; سنڌي شخصيتون: سعيده خاتون، پروفيسر توصيف احمد،
Showing posts with label سعيده خاتون، پروفيسر توصيف احمد،. Show all posts
Showing posts with label سعيده خاتون، پروفيسر توصيف احمد،. Show all posts

22 June, 2026

سعيده خاتون

سعيده خاتون

جنهن جو پٽ بلديا فيڪٽري ۾ سڙي مري ويو، ان جي ڪھاڻي

پروفيسر توصيف احمد


سعيده خاتون اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ پنهنجي خاندان سان رهندي هئي. ۱۹۷۱ع ۾ گهرو ويڙهه سبب سندس خاندان سخت متاثر ٿيو. ان کان پوءِ سعيده خاتون پنهنجي پٽ ايان سان گڏ ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ اچي آباد ٿي. هن حيدري واري علائقي ۾ هڪ ٻارن جي ڊي ڪيئر سينٽر ۾ نوڪري حاصل ڪئي، جتي روزانو ۸ ڪلاڪ مسلسل ڪم ڪرڻ کان پوءِ کيس مهيني جي آخر ۾ رڳو ۲ هزار ۵۰۰ رپيا ملندا هئا. هن لڳاتار ڏهه سال ڪم ڪيو ته مالڪن سندس پگهار ۾ هڪ هزار رپين جو اضافو ڪيو. سعيده خاتون کي انهيءَ ٿوري رقم مان گهر جا سڀ خرچ پورا ڪرڻا پوندا هئا، جن ۾ جاءِ جو ڪرايو به شامل هو. پوءِ سندس پگهار ۳ هزار ۵۰۰ رپيا ٿي وئي. جيئن ته روزگار جو ٻيو ڪو ذريعو نه هو، تنهن ڪري هوءَ انهيءَ نوڪري سان وابسته رهي.