پرسرام ”ضيا“ [1912ع – 1958ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
قومي درد رکندڙ ۽ غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارن جي غم
ونڊيندڙ، پرسرام ”ضيا“ پٽ ننديرام جهامناڻيءَ، ضلعي نواب شاه جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾
11 جولاءِ 1912ع تي جنم ورتو سندس پتا اکين کان ضعيف هو، جنهن ڪري ”پرسو“ سدائين
سندس ڏڍ هيو. جڏهن ستن سالن جو ٿيو، ته کيس ڀر واري اسڪول ۾ وهاريائونس، جتان ست
درجا سنڌي پاس ڪري، نواب شاه مان ور نيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.
