رزاق سهتو
ساڌ ٻيلي جهڙو
اسحاق انصاري
هر انسان هڪ مڪمل ڪهاڻي
آهي، ناول آهي, داستان آهي. هُن جي ٻالڪپڻ جي ڇِمڪڻي کان وٺي، پوڙهائپ جي لٺ
تائين؛ هڪ داستان آهي جنهن ۾ معصم ٻار جي کِل آهي ته وري جوانيءَ جي پگهر جي
خوشبوءِ به آهي. ۽ پڪي اوستا جون پريشانيون، هڪ يونٽ (گهر) جي سربراهه ٿيڻ جون
مطمئن ۽ غير مطمئن ڪيفيتون به آهن؛ ته وري پوڙهپ جي نستلجيا به آهي. ۽ هيڻي هجڻ جو
هڪ باب آهي. تڏهن ته چوان ٿو؛ ته انسان هڪ داستان آهي، ڪهاڻي آهي مرثيوآهي. ۽ غزل
آهي. پر اهوئي داستان، هڪ ڪهاڻي جڏهن پاڻ ڪهاڻي سرجڻ شروع ڪري ته هڪ معجزو ٿئي ٿو.
تخليق هڪ فطري عمل سهي پر هرهڪ جي وس جي ڳاهه به ناهي.
