات جنرل ايوب خان جي دَور کان يونين ڪائونسل جي چيئرمئن طور منتخب ٿيڻ سان ڪئي، جنهن دوران هن خيرپور جوسي ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ سميت ٻيا ڪم ڪيا. هُو ۱۹۸۲ع ۾ عوام دوست نمائندي طور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمئن چونڊيو ويو. جڏهن ته ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع جي اليڪشنن ۾ سندس ڀاءُ غلام مجدد اسراڻ پ پ پ پاران ايم پِي اي منتخب ٿيو. غلام مجتبى اسراڻ جي رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.

علي گوهر ميراڻي - رياضت ٻرڙو


علي گوهر ميراڻي
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي جو مشهور سگھڙ آهي. وٽس سگھڙن جو ميلو متل رهندو آهي. علي گوهر ولد فقير بخشل ميراڻي ۲۳ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي علي خان محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو.  سندس نانو فقير غلام حسين ملاح ڏور ۽ ڳجھارت جو لوڪ شاعر هو. علي گوهر ميراڻيءَ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۸۰ع تائين سرڪاري ملازمت ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ ۱۹۸۴ع تائين خانگي ملازمت ڪري، ۱۹۸۴ع کان عريضي نويسي ڪري رهيو آهي. علي گوهر کي لوڪ ادب سان گھڻو لڳاءُ آهي، جنهن سان ۱۹۶۳ع کان وٺي لاڳاپيل آهي. لوڪ ادب جي مڙني صنفن سان آشنائي رکي ٿو. هُو سگھڙ جماعت تعلقي قنبر جو صدر رهي چڪو آهي. سندس رهائش مستوئي ڦاٽڪ ڀرسان آهي.

وڪيل علي انور گوپانگ - رياضت ٻرڙو


وڪيل علي انور گوپانگ
رياضت ٻرڙو
علي انور قنبر شهر جو نامور استاد، وڪيل، مشهور سماجي شخصيت ۽ ڀلوڙ شاعر هو. علي انور ولد محمد خان گوپانگ ۱۲ فيبروري ۱۹۳۵ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هُو ۵۷-۱۹۵۶ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد مقرر ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجو نالو هڪ هوشيار ۽ محنتي استاد طور پيدا ڪيو. هن شاعريءَ جي شروعات ۵۹-۱۹۵۸ع ڌاري ڪئي جيڪا ۷۵-۱۹۷۴ع تائين ڪندو رهيو، پوءِ شاعريءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي. ۶۱-۱۹۶۰ع ڌاري هن گوپانگ برادريءَ کي متحد ڪرڻ جي ڪوششن جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ هن گوپانگ برادريءَ جي هڪ انجمن به قائم ڪرائي، جنهن ۾ برادريءَ جا فيصلا وغيره ڪيا ويندا هئا. هن جو سماجي ڀلائي جي تنظيم ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽيءَ“ ۾ به سرگرم ڪردار رهيو. هُو ميونسپل ڪاميٽي قنبر جو ٻه اڍائي سال چيئرمئن به رهيو، جنهن دوران هن شهر جي صفائي سٿرائيءَ ۽ ماڻهن جي مسئلن جو خيال رکيو. سندس وڪالت جو عرصو ۸۹-۱۹۸۰ع جو آهي، جنهن دوران هن وڪيل طور سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي. ۱۹۸۳ع ۾ سياسي سرگرمين سبب کيس ايم آر ڊِي هلچل دوران گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر ۾ رکيو ويو. علي انور گوپانگ جي وفات ۱۰ فيبروري ۱۹۹۴ع تي ٿي.

عبدالستار ڏيرو - رياضت ٻرڙو


عبدالستار ڏيرو
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي سان واسطو رکندڙ سنڌ جو مشهور ڪامورو آهي. عبدالستار ولد غلام حيدر ڏيرو پهرين جنوري ۱۹۵۲ع تي ڳوٺ غلام حيدر ڏيري، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ بٺي مان پرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر، انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ انجنيئرنگ (سول) ۾ گريجوئيشن (بِي اِي) ۱۹۷۵ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. عبدالستار ڏيرو پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ئي انجنيئر مقرر ٿيو، جتي ڏهه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ ۸۹-۱۹۸۵ع دوران گوادر پورٽ تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو، ۱۹۸۹ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ هُو پورٽ قاسم تي ميمبر آف بورڊ براءِ لئنڊ ۽ اسپيشل پراجيڪٽ مقرر ٿيو، جنهن دوران هن ۲۱ هزار ايڪڙ زمين ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي صنعتي ڪمن لاءِ تيار ڪري ڏني. ان عهدي تي هن ۱۹۹۲ع تائين ڪم ڪيو. جنوري-اپريل ۱۹۹۳ع ۾ هُو پورٽ قاسم ۾ سيڪريٽري، ۹۴-۱۹۹۳ع ۾ ٻيهر ميمبر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پورٽ قاسم، ۹۹-۱۹۹۷ع پرنسپل ايگزيڪيوٽوِ ايڊمنسٽريشن رهيو ۽ ۱۹۹۹ع کان وٺي ڊائريڪٽر جنرل طور پورٽ قاسم تي مقرر رهڻ کان پوءِ رٽائر ٿيو. هو انيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي اهم، ٽريننگس، سيمينارن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس جيڪي سرٽيفيڪيٽ وغيره مليا آهن، تن ۾ پاڪستان انجنيئرس ڪائونسل، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ انگلئنڊ، پورٽ پلاننگ سب ڪاميٽي آف انٽرنيشنل ايسوسيئيشن جاپان، ميمبر ڊريجنگ ٽاسڪ فورس سب ڪاميٽي جاپان، آمريڪن بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ پاران انٽرنيشنل ڪلچرل ڊپلوما آف آنر ۽ ”فائيوِ هنڊريڊ ليڊرس آف انفلوئنس“، انگلئنڊ بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ، ڊپٽي گورنر ريسرچ ايسوسيئيشن وغيره شامل آهن. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

عبدالرحيم ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو


عبدالرحيم ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
هيءُ پنهنجي دَور جو سٺو ڪاتب هو. خطاطيءَ مان خوب ڄاڻيندو هو. هُو ۱۷۹۲ع ۾ ڦٽل ڳوٺ جھلي ۾ پيدا ٿيو. والد جو نالو علي هئس. هُو ۱۸۲۲ع ۾ ڀاوند لاکا مان لڏي ديهه ڪلر ۾ آباد ٿيو، جيڪو پوءِ ”ڪلر آباد“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هن جي وفات ۱۸۶۲ع ۾ ٿي. سندس پٽ لونگ پڻ سٺو ڪاتب هو، جيڪو ۱۸۳۵ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بي اولاد وفات ڪري ويو.

مولانا عبداللھ قريشي - رياضت ٻرڙو


مولانا عبداللھ قريشي
رياضت ٻرڙو
مولانا عبداللھ ولد مولانا محمد ڪامل قريشي ريشمي رومال تحريڪ (۱۹۱۳ع) جو هڪ ڪردار هو، جڏهن ته مولانا تاج محمد امروٽيءَ سان گڏ خلافت ۽ هجرت تحريڪن ۾ به حصو ورتائين. سندس ڏاڏو مفتي محمد صديق قضا جي عهدي تي مقرر هو. مولانا عبداللھ انگريزن جي سخت خلاف هو. مولانا عبداللھ جي پيدائش ۱۸۵۰ع ۾ ٿي. پاڻ ميان نور محمد ميڪڻ شهدادڪوٽيءَ جو پيارو شاگرد رهيو، جنهنڪري کيس ’صاحبزادو‘ سڏيندو هو. هن صاحب فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪَنڊڙي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي درسگاهن ۾ درس تدريس شروع ڪئي ۽ ڪافي شاگرد تيار ڪيائين. هُو آخري عمر ۾ آبائي ڳوٺ ٻير ۾ اچي فقهي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس وفات ۱۹۲۴ع ۾ ٿي.

عبدالحميد ميمڻ - رياضت ٻرڙو


عبدالحميد ميمڻ
رياضت ٻرڙو
هيءُ سماجي ڪارڪن ۽ قنبر ميونسپل ڪاميٽي ۾ سينئر سب انجنيئر آهي. هو پهريون شخص آهي جنهن قنبر ۾، ۲۰۰۴ع ۾، ”ميمڻ ڪمپيوٽرائيزڊ پريس“ لڳائي. عبدالحميد ولد عبدالوهاب ميمڻ پهرين مارچ ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ ڇڄڙا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڇڄڙن ۽ علي خان ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر ۾ پڙهي، ڊپلوما ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس مان ۽ بِي ٽيڪ (پاس) مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. عبدالحميد ميمڻ شاگرد هئڻ دوران ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ جساف جو ميمبر رهيو، ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۴ع تائين سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي گڏجاڻين جو ميزبان رهيو ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر سان لاڳاپيل آهي. سندس طبيعت سماجي خدمتن ڏانهن مائل رهي آهي. هن فنڪاريءَ جي سکيا، استاد اشرف علي ٻرڙي کان ورتي، پر پوءِ ذاتي مصروفيتن سبب شوق کي اڻپورو ڇڏي ڏنائين. عبدالحميد ميمڻ ۱۹۹۰ع کان وٺي قنبر ۾ رهي پيو.

عباس ڪوريجو - رياضت ٻرڙو


عباس ڪوريجو
رياضت ٻرڙو
هيءُ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. غلام عباس ولد حاڪم علي ڪوريجو پهرين مارچ ۱۹۸۳ع تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم قنبر ۾ پِرائڻ کان پوءِ هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (اڪنامڪس) پرائيويٽ ڪئي آهي. عباس ڪوريجي لکڻ جي شروعات ۱۹۹۹ع کان ڪئي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ۽ شاعري سرجي آهي. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو. هُو ۲۰۰۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ ان جو سيڪريٽري ۽ خزانچي به رهيو آهي. هن قنبر ۾ مختلف تعليمي ۽ ڪمپيوٽر جا ادارا پڻ هلايا آهن. انٽرنيٽ تي پڻ ويب سائيٽون جوڙڻ جي حوالي سان ڪم ڪري پيو. سندس مستقل رهائش ڳوٺ ڪوريجا ۾ آهي.

صابر فقير ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو


صابر فقير ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
هيءُ پنهنجي دَور جو عالم، بزرگ، شاعر، ليکڪ ۽ ڪاتب هو. پڙهڻ لکڻ سان چاهه هئس. صابر فقير ولد ميان حال اللھ ڪلهوڙو ۱۷۹۵ع تي ڳوٺ ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس قلمي نسخن جي زيارت لاءِ پري پري کان عقيدتمند ڪَهي ايندا هئا، جن کي هُو پنهنجا لکيل نسخا سوکڙي طور به ڏيندو هو. هن قرآن شريف جا ڪيترائي قلمي نسخا لکيا، تنهن کان سواءِ علم ابجد، شجري سازيءَ ۽ اسلام جي تاريخ تي به لکيائين، جن ۾ عربي، فارسي ۽ ابوالحسن جي سنڌي استعمال ٿيل آهي. سندس لکيل ڪجھ قلمي نسخن جا نالا هن ريت آهن: ڪنزالعبرت ، تاريخ عالم اسلام ، لغات نامه (عربيءَ ۾)، مدحيات ميان محمد حسن، فالنامه (فارسيءَ ۾)، طبِ فارسي، غزل عشق (فارسيءَ ۾)، فوائد والتسخير في علم الوقف والتڪبير (عربيءَ ۾)، مڪتوباتِ انشائيه (فارسيءَ ۾)، سورت واضحى مبارڪ جو تفسير ، علم ابجد، يوسف زليخا جو قصو، وغيره. اهو قلمي ذخيرو سندس پويَن وٽ زبون حالت ۾ موجود آهي. هن قرآن شريف جا لڳ ڀڳ ۲۰ قلمي نسخا لکيا. هن ۱۸۷۹ع ۾، هڪ نسخي ۾ ترجمو ۽ شرح فارسيءَ ۾ به لکي. سندس وفات ۱۹۱۳ع ۾ ٿي. کيس ڀاوند لاکا جي مقام ۾ دفنايو ويو.

ڊاڪٽر رحمت اللھ منگي - رياضت ٻرڙو


ڊاڪٽر رحمت اللھ منگي
رياضت ٻرڙو
هيءُ چيسٽ اسپيشلسٽ ۽ ماهر ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر رحمت اللھ ولد محمد موسى منگي ۵ آڪٽوبر ۱۹۵۶ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (ايم بِي بِي ايس) ۽ ايم سِي پِي ايس ڪئي آهي ۽ پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکي ٿو ۽ سينئر ميڊيڪل آفيسر آهي. هو ۱۹۸۳ع کان ڪراچيءَ ۾ لاسي ڳوٺ، گڏاپ ٽائون، ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

رامچند چمناڻي رياضت ٻرڙو


رامچند چمناڻي
رياضت ٻرڙو
سائين رامچند چمناڻي قنبر جو انتهائي لائق ۽ هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. رامچند ولد نامو مل ۲۸ آگسٽ ۱۹۱۱ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر ۾ حاصل ڪئي. هُو ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد طور مقرر هو ۽ هتان جي هوشيار استاد طور اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بيحد مشهور هو. اسڪول ۽ امتحان جي نظم ۽ ضبط جو سخت پابند هو ۽ ٻين لاءِ به ايئن چاهيندو هو. هڪ ڀيري اسڪول جي ڪجھ استادن مٿس هڪ ڪُوڙو الزام هڻي، سندس بيعزتي ڪئي، جنهن تان ان ئي حالت ۾ هُو خانصاحب دوست محمد خان هڪڙي وٽ شڪايت کڻي ويو، جنهن ساڻس انصاف ڪيو ۽ ملوث استادن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس احترام ڏنو، پر پوءِ سائين رامچند چمناڻي قنبر ۾ وڌيڪ ترسي نه سگھيو ۽ رتي ديري هليو ويو، جتي سندس آجيان گلن جي ورکا سان ڪئي وئي. هن پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سرڪٽ روڊ لڳ رهائش اختيار ڪئي.