; سنڌي شخصيتون: 2026

12 April, 2026

ممتاز رڏ

ممتاز رڏ

قول ۽ ڪردار جي بلند شخص جو وڇوڙو

گل ڪٽوھر



انسان ڪنھن نه ڪنھن مخصوص زماني ۾ جنم وٺي ھڪ خاص عرصي ۾ زندگي گذاري ھليو ويندو آھي، اھو سلسلو صدين کان ھلي پيو ۽ سدائين جاري رھندو. اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته ان سماجي جوڙجڪ ۾ ماڻھو ڪنھن جانور وانگي پورھيو ڪندي ۽ پنھنجو نسل وڌائيندي يا پنھنجي علم، ھنر حرفت، ڪلا، عمل، ڏاھپ سان سماج تي ڪي مثبت چٽا نشان ڇڏي ھليو ٿو وڃي جن کي ڏسي سندس دؤر يا کانئس پوءِ ايندڙ دؤرن جو نسل اتساھ ٿو وٺي. اھا ھڪ ڪسوٽي آھي جنھن تي پاڻ ڪنھن جي ڪردار جي پرک ڪندا آھيون. ھونئن لکين نه پر ڪروڙين انسان آھن جيڪي پنھنجي زندگيءَ جي شروعات کان قبر تائين بس ھڪ سماجي جانور واري زندگي گھاري ھليا ويندا آھن. بس ڪي داڻا ھوندا آھن، جيڪي الٽي اک ڌاري پنھنجي سوچ ۽ لوچ سان زندگي گذاريندا آھن. سندن زندگي رڳو سندن ناھي ھوندي اھي پنھنجي سماج اندر ٿيندڙ انيڪ گھٽ وڌائين، لاھين چاڙھين لاءِ +پنھنجو پاڻ کي ذميوار ڄاڻائيندي اھڙا ڪم ڪندا آھن جن جو اثر تمام وسيع ھوندو آھي. سندن عمل، ڪلا ڪري اڻ ڳڻين انسانن لاءِ روشن راھون کلنديون آھن. اھي پنھنجي قول ۽ فعل ۾ سچائي، ايمانداري ۽ انصاف کي نصب العين بڻائي ھلندا آھن، نفرت، تعصب ۽ تشدد کان پاسيرو رھندي ھر ڪنھن کي عزت ڏيڻ سندن حقن جو احترام ڪرڻ کي پنھنجي زندگيءَ جو اولين اصول بڻائي ڇڏيندا آھن. غريب ۽ بي وس انسانن جي مدد ڪندا آھن، عام ماڻھن جي تعليم، صحت کي سڌارڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندا آھن، علم ۽ شعور جي ڦھلاءُ ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ سندن خاص ڪردار ادا ڪندا آھن، اھي صنفي متڀيد کان آجي سماج جي جوڙجڪ جي شروعات پنھنجي گھر کان شروع ڪندا آھن. ھڪ مثالي گھراڻو جوڙي پوري سماج کي ساڳين راھن تي ھلڻ لاءِ ترغيب ڏيندا آھن. سماجي براين جا خاتمو بنا آگاھي، شعور ۽ باڪردار عمل کان سواءِ ممڪن ئي ناھي ۽ انھن ڳالھين لاءِ وري تعليم جو ھئڻ تمام ضروري آھي. اھوئي سبب آھي ته قوم، عوام، سماج جو ڀلو گھرندڙ ھر انسان جي پھرين ترجيح، ھر عام خاص لاءِ معياري تعليم تائين آسان رسائي ھوندي آھي. ان اصول کي اپنائيندي اھي تعليم جي ڀلي لاءِ ھڙان وڙان جاکوڙ جاري رکندا آھن. علم کي عام ڪرڻ نوجوان نسل ۾ سماجي، سياسي، تاريخي، ادبي، علمي، تمدني شعور پيدا ڪرڻ سندن رھنمائي ڪرڻ، سندن ذھن سازي ڪري کين سماج لاءِ ڪارائتو انسان بڻائڻ،. کين بري ڀلي جي تميز سيکارڻ، کين سمجھائڻ ته جھالت کڻي ڪيترن ئي مقدس ورقن ۾ ويڙھيل ڇونه ھجي اھا جھالت ئي رھندي ۽ کين اھڙن فردن ۽ انھن جي سرگرمين کان پاسيرو رھڻ گهرجي. سماج جا باشعور فرد نوجوان نسل کي افواھ ۽ اصل ۾ فرق واضح ڪري سمجھائيندا آھن، کين پنھنجي قومي ذميوارين لاءِ تيار ڪرڻ، ماضي جي عظيم انسانن جي ڪيل ڪارنامن کان آگاھ رکڻ مطلب ته ھو نوجوان نسل کي اھو سيکاريندا آھن ته اھي سماج اندر مثالي ڪردار ڪيئن بڻجي سگھن ٿا. سماج اندر مثبت ڪردار ادا ڪندڙ فرد نه صرف پاڻ سٺو انسان هوندو آهي، پر ٻين کي به سٺو بڻجڻ جي راهه ڏيکاريندو آھي. اھڙا ئي انسان ھوندا آھن، جيڪي قوم جياري ويندا آھن مثال قائم ڪري ويندا آھن ۽ بعد ۾ ايندڙ نسل سندن متعين ڪيل اصولن کي اپنائيندي پنھنجن سماجي جوڙ جڪ ۾ رھندي ساڳيون راھون وٺي زندگين کي سڦل بڻائيندا آھن.

گاجي شاھ کوسو

گاجي شاھ کوسو

سنڌ جو هڪ انتهائي بهادر جنرل ۽ مُڙس مٿير ويڙھاڪ

ذوالفقار علي ڪلهوڙو



سنڌ جي جبلن وارن علائقن ۾ سفر ڪندي، ڪيتريون ئي اهڙيون درگاهون نظر اچن ٿيون جيڪي انهن بزرگن ۽ ولين سان منسوب آهن، جن ۱۷هين صديءَ دوران ڪلهوڙن جي مشهور “ميانوال تحريڪ” يا طريقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. مان سال ۲۰۰۰ع کان وٺي سنڌ جي پيچيده تاريخ جو تجزيو ڪرڻ لاءِ زباني تاريخ (Oral History) ۽ بشرياتي (Ethnographic) انگ اکر گڏ ڪري رهيو آهيان.

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي

انسائيڪلوپيڊيا



پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي سنڌ جي انهن علمي شخصيتن مان آهي، جن تعليم، تحقيق ۽ تصنيف جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جو جنم پهرين جنوري ۱۹۴۷ع تي تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ جسڪاڻي ۾ قائم خان جسڪاڻي جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنهنجي ڳوٺ، ڪوٽڏيجي ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم.اي (سماجيات) جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۹۶ع ۾ Evolution of Sindhi Culture  in Archaeology and architecture تي سنڌ يونيورسٽي کان M.Phil جي ڊگري ورتي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو

ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو

سادو ۽ سٻاجهو انسان

رضوان گل



هي ڳالھ اڄ کان لڳ ڀڳ چاليھ سال اڳ جي آهي. جڏهن مان فقط نوَن يا ڏهن سالن جو هوندس. ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي منهنجي ذهن تي جيڪي چهرا چٽيءَ ريت تري ايندا آهن انهن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو پڻ هڪ آهي. مون کيس لڳ ڀڳ ان ئي عمر ۾ ڏٺو جيڪو تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي ان وقت سندس عمر ۶۵ جي لڳ ڀڳ هوندي. سندس اصل ڳوٺ ميروخان هو. جتان لڏي اچي لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد ۾ رهائش پذير ٿيو. سندس شادي سنڌي پٺاڻن مان ٿي (جيڪي اصل شڪارپور جا هئا پٺاڻن ۾ سندن پاڙو قريشي هو).

”ولي“ دائودپوٽو

”ولي“ دائودپوٽو

سنڌ کان وِسريل شاعر

حسيب ناياب منگي



سنڌ ۾ مون گهڻن ئي اهڙن شاعرن اديبن جو احوال ٻڌو آهي، جيڪي پنھنجي حياتيءَ ۾ ته باڪمال هئا، پر حياتي پوري ٿيڻ کانپوءِ اسان جي ادبي دنيا توڙي تذڪرن ۾ ايئن نظرانداز ٿيا، جو سندن ذڪر کان خالي ادبي تاريخن جا ورقَ اهو سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته اسانجي ساھت جي تاريخ مڪمل ناھي. ادبي مُورخن سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي ڪَوِيُن سان اهڙو روّيو رکي الائجي ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”ولي“ دائودپوٽو به ويجهي ماضيءَ جو اهو شاعر هو، جيڪو پنھنجي دؤر ۾ ادبي محفلن جو ته مور هوندو ئي هو، پر رسالن ۾ پڻ سندس ڪلام جَھجهي تعداد ۾ ڇپبو رهيو. هو ادبي تقريبن جي به جان هو، جن ۾ پنھنجو شعر پڙهي خوب داد حاصل ڪندو هو. سنڌ جي مشھور ۽ تاريخي شھر سکر ۾ ته سندس سونارڪي دوڪان تي شاعرن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي، پر افسوس جو هو نه ته ڪنھن اهڙي فرد کي ياد رهيو، جو مٿس يا سندس ڪلام تي ڪو ادبي تحقيقي ڪم ڪري سگهي، نه ئي وري سندس شاعريءَ جو ڪو مجموعو ڇپرائڻ لاءِ ڪو فرد يا ادارو سامھون آيو. نتيجو اهو نڪتو جو سخن جو هڪ اهم ڪردار ماڻهن کان وسري ويو ۽ نئون نسل ان جي شخصيت ۽ فن کان اڻ واقف رهجي ويو.

سيد حزب الله شاھ

سيد حزب الله شاھ

اڳوڻي خيرپور رياست جو حڪيم

پروفيسر مشتاق حسين چنا



حزب الله شاھ شڪارپور ۽ خيرپور جي هڪ مڃيل شخصيت هئا. سائين جن وڏي پائي جا عالم، جراح حڪيم ۽ صوفي منش هئا. سائين جن ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۰ع تي شڪارپور ۾ سائين حڪيم سيد قطب علي شاهي جن جي گهر جنم ورتو. سائين جن جا والد پڻ پائي جا حڪيم خدا ترس شخص هئا سندن حڪمت خانو دادوائي روڊ تي گهر سان ڳنڍيل هيو، جت صبوح ٿيڻ سان ئي سندن شفا خاني تي مريضن جو انبوه لڳڻ شروع ٿيندو هيو. انگريزن جو دور هيو ۽ ان مهل شڪارپور ۾ رڳو ٻه حڪيم هوندا هئا هڪ جڳ مشهور حڪيم فضل الله سومرو ٻيو سائين جن جو والد حڪيم سيد قطب علي شاھ. جيڪو ايڏو ماهر حڪيم هيو جو هڪ مريض کي مٿي ۾ ڪيڙا،هئا سائين جن جي دوا سان اهي جيت نڪ منجهان نڪري آيا . حزب الله شاھ پرائيمري تعليم شڪارپور جي هاٿيدر واري اسڪول ۾ پراڻي، وري سنڌي فائنل به هاءِ اسڪول شڪارپور منجهان ئي ڪئي. سندن والد بزرگوار سخت مذهبي ماڻهو هيو، کين شڪارپور جي هڪ مدرسي ۾ مولوي ٿيڻ لاءِ ويهاريو، پر کيس خبر نه هئي ته اهو اڄ جو نينگر سڀاڻي وڏو ٿي مولانا جالل الدين رومي رحمت الله عليه وانگر مذهب جو باغي ٿي صوفي فقير ٿي ويندو.

خليق الرحمان ڪيريو

خليق الرحمان ڪيريو

۽ لطيفي ببليوگرافي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



خليق الرحمان ڪيريي ڳوٺ جيئندو ڪيريو تعلقي ڀريا ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۷ تي جنم ورتو. بنيادي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ۲۰۰۳ ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول دالي مان، ۲۰۰۵ ۾ انٽر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڀريا مان، ۲۰۱۰ ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ۲۰۱۷ ۾ گورنمينٽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. هن لطيفي فن تي لکڻ پڙهڻ جي شروعات سن ۲۰۰۰ عيسوي کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام صبح مهراڻ جي سلسلي لطيفي لات ۾ خطن سان ڪئي. ۲۰۰۹ ۾ شاھ لطيف جي رسالي کي پڙهڻ شروع ڪيائين. ۲۰۱۳ کان وٺي پنهنجي ڏاڏا سائين (استاد الھورايو) جي نالي سان گهر ۾ لائبريري قائم ڪيائين، جنهن ۾ هن مختلف موضوعن تي ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. جن ۾ تاريخ، فلسفو، مذهب، سياست، ناول شاعري وغيره جا ڪتاب آهن. انهن سان گڏ لائبريري ۾ گهڻي ۾ گهڻا شاھ جي رسالن جا مختلف ڇاپا آهن. جن جو تعداد ۱۳۰ تائين ٿيندو سي موجود آهن. ۵۸۰ لطيفي ڪتاب موجود آهن. ڪجھ رسالي جا قلمي نسخا ۽ ۴۰ جي لڳ ڀڳ لطيفي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۽ ايم فل ٿيسز موجود آهن.

ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

رکيل مورائي



دل درد سان ڀريل آ، اکڙين ۾ آھي پاڻي.

هيءُ اکر لکندي، اڄ جي تاريخ تائين سنڌي ادب جي ڪيل مطالعي جي آڌار تي واڌو پنهنجي سموري عملي ادبي اعتبار تي اهو چئي رهيو آهيان ته بي وفا عمر منھنجي ھن دلبر دوست ۽ بيمثال ڪھاڻيڪار سان ساٿ نه نڀايو، جيڪڏهن هو اڄ تائين حيات هجي ها ۽ لڳاتار لکندو رهي ها ته پڪ سان سنڌي ادب کي اهڙيون ڪهاڻيون ڏيئي ها جن جي اعليٰ هجڻ جي شاهدي اڄ جي سنڌ جا سمورا ليکڪ ڏين ها! پر وقت پنھنجي رفتار سان ھلندو آھي، ھو ڪنھن جو بھ محتاج رھڻ وارو نه آھي

04 April, 2026

ڊاڪٽر ستار ٻٻر

ڊاڪٽر ستار ٻٻر

ادبي دنيا کان اوجھل رهجي ويل سنڌي ٻوليءَ جو تخليقڪار

عزيز ڪنگراڻي


چٽي طرح ياد اٿم ۱۹۷۴ع ۾ جڏهن مان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته نئن سول يا شول (هاڻ گاج) ڪناري ڪاڇي جي ڳوٺ ڪنڊي ٻٻر ۾ ۵ مارچ ۱۹۶۱ع تي محمد فاضل ٻٻر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عبدالستار ٻٻر نالي نينگر ڳوٺ حاجي خان مان ستين جماعت پاس ڪري اٺين ڪلاس ۾ جوهي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ منهنجو ڪلاس ميٽ بڻيو. مون سان گڏ هڪ بينچ تي ويهڻ جي ڪري ساڻس گهڻي ويجهڙائپ ٿي جيڪا گَهَرِي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. نهايت ذهين ۽ محنتي هجڻ ڪري ڪلاس ۾ پڻ نمايان سڃاڻپ ماڻيائين.

30 March, 2026

علي حسن ملاح

علي حسن ملاح

سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ڪندڙ ماھر

مُشتاق ٽانوري



ڄامشوري مان علي حسن ملاح جي وڇوڙي جي خبر پهتي، تمام گهڻو ڏک ٿيو. سنڌ کيس سنڌي نوجوانن ۾ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي تعليم لاءِ هميشه فڪرمند ڏٺو. گذريل سال ۲۳ جنوري ۲۰۲۵ع تي ھڪ سنڌي ٽي وي نيٽ ورڪ حيدرآباد جي ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ جي هال ۾ ”سنڌ ٽي وي سوشل ميڊيا ڪانفرنس“ ڪوٺائي هُئي، جنهن ۾ موبائل فون کان وٺي مصنوعي ذهانت تائين ميڊيا جي ترقي ۽ واهپي تي پُرمغز سيشن ٿيا. پنهنجي نوعيت جي انوکي ڪانفرنس ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي ماهرن سنڌي ٻولي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ان جي واهپي جي حوالي سان ويچار ونڊيا. ان ڪانفرنس ۾ مون علي حسن ملاح کي ڏٺو ۽ ٻُڌو. ان ڪانفرنس ۾ علي حسن ملاح سان گڏ ٻين ماهرن جون تقريرون ۽ خيال ٻڌي ان ڳالھ تي ويساھ وڌيو ته اهي ئي” آنڌيءَ ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي آهن“ جيڪي بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ علم وادب سان محبت جي جذبي سان پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري ڪم ڪري رهيا آهن. سندن سوچ بس اها آهي ته جديد ٽيڪنالوجي جي شور وغُل ۾ لطيف جي ٻولي پنهنجو وجود نه وڃائي ويهي. ماجد ڀرڳڙي کان علي حسن ملاح تائين انهن ماهرن جو سنڌي ٻولي سان اٿاھ عشق آهي جو ٽيڪنالاجيءَ جي ان زبردست لهر ۾ سنڌي ٻولي وري به پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺي آهي.

08 February, 2026

سھيل مڪاني

سھيل مڪاني

منظور ڪوھيار

-- ۱ --

پهريان جڏهن ڪو بزرگ وفات ڪندو ھيو ته چيو ويندو ھيو ته؛ ”سائينجن هن دنيا مان برقعو مٽائي ويا!“ ۽ بزرگ عورتن لاءِ به سندس ننهرن کي چوندي پنهنجي سرلن ڪنن سان ٻڌوسي ته ”ادي! منهنجي سس، جنهن کي الله جنت (جھنم) نصيب ڪري، جڏهن برقعو مٽايائين ته مون کي شوال ۾ پھريٽي پٽ ڄائو ھيو!“ انهن ڳالھين مان تصور جڙيو ته عزرائيل بزرگن ۽ بزرگاڻين کي برقعا پارائي ٻي پار پھچائيندو آھي. ان کان اڳ جو عزرائيل مون کي برقعو پارائي کڻي وڃي، پختو ارادو ڪيو اٿم ته سھيل مڪاني تي خاڪو لکي ڇڏجي. پوءِ خبر ناھي الائي ڇا حياتي....!