پروفيسر هاسانند پرسواڻي
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جي سڪ-پل تي
موجود هن جي قائم ڪيل ”رستم سنگيت منڊل“ گهڻن ڏينهن کان ماٺ اختيار ڪري چڪي هئي. شڪارپورين
جو اصل روح شڪارپور مان هندستان اڏرڻ شروع ڪري ڏنو هو. ان ايڏي وڏي جهٽڪي سبب سندس
روح رت پيو روئي ۽ بيقراري هن جي من کي وڪوڙي وئي هئي. سخت تڪليف ۾ رهندي هو سڪپل
تان هيٺ لهندي تبديل ٿيندڙ منظرن کي گهرائيءَ سان ڏسي رهيو هو. سڪپل کان دادوائي
روڊ لتاڙيندو جڏهن هاٿيدر پهچي ٿو ته کيس ياد ٿو اچي ته هند ۽ سنڌ جي نالي واري ڪوي
کيئلداس ’فاني‘ کي وٺندو بگيءَ تي چڙهي ڪاليج پهچان. اڄ فرسٽ ايئر ڪلاس ۽ انٽر ڪلاس
اندر 'انسانيت' تي ليڪچر ڏيڻو اٿم. ’فاني‘ سان ملي ٿو ته کيس معلوم پيو ٿئي ته
’فاني‘ جي مٿان به غم جي لهر ڇانيل آهي. ’فاني‘ هڪ پنو کيسي مان ڪڍي پنهنجا نيراني
نوان لکيل بيت ڇا ٻڌائيس ٿو ته پنهنجو سڀ ڪجهه وسري ٿو وڃينس. ورهاڱي جي وڍن کي
گهرائيءَ سان محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. ڏک واري ڪيفيت ۾ هو ’فاني‘ سان آهستي اظهاري ٿو ته
”شڪارپور مان هاڻي اسان کي ٻاهر موڪلڻ جو پورو پورو خاڪو تيار ٿي چڪو آهي. ’فاني‘
هي هزاريدر تان گذر ڪريون ٿا ڏس ته يار! ڪيڏي نه سانت آهي. اجهو ’جماڻي هال‘ آيو.
ايڏي ماٺ! ايڏي خاموشي اول ته نظر نه آئي هئي. ڪٿي آهي شڪارپوري سماج جو عڪس؟ جنهن
ذهنن تي نقش اڀاري ڇڏيا هئا. ڇا ايڪتا جا رنگ ئي مٽجي ويا آهن؟“