; سنڌي شخصيتون: June 2013

17 June, 2013

طارق عالم - عزيز گوپانگ

طارق عالم
جنهن کي ڄامشوري جون هوائون ڳولن ٿيون
عزيز گوپانگ
طارق مون کي پنهنجو دوست ۽ مان پاڻ کي سندس پرستار سمجهندو هوس. هُو عمر ۾ مون کان پنج ڇهه سال وڏو ۽ شعور ۾ مون سميت پنهنجي سموري ٽهيءَ کان پُورا نوانوي سال وڏو هو. هُن نه شاعري سکي ۽ نه ئي ڪهاڻي لکڻ جو ڪو شارٽ ڪورس ڪيو ۽ نه ئي ڊرامه رائيٽنگ جي تربيت ورتي، هو عُمر ۽ ادب ۾ ساڳي رفتار سان وڏو ٿيندو ۽ وڌندو رهيو ۽ جيستائين پُهتو، اُهو سندس عمر ۽ تخليق جو آخري ماڳ ثابت ٿيو.

15 June, 2013

اميران بيگم - نصير احمد چنا

اميران بيگم
لوڪ گيتن جي سريلي فنڪارا
۸ جون سندس ورسيءَ جي حوالي ۾
نصير احمد چنا
سنڌي ماڻهو جهڙا قربائتا آهن، اهڙي ئي سنڌي ٻولي لوڪ ادب ۾ مڪمل طور تي ڪارائتي ثابت ٿي آهي. شاهه رح سائين جي شاعري کان لوڪ گيتن تائين جي تاريخ ۾ نظر وجهبي ته جنهن سيلقي سان ٺيٺ سنڌي ٻولي جا لفظ پر لطف نظر ايندا. ائين شايد متان ڪنهن ٻي ٻولي جا لفظ نه نظر اچن. جڏهن لوڪ ادب جي ڳالهه نڪري اچي ٿي ته کوڙ سارا نالا ذهن ۾ تري آيا آهن. جن پنهنج  دل سان هميشه لوڪ گيتن کي زندهه رکيو جن ۾ جيجي زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، زليخان، خديجا توڙي زيب النساءِ ۽ وغيره مطلب ته هر هڪ فنڪار ان موضوع تي پنهنجي پنهنجي واري وڄائي آهي پر انهن ۾ سنڌي لوڪ گيتن ۽ سهرن جون تمام گهڻيون ڪيسٽون جنهن ڏنيون آهن. اها ڄاتل سڃاتل سنڌي سهرن جي راڻي محترمه اميران بيگم ئي آهي، جنهن جي زندگي ڄڻڪه لوڪ گيتن ۽ سهرن لاءِ ئي مقرر هئي. اسان ڏسون ٿا ته لوڪ گيتن/سهرن جون جيتريون نيون طرزون/ڌنون اميران بيگم پيش ڪيون آهن. ايتريون طرزون/ڌنون ڪنهن به ٻئي فنڪاره نه ڏنيون آهن. اهو به هڪ موسيقي جي دنيا ۾ ڪمال آهي. اميران بيگم کي سنڌي لوڪ گيتن سهرن تي عبور حاصل هو.

14 June, 2013

رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي

رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي

نم جي ٿڌي ڇانوَ جهڙو ماڻهو

شاهنواز ڀٽي



سنڌ ڌرتي ڏاڍا پيارا، سلڇڻا، نيڪ ۽ سٻاجهڙا پٽ ڄڻيا آهن، جن جي شخصيت پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. ڪي سياسي ڪردار، ڪي فنڪار، ڪي شاعر ته ڪي ليکڪ ۽ وري ڪي باغي سالار ته ڪي وري ڏاها، سُگهڙ، سلڇڻا، قربائتا، مهمان نواز، زماني ساز ۽ بزرگ، جن جي موجودگي علائقن اندر ڏور ڏور تائين هر وجود لاءِ هڪ آٿت جواحساس هوندي آهي، جڏهن به مسئلن جي تکي اُس ڪنهن جي وجود کي ساڙي ته هو ڊوڙي وڃي ان بزرگ جي شفقت جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پناهه وٺي ته سندس ڏک ڏور ٿي وڃن، اهي جيڪي مثال مون پيش ڪيا، اهي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچن ٿا. شهر جيمس آباد جيڪو هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو، جنهن جي هڪ معزز هستي، بزرگ سياستدان ۽ علائقي جي هڪ انتهائي قابل احترام ۽ شريف النفس انسان رئيس خير محمد ڀرڳڙي، خميس رات وڃي خالق حقيقي سان مليو. جڏهن اها خبر علائقي ۾ پکڙي ته پاڻ سان گڏ ڏک ۽ افسوس جو سنيهو کڻي آئي، جنهن به ماڻهو سندس لاڏاڻي جو ٻڌو، اهو هڪ لمحي لاءِ افسوس ۾ خاموش ٿي ويو.

11 June, 2013

ڪاشف حسين سومرو- ارشاد جوڻيجو

ڪاشف حسين سومرو
پيار جو پيڪر
ارشاد جوڻيجو
ڪاشف حسين سومرو، جنهن جو جنم ڏند ڪٿائن جهڙي ماضي رکندڙ شهر شڪارپور جي علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. هن جنهن دور ۾ اک کولي، تنهن وقت ماضي جو هي شاهوڪار شهر اجڙي ڀڙڀانگ ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي حياتيءَ ۾ شڪارپور کي هڪ اجڙيل شهر جي صورت ۾ ڏٺو، جتي زندگي جي رونقن بجاءِ موت جو خوف رقص ڪندو رهيو هو. ان جي باوجود هن کي پنهنجي شهر سان بيحد محبت هئي. اهو شايد سندس تربيت جو ڪمال هو، يا سندس طبعيت جي انفراديت، جو هن پنهنجي اسٽوڊنٽ لائيف ۾ پنهنجي قابليت جو جوهر ڏيکاريو، ۽ تقريري ۽ تحريري مقابلن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري، تعليمي نظام ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ پنهنجي ساٿين ۾ به اهڙو رجحان پيدا ڪيو. ۽ ان جذبي تحت ئي هن مختلف تعليمي مرحلا طئي ڪيا، ۽ ايم اي اردو ادب ۾ ڪرڻ سان گڏوگڏ ايم ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين.

07 June, 2013

گلاب فقير جوڳي جون ڳالهيون - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

گلاب فقير جوڳي جون ڳالهيون
ٻارن کي ڄمڻ سان ئي نانگ جي ستي پياريندا آهيون
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سنياسي جوڳين سان تعلق رکندڙ گلاب فقير جوڳي ولد لونگ فقير جوڳيءَ جو تعلق عمرڪوٽ ضلعي سان آهي. ۵۵ سالن جي هن فقير جو رنگ سانورو، هٿ ۾ مرلي، گودڙي ۽ نانگ واري ٽٻڻي ۽ سندس ويس گيڙو آهي.

03 June, 2013

استاد نذير خان - نصير مرزا

استاد نذير خان
محبوب صفت طبله نواز
نصير مرزا
ڪوئي نه جي مون کان پُڇي، ته محبوب صفت طبله نواز استاد نذير خان مرحوم کي ڪنهن پکيءَ سان ڀيٽ ڏئي، ته جيڪر جهٽ ۾ چوان: نذير خان ائين هو، جيئن پکين ۾ هنجُ پکي. پاڪ و پاڪيزه، اَڇو اُجرو، بدن تي سدائين ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا ۽ پان جي لاليءَ سان گلال چپڙا، سڀاءُ بي طمع، صابر و شاڪر ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا  لئه ڪار .. ۽ ياد اٿم، ڪي ورهيه اڳ اسٽوڊيو ۾ ويٺي ڪچهري ڪئي سين، جو ترنگ ۾ اچي چوڻ لڳو: اڀي سائين، مين آپ ڪو طبله پر ايڪ ٺيڪا سُناتا هون، جسڪا نام هئه، ”سُول فاخته،“ يه ٺيڪا پانچ ماتره ڪا هئه اور حضرت امير خسرو ڪي ايجاد هئه. اڀي آپ ڪو يه مين سنائون گا تو، آپ ڪو محسوس هوگا، جيسي آپ ڪي سامني ڪوئي فاخته ڦُر ڦُر... آسمان ڪي جانب اُڙتي چلي جارهي هئه....“ ۽ يا الله... هاڻي هيءَ سترهين اپريل جي رات هئي، جو نامياري ڪي بورڊ پليئر ”روشن جي“ جو ايس ايم ايس مون وٽ پهتو ... ۽ بس اکين مان ٽپ ٽپ ڪري ڳوڙها ڳڙڻ شروع ٿي ويا ۽ ٻاهر کليل آسمان هيٺان آيس، ته هڪ هڪ ستاري کي ڄڻ ٽٽندي، پرزا پرزا ٿيندي ۽ هر پاسي ڦُر ڦُر.. سول فاخته کي اڏامندي محسوس ڪيم، تڏهن هاڻي ڊوڙندو، لياقت ڪالونيءَ ۾ موجود پنهنجي يار نذير خان جي ڳليءَ ڏانهن وڌڻ لڳس ۽ اوستائين پهچندي پهچندي، ڄڻ ٽيهه ورهيه پوئتي ئي ته وڃي آئون پهتو هوس. جڏهن اوڻيهه سؤ چوراسيءَ ۾ مون کي ريڊيو حيدرآباد جي شعبهء موسيقيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو ۽ يا منهنجا مولى... موسيقيءَ جي ماهرن جي، ڇا ته اُتي کير ڌارا جرڪي پئي! موسيقار غلام نبي، استاد محمد جمن، استاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ امير خان سارنگي نواز، امام بخش عرف اِمو ڪلام نيٽ پليئر، پڪواز تي احمد نواز، گهڙي تي احمد ميربحر، پوءِ راڳيندڙن مان، ادي عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، علڻ فقير، ڍول فقير، موهن ڀڳت ۽ انهن سڀني سان لئه تال تي سنگت ڪندڙ، بس هي اڪيلو، سهڻو من موهڻو، ماٺيڻو ۽ نمرتا جو مجسمو: استاد نذير خان ۽ ان شعبي ۾ ڪم ڪندي، هيءَ الائي ڪيئن، نذير خان جي مون سان ۽ منهنجي هُن سان هڪڙي شديد ”ماٺ- محبت“ شروع ٿي وئي هئي. تڏهن هڪ ڏينهن، آهستگيءَ سان منهنجي پيشاني ڏانهن ڏسندي چيائين: مين ديک رها هون ڪه، آپ بهت اوپر تڪ جائين گي..“  تڏهن مون مُرڪي، آسمان ڏانهن نگاهه کنئي، ته پاڻ اک جي اشاري سان اسٽيشن ڊائريڪٽر واري آفيس ڏانهن ڏسندي چيائين، مين آپ ڪو اُڌر ديک رها هون... ۽ قسم پاڪ پروردگار جو، پنج ورهيه اڳ، مون کي جڏهن ان عهدي جي لاءِ چونڊيو ويو، ته استاد نذير خان اهو پهريون منهنجو دوست هو، جيڪو ريڊيو حيدرآباد جي دروازي تي گلن جا هار کنيو، منهنجي آمد جو منتظر بيٺو هو.

02 June, 2013

ڪامريڊ اومو مل - خالد ڪنڀار

ڪامريڊ اومو مل
شهيد ڀٽي جي هڪ ڪارڪن سان محبت جي ڪهاڻي
خالد ڪنڀار
اٺاسيءَ واري اليڪشن ۾ ڪامريڊ اومي مل، ڊاڪٽر کٽومل لاءِ ايم پي اي واري ٽڪيٽ بيگم نصرت ڀٽو کان ضد ڪري ورتي هئي، نه ته انهيءَ ٽڪيٽ جي مخالفت پي ڪي شاهاڻيءَ کان وٺي گهڻن اقليتي ميمبرن ڪئي هئي. چون ٿا تڏهن ڪامريڊ اومي مل کي ايم اين اي جي ٽڪيٽ پنهنجي نالي سان پي ڪي شاهاڻي ڏئي چڪو هو. هنن صرف کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تـڏهن ڪامريڊ اومون مل  مخدوم طالب المولا وٽ نه صرف شڪايت کڻي ويو، پر هو محترمه بينظير صاحبه وٽ مخدوم صاحب کي گڏ وٺي ويو. پر انهيءَ جي باوجود محترمه کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪامريڊ اومي کي ٽڪيٽ ڏيو، پر کٽومل کي نه ڏيو. پوءِ ڪامريڊ اومو بيگم نصرت ڀٽو سان وڃي مليو ۽ چيائين،”هن پارٽي ۾ منهنجي هڪڙي ٽڪيٽ جي به اميد ناهي ڇا؟“ انهيءَ تي بيگم نصرت ڀٽو.. چون ٿا ته محترمه کي فون ڪيو ته سنڌ ۾ اقليتن جون ٻه ٽڪيٽون.. هڪڙي قومي ۽ هڪڙي صوبائي جي مونکي ڏيو، باقي سڄي سنڌ ۾ اوهانجي مرضي آهي. انهيءَ تي محترمه مجبور ٿي ايم پي اي جي ٽڪيٽ کٽو مل کي ڏني ۽ قومي جي ٽڪيٽ هو اڳ ۾ ئي ڪامريڊ اومي مل کي ڏئي چڪي هئي. نه ته انهيءَ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ لياري ۾ ڊاڪٽري ڪندو هو. انهيءَ ئي اٺاسيءَ واري اليڪشن ۾ کٽو مل ايم پي اي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو ۽ ڪامريڊ اومون مل چار سؤ ووٽن تان هارائي ويو. انهي ئي ڪامريڊ اومي مل کي ۷۹ واري اليڪشن ۾ ايم پي اي جي پ پ پ واري ٽڪيٽ ملي هئي. پر ضياءِ اليڪشن ڪينسل ڪري ڇڏي. اها انهيءَ دور جي پيپلز پارٽي هئي، جنهن ۾ هڪڙي مال جون کلون ڳوٺن مان وٺي وڪڻندڙ ميگهواڙ قبيلي جي فرد جي ايڏي حيثيت  هئي.