مرحوم پروفيسر نذير احمد
سومرو
اديب، نقاد ۽ دوست
عاشق منگي
حـــــال امـــــــداد جـــــــو پـــــڇــــو ڇــــا ٿا؟
اڄ مـــڙئي ســـور ڪجهه ســوايو آ.
لاڙڪاڻي کان ايندڙ
نئون ديري واري بس تي ڪيهرن کان، گهر ڏانهن موٽي رهيو هوس، ويٺل ماڻهن تي نظر ڦيرايم،
پروفيسر صاحب جي فيمليءَ جو هڪ فرد به ويٺل هيو. کانئس سندس صحت بابت پڇا ڪيم.
“طبيعت بهتر ڪو
نه اٿس، اڳي کان تڪليف وڌي وئي اٿس.“ هن جواب ڏنو. ٻئي خاموش ٿي وياسين. هو پيرڳوٺ
اسٽاپ تي لهي ويو ۽ مان سوچيندو گهر پهتس.
