سيد حزب الله شاھ
اڳوڻي خيرپور رياست جو
حڪيم
پروفيسر مشتاق
حسين چنا
حزب الله شاھ شڪارپور ۽ خيرپور
جي هڪ مڃيل شخصيت هئا. سائين جن وڏي پائي جا عالم، جراح حڪيم ۽ صوفي منش هئا.
سائين جن ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۳۰ع تي شڪارپور ۾ سائين حڪيم سيد قطب علي شاهي جن جي گهر جنم ورتو. سائين جن
جا والد پڻ پائي جا حڪيم خدا ترس شخص هئا سندن حڪمت خانو دادوائي روڊ تي گهر سان
ڳنڍيل هيو، جت صبوح ٿيڻ سان ئي سندن شفا خاني تي مريضن جو انبوه لڳڻ شروع ٿيندو
هيو. انگريزن جو دور هيو ۽ ان مهل شڪارپور ۾ رڳو ٻه حڪيم هوندا هئا هڪ جڳ مشهور
حڪيم فضل الله سومرو ٻيو سائين جن جو والد حڪيم سيد قطب علي شاھ. جيڪو ايڏو ماهر حڪيم
هيو جو هڪ مريض کي مٿي ۾ ڪيڙا،هئا سائين جن جي دوا سان اهي جيت نڪ منجهان نڪري آيا
. حزب الله شاھ پرائيمري تعليم شڪارپور جي هاٿيدر واري اسڪول ۾ پراڻي، وري سنڌي
فائنل به هاءِ اسڪول شڪارپور منجهان ئي ڪئي. سندن والد بزرگوار سخت مذهبي ماڻهو
هيو، کين شڪارپور جي هڪ مدرسي ۾ مولوي ٿيڻ لاءِ ويهاريو، پر کيس خبر نه هئي ته اهو
اڄ جو نينگر سڀاڻي وڏو ٿي مولانا جالل الدين رومي رحمت الله عليه وانگر مذهب جو
باغي ٿي صوفي فقير ٿي ويندو.