شيخ اياز- ۳
هڪ باغي، هڪ انقلابي
شاعر
رام اوڏ
سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽
رجحان هڪ شاعر تي اثر انداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو.
جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽
شعور کي سگھه بخشي. ۱۹۵۵ع کان
نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان
دؤر ۾ اياز گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز
جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” ۱۹۶۴ع ۾، “ڪلهي
پاتم ڪينرو” ۱۹۶۸ع ۾، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۱۹۸۶ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان ڊسمبر
۱۹۶۵ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي
وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر ۱۹۶۸ع کان
فيبروري ۱۹۶۹ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو.
اياز ٽيون دفعو مئي ۱۹۷۱ع کان
جنوري ۱۹۷۲ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي
طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.