; سنڌي شخصيتون: October 2016

12 October, 2016

مولانا عبيدالله سنڌي

مولانا عبيدالله سنڌي
امام انقلاب
محمد سليمان وساڻ
مولانا عبيدالله سنڌي ۱۰ مارچ ۱۸۷۲ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش کان اڳ، سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ، کيس پنهنجي پيڪن ۾، ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس. ۱۵ آگست ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين ۽ اتي ۶ مهينا رهيو. ۱۸۸۸ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين.

11 October, 2016

ڪشنچند بيوس

ڪشنچند بيوس
جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي. ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو.

بشير مورياڻي - رکيل مورائي

بشير مورياڻي
وسارڻ جهڙو ليکڪ نه آهي
رکيل مورائي
سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو بشير مورياڻي- 2 اگسٽ 1934ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 26 فيبروريءَ 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خبر فقط ايتري آهي. جيڪا اسانجون سنڌي اخبارون نه ڏيئي سگهيون ۽ سنڌي چئنلن کي اهڙي سُڌ نه پئجي سگهي. ٻيءَ طرح احساساتي سطح تي هو سنڌ جي هڪ بيمثال شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ ۽ هڪ بيڪار شهر ۾ پنهنجا آخري پساھ پورا ڪيائين!
شڪارپور-جتي ساميءَ ۽ شيخ اياز جهڙن مها ڪوين جنم ورتو، ساڳئي وقت زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾ اعليٰ مقام رکندڙ ڪيترائي شخص شڪار جي سڃاڻپ آهن ۽ اڄ جي شڪارپور اها آهي، جيڪڏهن غالب ان شهر ۾ رهندڙ هجي ها ته پڪ سان ايئن ئي لکي ها ته:

ڪامريڊ حيدر جويو -عيسيٰ ميمڻ

ڪامريڊ حيدر جويو
گھاٽي بَـڙَ جي ڇانوَ-
عيسيٰ ميمڻ
واقفيت: 1997ع ۾ مان ستين ڪلاس ۾ داخل اڃان مس ٿيو هئس، ٻاراڻا خيال ۽ سوچون بانبڙا پائڻ لڳيون هيون. علم و ادب ڏانھن ”گل ڦل“، ”ارچڪ مرچڪ“، ”گلستان“ ۽ ”سنڌي ٻارڙا“ جھڙن ٻاراڻن رسالن جي ذريعي لاڙو پيدا ٿي رهيو هو. جاگيرداري سماج ۾ هر شيءِ سست رفتار هلندي آهي، ان ڪري ڪم گهٽ ۽ واندڪائي وڌيڪ هئڻ سبب اڪثر هوٽلن تي پنھنجو وقت گذرڻ معمول جو حصو هوندو هو. رسالا هٿ ۾ به ان نيت سان کڻندو هئس ته پاڻ کي ٻين کان مٿڀرو ڏيکاريان. اهو ئي خيال کڻي هوٽل تي رسالن سميت اچي ويٺس ته ديو مالائي شخصيت به منھنجي ڀرسان اچي ويٺي. پھرين ڏسڻ سان ته ڀئُه پيدا ٿيو ته الائي ڪير آهي، وري اچي به منھنجي ڀر ۾ ويٺو. مون جھڙو جيتامڙو ماڻهو هن جي ڀرسان ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪو جبل جي ڀرسان ڪا ڪِول بيٺي هجي.

زيب سنڌي


زيب سنڌي
گهڻ صلاحيتو ۽ متحرڪ اديب
رضوان گُل
سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ کي نئون جنم ڏئي ان کي جوان جماڻ بڻايو. جن همعصر ڪهاڻيڪارن جديد انداز ۾ ڪهاڻي قافلي کي اڳتي وڌايو، انهن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتي جو ٽائيٽل مليو، جن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ جمال ابڙو شامل آهن. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ جمال ابڙي جو تعلق وري لاڙڪاڻي سان هئڻ به اتفاق جي ڳالهه آهي پر اهو اتفاق هو يا لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي زرخيزي جو سنڌي ڪهاڻي جي ٽه مورتيءَ جا ٻه فرد هن تَر جا هئا. ان ڳالهه جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺبو ته لاڙڪاڻو جيڪو سياست کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳرو رهيو آهي، ڪهاڻي واري شعبي ۾ به سموري سرهاڻ واسيل سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين ضلعن کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جو هتي اياز قادري ۽ جمال ابڙي واري ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي اهڙن ڪهاڻيڪارن جنم ورتو، جن ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو نالو مڃرايو.

09 October, 2016

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
هڪ فرد- هڪ ادارو
عيسيٰ ميمڻ
جڏهن سماج ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري، اڳتي وڌندا آهن، تڏھن اهي سماج فردن کان وڌيڪ ادارن تي ڀروسو ڪندا آهن. دنيا جا سمورا ترقي يافته سماج، ادارن جي ڪم کي ئي ڀروسي جوڳو سمجهندا آهن. پسمانده سماجن ۾، وري ڪي فرد ادارن جي حيثيت رکندا آهن، جيڪي سماج جي گهڻ-طرفي اڏاوت ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته سماج جي ترقي، چاھي ارتقائي هجي يا انقلابي، ٻنهي صورتن ۾ فرد جو ڪردار اهميت لھڻي ٿو. سنڌي سماج جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ ۾ ادارن کان وڌيڪ فردن جو ڪم رهيو آهي ۽ اهڙا ئي فرد پنھنجي ذات ۾ انجمن جي حيثيت رکندا آهن. اهڙن فردن مان سنڌ جي انتھائي پسمانده علائقي جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو به هڪ آهي. هن جنھن ماحول ۾ اک کولي اهو ماحول سردارن، جاگيردارن، وڏيرين ۽ قبائيلت جي ور چڙهيل هو ۽ آهي. جتي شعور، علم ۽ ادب جي ڳالهه ڪرڻ ڪنھن چڪور جو انڌياري ۾ اڏرڻ ۽ نيل ڪنول جو گندي پاڻيءَ ۾ وجود رکڻ برابر هو ۽ آهي. مون سان ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جو پھريون تعارف ۲۰۰۱ع ۾ تڏهن ٿيو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران ڏوڪريءَ ۾ ليڪچر ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي دعوت ڏني ويئي هئي. ڊاڪٽر صاحب ٻه ڏينھن ڏوڪريءَ ۾ رهيو هو. تڏهن ٻئي ڏينھن ساڻس گڏ هوندي، ڊاڪٽر صاحب علمي، ادبي ۽ شخصي طور تي ايترو اثر ڇڏيو هو جو اڄ تائين ڊاڪٽر صاحب جي سحر کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهيان.

سراج ميمڻ


سراج ميمڻ
سنڌي لسانيات جي ماھر کي سلام
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، ۱: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو ۲: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال ٿيندڙ لاڙو يا طريقو ۳: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي، ۴ ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا لهجو وغيره “