غلام محمد گرامي
“گل” نصرپوري
اي موت! شل ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين!
سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، ۲۹_ سيپٽمبر ۱۹۲۵ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم با مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!
اڃا شاخ حيات تي هوُ “نوشگفته گل” وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!
ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.
ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندن تحريرن ۽ شعر و شاعري جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رهي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب “طالب الموليٰ” سان سندس نيازمندانه تعلقات رهيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انهن کان اصلاح ورتائين.
جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئين ڀيرا موت سان مقابل ٿيو. ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب “فهيم” ۽ مان، هر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رهياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رهياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا به فروگذاشت نه ڪئي ويئي. سندس غريب مائٽن، اگر تگر گلجي پويان گل ڪيو. ٻه_چار مهينا صحيتاب ٿيو. علم و ادب ۾ سرهاڻ پکيڙيندورهيو، مجلسن ۾ ايندو رهيو، مشاعرن ۾ شعر پڙهندو رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رهيو.
هڪ ڏينهن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي، کيس آمريڪن استال لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. هوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. هلندو رهيو وقت گذاريندو رهيو.
رسالي “مهراڻ” لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي “مهراڻ” ۾ شايع ڪيون ويون.
اڃا تائين تقرير هٿ ۾ هئس ته بيماريءَ جي اوچتي حملي جهوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.
علاج جاري رهيو، موسمين جي رس سندس غذا رهي! پر گل کي ته معطر نشونما، ۽ عطربيز چمن واري ماحول جي ضرورت هئي!__ گهر جي تنگ ۽ تايرڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساهه تي بار پيو. مون ڏانهن خط لکندو رهيو، تاثرات بيان ڪندورهيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجدانگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانهن موڪليندو رهيو. منهنجي تسلي برِ صواب نه ٿي.
29_ سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجي پوڙهي پيءُ، غمزده ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري نموڪلاڻي ڪيائين!__ ۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪليائين.
اسان وياسين، ڳوڙها ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والده جون عرش رسا آهون ۽ دانهون اڄ به عرش عظيم جي دروازن سان ٽڪرائجي رهيون آهن.
نوشگفته گل ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه به نه ڏٺائين، اڃا شادي به ڪا نه ڪئي هئائين، سندس مڱڻو ٿيل هو، شاديءَ ۾ اڃا ٻه مهينا دير هئي.
اسان وٽ سندس ڪتاب “درياءُ جي ڪپ تي”، سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مهراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻه_چار مقالا، سندس ايم.اي ۾ لکيل مقالو، ۽سندس اهي خط، جي مون ڏانهن لکندو رهيو، علمي يادگار طور باقي رهجي ويا آهن. رهي نام الله ڪا!
ڪَڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. (لطيف)
انا لله وانا اليہ راجعون.
“گل” تو تي الله جي رحمت هجي!
*-------------*---------------*