; سنڌي شخصيتون: وفا ناٿن شاهي، پروفيسر نذير احمد سومرو، رضوان گل،
Showing posts with label وفا ناٿن شاهي، پروفيسر نذير احمد سومرو، رضوان گل،. Show all posts
Showing posts with label وفا ناٿن شاهي، پروفيسر نذير احمد سومرو، رضوان گل،. Show all posts

12 March, 2011

وفا ناٿن شاهي

وفا ناٿن شاهي

هڪ شخص هڪ شاعر

پروفيسر نذير احمد سومرو



ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. زندگيءَ جا ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال، پل بڻجي, هوا ۾ اڏري ويا آهن. ۱۹۷۶ع جي جنوري وارو مهينو هو. سڄو آسمان ڪارن ڪڪرن ۽ ڀورن بادلن سان ڀريل هو. سڄي رات مينهن ڇڇڪار ڪري وسيو هو. صبح جا ۱۰ پئي ٿيا پر اڃا سنهي بوند لڳاتار وسي رهي هئي. جنهن جسم ۾ سيئاندو پئي ڪيو. (ان زماني ۾ سيءَ به ڏاڍا پوندا هئا. ويهين صديءَ جي آخري سالن کان نقلي خدائن بم بارود هڻي. اصل خدا جي ڌرتي کي ڌرتتي ۽ تنور بڻائي ڇڏيو آهي، جو سيءَ ۽ ڪتيءَ لٿا پارا به ڄڻ موڪلائي ويا آهن). مان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، هاڻوڪي استاد بخاري ڪاليج، دادوءَ جي ڪيمپس ۾ ٺهيل هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾، ڪوئلن جي سگريءَ تي چانهه ٺاهي رهيو هيم. ڪمري جو ٻيڪڙيل در، اوچتو کليو ۽ استاد بخاريءَ جو آواز آيو؛ “ڇو ڀلا ۱۰ به ٿي ويا آهن ۽ اڃا ڪاليج لاءِ تيار ناهين ٿيو؟” سگريءَ تي نظر پوندي چيائين؛ “ههڙي سهاني موسم، اڃا به ائين چئجي ته عاشقاڻي موسم ۾ چئبو ته چانهه جو مزو پيو وٺين.” سندس پويان، ٻه قداور ۽ اوپرا ماڻهو به اندر داخل ٿيا. منجھائنن هڪڙو ڪلين شيو هو ۽ مٿي تي هلڪا وار هيس. ٻئي جون مڇون رکيل ھيون ۽ ڏاڙهي صاف ھئس. نظر جي عينڪ پاتل ھئس ۽ مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئر-ڪٽ وڏا وار رکيل هيس. ٽپ ڏئياٿيس ۽ استاد بخاريءَ سان ڀاڪر پائي مليم. باقي ٻنهي سان روايتي سنڌي انداز ۾ کيڪار ڪيم ۽ کين ڪرسين تي ويهڻ جي آڇ ڪيم. ھو ٻئي ته ڪرسين تي ويهي رهيا پر استاد بخاري بوٽ لاهي، مون واري وڇايل هنڌ تي چڙهي، گرم ڪمبل ۾ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي چيو؛ “ننڍپڻ لاڪون پاڻ کي سوڙ ۾ ويڙهي يا گهر جي چلهه ۾ ٻريل باهه جي ڀرسان ويهي هٿ پير سيڪڻ، منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي عياشي رهي آهي. هينئر به جڏهن منهنجي عمر ۴۰ سالن کان مٿي هلڻ واري آهي ته به آئون ڄڻ ڪو ٻار آهيان، جيڪو سوڙ ۽ چلهه جي ڀرسان ويهڻ واري عياشي ڪري ٿو.”