مجرم
لغاري
ناميارو
شاعر
الهجڙيو
شاد/جهڏو
ميرپور خاص جي ڳوٺ قيصر خان لغاري ۾ لعل بخش لغاري
جي گهر ۾ ۱۹۳۰ع ۾ جنم وٺندڙ هوت خان عرف مجرم لغاري، ابتدائي تعليم
تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي مدرسي مان حاصل ڪئي. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ،
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ڪورس مڪمل ڪري، تعليم کاتي ۾ پرائمري ماستر جي نوڪري
ورتائين. انهيءَ دوران هن شاعري شروع ڪئي ۽ ٽيهارو کن شعر لکي ”سچ ۾ مچ“ ڪتاب ڇپرايائين.
انقلابي شاعريءَ واري ڪتاب تي سرڪار ڪاوڙجي پيئي ۽ تعليم کاتي سنڌ پاران کيس شوڪاز
نوٽيس مليو. هن ورائي ان نوٽيس جي پوئين پاسي شاعريءَ ۾ جواب لکي واپس موڪلي ڏنو. ان
شعر جون ڪُجهه سِٽون هن ريت هيون.